English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس پاران سالياني رپورٽ پڌري، 3 هزار 47 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
199 views
|
04th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
89مقابلن دوران 74 ڏوهي گروهن جو خاتمو ڪيو، جن مان 1 جوابدار مارجي ويو، 27 زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا: ايس ايس پي ٺٽو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ٺٽو پوليس جي سال 2025 جي ڪارڪردگي رپورٽ, ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي سربراهي هيٺ سال 2025 دوران ٺٽو پوليس جي ڪارڪردگي جون تفصيلون هن ريت آهن: سال 2025 دوران ضلعي ڀر ۾ داخل ٿيل 1924 مقدمن ۾ ٺٽو پوليس 3047 جوابدارن کي گرفتار ڪيو. ان دوران ايڪٽو ڪرمنلز خلاف ڪارروائين دوران 324 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. 89 پوليس مقابلن دوران 74 ڏوهي گروهن جو خاتمو ڪيو ويو، جن مان 1 جوابدار مارجي ويو جڏهن ته 27 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا. گرفتار جوابدارن خلاف آرمز ايڪٽ تحت 125 ڪيس داخل ڪري 125 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان غيرقانوني هٿيار طور 1 ڪلاشنڪوف، 2 رائفلون، 8 ريپيٽر، 114 پسٽل ۽ ريوالور ۽ 275 رائونڊس هٿ ڪيا ويا. جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان 3 بلائنڊ مرڊر ڪيس حل ڪري اصل جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ان کان علاوه ڊڪيتين جا 6 ڪيس ۽ رابري جا 46 ڪيس حل ڪري 77 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. پوليس 269 روپوش ۽ اشتهاري جوابدار پڻ گرفتار ڪيا. گٽڪا، مين پوري ۽ ٻين گٽڪا مٽيريل بابت 565 ڪيس داخل ڪيا ويا، جن ۾ 895 جوابدار گرفتار ٿيا. گرفتار جوابدارن وٽان 67,182 ڪلو گٽڪا مٽيريل ۽ 186 گاڏيون هٿ ڪيون ويون. نارڪوٽڪس جي حوالي سان 421 ڪيس داخل ڪيا ويا، جن ۾ 665 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. جوابدارن وٽان 117 ڪلو چرس، 9 ڪلو ڀنگ، 0.5 ڪلو آئس، 9,635 لٽر ديهي شراب ۽ وسڪي پنٽس هٿ ڪيا ويا. ان کان علاوه 5 چوري ٿيل فور ويل گاڏيون، 65 موٽر سائيڪلون ۽ 65 مويشي پڻ برآمد ڪيا ويا. جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان لکين رپين ماليت جا 170 چوري يا گم ٿيل موبائل فون ٽريس ڪري اصل مالڪن حوالي ڪيا ويا. ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ قائم شڪاياتي سيل ۾ سال 2025 دوران وزيراعظم پورٽل، چيف منسٽر سنڌ، آءِ جي پي سنڌ، عدالتن ۽ سڌي ريت وصول ٿيل 2165 درخواستن مان 110 ڪيس داخل ڪرايا ويا، جڏهن ته سمورين 2165 درخواستگذارن جا مسئلا حل ڪيا ويا. ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ قائم وومين پروٽيڪشن سيل ۾ متاثر عورتن ۽ ٻارن جي گهريلو جهيڙن، سائبر ڪرائم، بليڪ ميلنگ، هراسانگي، ريپ ۽ ٻين نوعيتن بابت 427 درخواستون وصول ٿيون، جن مان ڪيترن ئي معاملن جا مسئلا فوري طور حل ڪيا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو پوليس پاران سالياني رپورٽ پڌري
ايس ايس پي ٺٽو
فاروق احمد بجاراڻي
0 تبصرے