پياري آقا و مولا حضور عليه الصلوات والسلام جن رجب، شعبان ۽ رمضان جي باري ۾ فرمايو ته؛ رَجَب شَهۡر اللهِ وَشَعۡبَانُ شَهۡرِيۡ وَرَمَضَانُ شَهۡرُ اُمَّتِي.(ما ثبت من السنة۔صفحو ١٣٥)، ترجمو:رجب الله جو مهينو آهي ۽ شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان منهنجي امت جو مهينو آهي ۽ هڪ ٻئي روايت ۾ حضور اڪرم ﷺجن ارشاد فرمايو آهي: ترجمو: بيشڪ رجب عظمت وارو مهينو آهي ان ۾ نيڪن جو ثواب ٻيڻو ٿي ملندو آهي۔جيڪو شخص رجب ۾ هڪ ڏينهن روزو رکندو ڄڻ ته ان پوري سال جا روزا رکيا۔(ما ثبت من السنة۔صفحو ١٣٥) ۽ هڪ ٻي روايت ۾ آهي: رجب جي فضيلت باقي مهينن تي ائين آهي جهڙي طرح مان محمّد ﷺ جي فضيلت باقي تمام انبياء ڪرام عليهم السلام تي، ۽ رمضان المبارڪ جي فضيلت باقي مهينن تي ائين آهي جهڙي طرح الله تعاليٰ جي فضيلت پنهنجن ٻانهن تي۔(ما ثبت من السنة۔صفحو١٢٨)، مؤمنن جي ماءُ حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها کان روايت آهي ته; رجب وڏو عظيم مهينو آهي ان ۾ الله تعاليٰ نيڪيون ٻيڻيون ڪندو آهي ۔پوء جنهن رجب ۾ هڪ روزو رکيو ڄڻ ته ان پوري سال جا روزا رکيا ۽ جنهن ان ۾ ست روزا رکيا۔ان تي جهنم جا دروازا بند ڪيا وڃن ٿا۔۽ جنهن ان ۾ اٺ روزا رکيا ان تي جنت جا اٺ ئي دروازا کوليا وڃن ٿا۔ ۽ جنهن ان جا ڏھ روزا رکيا تهاهو ماڻهو الله تعاليٰ کان جيڪو به گهرندو الله تعاليٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي عطا فرمائي ڇڏيندو۔۽ جنهن ان مهيني جا پندرنهن روزا رکيا ان شخص جي لاءِ آسمان کان آواز ايندو آهي ته: تنهنجا گذريل سمورا گناه بخشيا ويا آهن ۽ هاڻي گهڻي عمل ڪرڻ سان توکي گهڻو ثواب ڏنو ويندو۔هڪ ٻئي روايت ۾ آهي ته: بيشڪ جنت ۾ هڪ نهر آهي جنهن کي ”رجب“چوندا آهن۔ کير کان وڌيڪ سفيد آهي۔ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي آهي۔ جنهن رجب جي ڏينهن جو هڪ روزو به رکيو، الله تعاليٰ ان ماڻهوءَ کي ان نهر مان سيراب (ڍؤ)ڪرائيندو۔(سنن الهدى،صفحو٢٩٣) ، حضرت ابن عباس رضي الله عنهما کان روايت آهي ته:رجب ۾ هڪ رات آهي ان ۾ عبادت ڪرڻ واري جي لاءِ سؤ سالن جون نيڪيون لکيون وڃن ٿيون۔۽ اها رات ستاويھ رجب جي آهي جنهن ان۾ ٻارنهن رڪعتون پڙهيون۔هر رڪعت ۾ الحمد ۽ ان سان گڏ ڪا سورت ملائڻ کان پوءِ: سُبۡحَانَ اللهِ وَالۡحَمۡدُ لِلِه وَلاَاِلٰہَ اِلَّا اللهُ وَاللهُ اَکۡبَرُ سؤ دفعا، ۽ اَسۡتَغۡفِرُاللهَ سؤ دفعا، ۽ حضور عليه الصلوت تي درود شريف سؤ دفعا پڙهيائين، پوءِ پنهنجي لاءِ دنيا ۽ آخرت کان جيڪو چاهيائين دعا گهريائين ۽ صبح جو روزو رکيائين ته الله تبارڪ وتعاليٰ بيشڪ ان جي دعا قبول ڪرڻ فرمائيندو۔ما سواءِ گناهن جي دعا جي۔(ما ثبت من السنة۔صفحو ١٢٨) ، حضرت ابو هريره رضي الله عنه کان روايت آهي ته: جنهن ستاويھين جو روزو رکيو الله تعاليٰ انهيءِ جي لاءِ سٺ مهينن جي عبادت جو ثواب لکندو۔هي اهو ڏينهن آهي جو ان ۾ حضرت جبرائيل امين عليه السلام حضور انور عليه السلام تي رسالت کڻي آيو۔ رجب مهيني جي پهرين خميس کي ليلةالرغائب چوندا آهن۔ان خميس جي ڏينهن مغرب جي نماز کان پوءِ ٻارنهن رڪعتون نفل ڇهن سلامن سان ادا ڪيون وڃن۔هر رڪعت ۾ سورت فاتحه کان پوءِ انا انزلناه ٽي مرتبا ۽ سورت اخلاص ٻارنهن دفعا پڙهي۔۽ نماز جي فارغ ٿيڻ کان پوءِ ستر دفعا هي درود پاڪ پڙهي اللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي مُحَمَّدِنِ الَّنَّبِيِّ اَلۡاُمِّيِّ وَعَلٰي آلِہٖ وَاَصۡحَابِہٖ وَسَلَّمَ۔پوءِ سجدي ۾ وڃي ستر دفعا هي پڙهي :سُبُّوح قُدُّوس رَبُّنَا وَرَبُّ المَلَائِکَةِ وَالرُّوۡحِ ۽ سجدي کان پوءِ مٿو مٿي کڻي ستر دفعا هي پڙهي: رَبِ اغۡفِرۡ وَارۡحَمۡ وَتَجَاوَزۡ عَمَّا تَعۡلَمُ،فَاِنَّکۡ اَنۡتَ الۡعَلِيُّ الۡعَظِيۡمُ ، پوءِ سجدو ادا ڪري ۽ ان ۾ دعا گهري ۽ جيڪا دعا گهرندو الله قبول فرمائيندو (ما ثبت من السنة۔صفحو ١٣٦)، رجب جي ستاويهين تاريخ انتهائي بابرڪت رات آهي۔ان رات حضور سيد الانبياء حبيب ڪبريا صلي الله عليه وآله وسلم جو معراج ٿيو ۽ ديدار الاهي کان مشرف ٿيا ۽ جنهن ان ۾ روزو رکيو ان کي سٺ مهينن جي روزن جو ثواب عطا ڪيو ويندو۔(غنية الطالبين۔ج۔١۔ص۔١٨٢) ، رجب جي ستاويهين رات جي نفلن کي اهڙي طرح پڙهجي جو ٻن رڪعتن نفلن جي نيت ڪري هر رڪعت ۾الحمد کان پوءِ قل هو الله ايڪويھ دفعا پڙهجي ۽ نماز کان فارغ ٿي ڪري ڏھ دفعا درود شريف پڙهجي ان کان پوءِ هي دعا پڙهجي اَللّٰهُمَّ اِنِّي اَسۡاَلُکَ بِمُشَاهَدَةِ اَسۡرَارِ المُحِبِّيۡنَ وَبِالۡخِلوَةِ الَّتِيۡ خَصَّصۡتَ بِهَا سَيِّدَ الۡمُرۡسَلِيۡنَ حِيۡنَ اَسۡرَيۡتَ بِہِ لَيۡلَةَ السَّابِعِ وَالۡعِشۡرِيۡنَ اَنۡ تَرۡحَم قَلۡبِيَ الۡحَزِيۡنَ وَتُجِيۡبَ دَعۡوَتِيۡ يَااَکۡرَمَ الۡاَکۡرَمِيۡنَ۔ ته الله تبارڪ و تعاليٰ ان جي دعا قبول فرمائيندو ۽ جڏهن ٻين جي دل مرده ٿي ويندي ته ان جي دل الله تعاليٰ زنده ڪندو۔(نزهة المجالس،ج ١،ص ١٣٠)، رجب مهيني جي ستاويهين رات نماز فرض ٿي ۽ زڪوات به۔.(مرقاة شرح مشڪواة،ج٤،ص١١٨)، رسول الله صليٰ الله تعاليٰ عليه وآله وسلم جن فرمايو ته شعبان، رجب ۽ رمضان جي وچ ۾ هڪ مهينو آهي، ماڻهو ان جي شان کان غافل آهن. ان ۾ ماڻهن جا اعمال کنيا ويندا آهن ۽ مون کي هي پسند آهي ته منهنجا اعمال ان حال ۾ کنيا وڃن جو آءُ روزيدار هجان (بيهقي شريف). آتش بازي يعني ڦٽاڪا ٻارڻ؛ بيشڪ اجايو خرچ ڪندڙ شيطان جاڀائر آهن ۽ شيطان پنهنجي رب جو وڏو ناشڪرو آهي (سوره بني اسرائيل آيت 27 - 26).، هن آيت ۾ لفظ تبذير استعمال ٿيل آهي تبذير ۽ اسراف ۾ فرق آهي. حلال مال ۾ حد اعتدال کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ جو نالو اسراف آهي ۽ ناجائز ۽ حرام ڪمن تي خرچ ڪرڻ جو نالو تبذير آهي لحاظه ڦٽاڪا ٻارڻ تي هڪ روپيه به خرچ ڪندو ته اهو حرام آهي، شب برات ۾ ڦٽاڪا ٻارڻ دين سان مذاق آهي اهڙي طرح پهرين قومن دين سان مذاق ڪئي ۽ دين کي راند روند ڪري ورتو ۽ عذاب الاهي ۾ گرفتار ٿيا. انهن مان اسان کي عبرت حاصل ڪرڻ گهرجي. الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ فرمايو.”۽ انهن کي ڇڏي ڏي جن پنهنجي دين کي راند روند سمجهيو. انهن کي دنيا جي زندگي فريب ڏنو۽ قرآن سان انهن کي نصيحت ڪر متان ڪا جان پنهنجي ڪئي تي پڪڙي نه وڃي. (سوره انعام آيت 70 ترجمه ڪنز الايمان). حضور اڪرم نور مجسم صلي الله تعاليٰ عليه وآله وسلم جو زمانو آيو صحابه ڪرام رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين جو زمانو گذريو، تابعين ۽ ائمه اربحه جو زمانو گذريو پر ڪنهن کان به آتش بازي وغيره ثابت ڪونهي. شيخ عبدالحق محدث دهلوي رحمته الله تعاليٰ عليه ماثبت في السنه ۾ فرمائن ٿا هندستان بلڪه اڪثر شهرن ۾ جيڪو هن رات چراغان جي ڪثرت ۽ آتش بازي ۽ ٻين راند روند جي ڪمن ۾ ماڻهو مشغول ٿين ٿا هي خراب رسم هندستان کان علاوه ٻين ملڪن ۾ ڪونهي. ملا علي قاري رحمته الله عليه مشکوٰه المصابيح جي شرح ۾ فرمائن ٿا ته آتش بازي جي شروعات بزامڪه نالي هڪ شخص ڪئي جيڪو آتش پرست هو. جڏهن مسلمان ٿيو ته دين جي آڙ وٺي آتش بازي کي اسلام ۾ داخل ڪيو. جڏهن مسلمانن سان رڪوع ۽ سجده ڪندو هو ته انجي خيال ۾ اڳيان باهه هوندي هئي. عجب آهي ته انهن شين کي پسند ڪريون ٿا جن جو نتيجو نقصان کان علاوه ٻيو ڪجهه به نه آهي. ۽ هنن شين جو اسلام سان ڪو به واسطو ڪونهي رجب، شعبان ۽ رمضان المبارڪ جا مهينا وڏي برڪتن وارا مهينا آهن ان ۾ پنهنجي پالڻهار کان پنهنجي گناهن جي معافي طلب ڪرڻ گهرجي ۽ پياري پالڻهار کي روئي روئي راضي ڪرڻ گهرجي ته دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابيون حاصل ٿي سگهن.اسان جي گهرن مان مصيبتون، درد، مرض، تڪليفون، بيماريون ۽ ٻيون ظاهري باطني وبائون دفع ٿي وڃن. هن 27 هين رجب شب معراج جي ڀلاري رات ۾ الله جي رضاءَ جي لاءِ عبادت ڪئي وڃي وڌ ۾ وڌ آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم مٿان درود سلام “ الصلوات والسلام عليڪ ياسيدي يا رسول الله ” وعليٰ آلڪ و اصحابڪ ياسيدي يا نور الله ” پڙهنداسين ته انشاءَ الله عزوجل ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي. جيڪو ماڻهو گهڻو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ۾ صبح جو 313 دفعا درود و سلام پڙهندو ته ڄڻ انهي سڄو ڏينهن ۽ جيڪو رات جو پڙهندو ته انهيءَ ڄڻ سڄي رات درود و سلام پڙهيو ايترو اجر و ثواب ملندو. انهيءَ لاءِ نسبت محبت جي ڪڙيءَ ۾ اهم ترين عبادت پياري آقا و مولا حضور عليه الصلوات والسلام مٿان درود و سلام پڙهڻ آهي. انهي لاءِ عاشق رسول شاعر چيو آهي ته ؛ دکهون ني ستايا هي تو درود پاڪ پڙهو، اگر حاضري ڪي تمنا هي ته درود پاڪ پڙهو. هر درد ڪي دوا هي صلي عليٰ محمدنِ صلي الله تعاليٰ عليه وآله وسلم.
0 تبصرے