ملير، گڏاپ ۽ گھگھر جي ڪيترن ئي اسڪولن کي تالا لڳل، معصوم ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿيڻ لڳي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي ڀرتين دوران مبينا بدانتظامي سبب تعليمي ادارا خالي ۽ ويران بڻجي ويا آهن. ان حوالي سان مقامي استادن ۽ اسڪول مينيجمينٽ ڪميٽي (SMC) طرفان ڪيترين ئي درخواستن باوجود انتظاميا طرفان اڃا تائين ڪو به مؤثر قدم نه کنيو ويو آهي.ذريعن موجب پروبيشن پيريڊ دوران ڪجهه استادن جون پوسٽنگون جعلي رپورٽن ۽ ذاتي پسنديدگي جي بنياد تي ڪيون پيون وڃن. خاص طور تي ملير، گڊاپ ۽ گھگھر جي ڪيترن ئي اسڪولن کي تالا لڳل آهن، جڏهن ته ڳوٺ وليداد سالار ۽ ٻين پسمانده علائقن ۾ اسڪول مڪمل طور بند پيل آهن.مقامي رهواسين ۽ اهلِ علم جو چوڻ آهي ته من پسند استادن کي اڳ ئي استادن جي گهڻائي وارن علائقن ۾ مقرر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ضرورت مند ۽ پسمانده علائقن جا اسڪول استادن کان خالي آهن. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پروبيشن پيريڊ دوران 100 کان وڌيڪ استاد ٻاهرين علائقن مان ملير ۾ آڻي مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن سبب مقامي شاگردن ۽ مجموعي تعليمي نظام کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي.سول سوسائٽي، استاد ۽ والدين تعليم واري وزير سردار شاهه ۽ ڊي اي او سيڪنڊري ملير جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪندي ان کي تعليم دشمن قدم قرار ڏنو آهي. اهلِ علم ۽ مقامي اڳواڻن موجب تعليمي بحران خلاف عدالت وڃڻ جي تياري شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن انصاف حاصل ڪري سگهجي.ان سلسلي ۾ محمد سومار سالار، حاجي عبدالرشيد، نانا وليداد سالار، شير علي سالار، ڪرم دين سالار، نور حسن سالار ۽ ڪامريڊ اظهر الدين سميت ٻين شهرين به عوام کان حمايت جي اپيل ڪئي آهي.ملير جي عوام ۽ استادن جو مطالبو آهي ته تعليمي ادارن ۾ شفاف طريقي سان ڀرتيون ڪيون وڃن ۽ پسمانده علائقن جي اسڪولن کي فوري طور فعال ڪيو وڃي، جيئن شاگردن جو تعليمي مستقبل محفوظ بڻائي سگهجي
0 تبصرے