سجاول پوليس جون ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون تيز، ڪيترائي گرفتار

سجاول پوليس جون ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون تيز، ڪيترائي گرفتار

سجاول(رپورٽر)ضلع سجاول پوليس جا منشيات. گھٽڪا مٽيريل سپلائير ۽ گھٽڪا فروشن خلاف ڪاروايون جاري. هڪ ديسي شراب جي ڀٺي مسمار 70 ليٽر ديسي شراب 20 ڪلوگرام گھٽڪو مٽيريل. 130 گرام چرس. 1000 گھٽڪا ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ. تفصيل موجب. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي هدايتن تي سڄي ضلعي ۾ ڪاروايون جاري. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي گشت دوران گرين سٽي ڪالوني ويجھو ٻہ منشيات فروش نعيم اوٺو ۽ رشيد آرائين کي 10 ليٽر ديسي شراب سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو انچارج چوڪي شاھبندر غلام عباس پنھور گشت دوران ٻچا بند سهتا گولائي ويجھو منشيات فروش عبدالخالق پرهياڙ کي 10 ليٽر ديسي شراب سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او جاتي منور احمد هڪڙو گشت دوران مندان موري ويجھو منشيات فروش ڏوهاري مختيار علي سميجو کي 130 گرام چرس سميت گرفتار ڪري نارڪوٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. چوهڙ جمالي پوليس گشت دوران شاھبندر روڊ گهاڙي موري ويجھو گھٽڪا سپلائير ڏوهاري عاشق علي اوٺو کي 20 ڪلوگرام گھٽڪو سوپاري 1000 گھٽڪا ۽ هڪ موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ايس ايڇ او بٺورو صفدر علي سولنگي مخفي اطلاع تي ھاء اسڪول بٺورو ويجھو ڏوهارين جي گھرن ۾ قائم ديسي شراب جي ڀٺي تي ڪامياب ڇاپو. پوليس ڪارروائي جي نتيجي ۾ ٻہ ڏوهاري مراد ملاح ۽ شريف پڃاروکي گرفتار ڪري ورتو ۽ 50 ليٽر ديسي شراب ۽ بٺي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو