اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن آف سنڌ (سجاس) جي ميزباني هيٺ سالياني ايوارڊز تقريب منعقد

ايوارڊ تقريب جي روايت کي جاري رکڻ تي سجاس زبردست خراجِ تحسين جي لائق آهي: صوبائي وزير محمد بخش مهر

اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن آف سنڌ (سجاس) جي ميزباني هيٺ سالياني ايوارڊز تقريب منعقد

ڪراچي (اسپورٽس رپورٽر)اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن آف سنڌ (سجاس) جي ميزباني هيٺ سالياني ايوارڊز 2025 جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ باصلاحيت رانديگرن، صحافين ۽ اسپورٽس سان لاڳاپيل شخصيتن کي شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ايوارڊز ۽ گولڊ ميڊلز سان نوازيو ويو.عمره جي ادائيگي لاءِ ٿيل قرعہ اندازي ۾ سجاس جا چار خوش نصيب ميمبر فيضان لاکاني، عارف ميمڻ، فيضان مصطفيٰ نقوي ۽ انيس الرحمن شامل ٿيا، جڏهن ته متبادل طور سليمان خان، عبيد اعوان، رياض الدين ۽ شهزاد علي شهزي جا نالا شامل ڪيا ويا.تقريب دوران اي آءِ پي ايس ميمبرشپ حاصل ڪندڙ سجاس ميمبرن ۾ ميمبرشپ ڪارڊ پڻ ورهايا ويا.تقريب جو خاص مهمان سنڌ جو راندين ۽ نوجواننن وارو وزير سردار محمد بخش خان مهر هو، جڏهن ته اسٽينڊنگ ڪميٽي براءِ اسپورٽس جي چيئرمين سينيٽر رانا مشهود، ۽ سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز سنڌ سيد منور علي مهيسر به خصوصي طور شرڪت ڪئي.ٻين معزز مهمانن ۾ سجاس جا ٽرسٽيز ڊاڪٽر جنيد علي شاهه، خواجه احمد مستقيم، ڊي جي پي آءِ ڊي محترمه ارم تنوير، سنڌ اسيمبلي جا ميمبر شارق جمال، آصف موسيٰ، ڪراچي پريس ڪلب جو سيڪريٽري محمد اسلم خان، ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي سيڪريٽري لبنيٰ جرار، ۽ پي ايف يو جي جي اڳوڻي صدر جي ايم جمالی شامل هئا. مهمانن رانديگرن ۽ صحافين ۾ ايوارڊ ورهايا.صوبائي وزير راندين خطاب ڪندي چيو ته راندين جي واڌ ويجهه لاءِ سجاس جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي ۽ هو ڪيترن سالن کان سجاس جي سرگرمين کان واقف آهن. اسان سڀني لاءِ فخر آهي ته سجاس جا ايوارڊ ونر اڄ عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن.سينيٽر رانا محمود چيو ته ميڊيا انڊسٽري مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، پر اهڙي وقت ۾ به سجاس پنهنجي روايت کي زنده رکيو آهي.پاڪستان اسپورٽس رائيٽرز فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل محمد اصغر عظيم مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ، جڏهن ته سجاس جي سيڪريٽري شاهد ساٽي تنظيم جي ڪارڪردگي تي روشني وڌي. تقريب جي ميزباني سجاس جي صدر محمود رياض ڪئي، جنهن آخر ۾ مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مجيا .تقريب دوران جونيئر اٿليٽس کي سجاس جي باني ميمبر ۽ پهرين چونڊيل صدر مرحوم راشد علي صديقي جي نالي سان منسوب يوتھ ٽيلنٽ ايوارڊ ڏنا ويا. سال 2025 دوران مختلف راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن، آرگنائيزرن ۽ اسپورٽس جرنلسٽن کي ايوارڊز، گولڊ ميڊلز ۽ ڪيش ايوارڊز سان نوازيو ويو.راشد صديقي يوتھ ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ 9 ورهين جي جونيئر اٿليٽ ڪائنات خليل، پيرا اٿليٽ حريم ملڪ، ورلڊ اسڪريبل چيمپيئن تيمور وسيم کتھري، جونيئر اسڪواش رنر اپ علينه آصف، انڊر نائن اسڪواش چيمپيئن محمد ايان، پيڊل ٽينس رانديگر نفيس يعقوب ۽ جونيئر ٽيبل ٽينس سلور ميڊلسٽ محمد عباس شامل هئا.سجاس اٿليٽس ايوارڊز حاصل ڪندڙن ۾ ٽيبل ٽينس قومي چيمپيئن حائقه حسن، لياري فٽبال اڪيڊمي جو ڪپتان اريان رحيم، ڪرڪٽر سعد بيگ، جبل چاڙهو اسد علي ميمڻ، سائڪلسٽ علي الياس، پيڊل ٽينس رانديگرياني نتاليا زمان، بين الاقوامي ميراٿون رنر فيصل شفيع ۽ گڏھ گاڏي ريسنگ آل ريس ونر عارف قادري شامل هئا.بهترين اسپورٽس آرگنائيزر جو ايوارڊ نسيم قريشي، جڏهن ته ملٽي اسپورٽس آرگنائيزر جو ايوارڊ محمد طلحہ کي ڏنو ويو.آءِ بي ايس ايف انڊر 17 ورلڊ اسنوڪر چيمپيئن محمد حسنين اختر کي سجاس گولڊ ميڊل ۽ 50 هزار رپيا ڪيش، جڏهن ته ڊيلي ڊان جي سينيئر اسپورٽس جرنلسٽ انور زبيري کي سجاس ڊاڪٽر ايم اي شاهه گولڊ ميڊل ۽ 50 هزار رپيا ڪيش ايوارڊ سان نوازيو ويو.