ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، پنج منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

گرفتار ٿيلن ۾ غلام فريد خاصخيلي، صدام جوکيو، شوڪت جوکيو ۽ ٻيا شامل آهن: پوليس

ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، پنج منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٺٽو (شفيق ڀٽي)ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي حڪمن ۽ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي هدايتن تي، ايس ايڇ او ٿاڻو مڪلي سب انسپيڪٽر الله وسايو نوھڙي عملي سميت مڪلي ۾ ڪامياب ڪارروايون ڪيون.ڪارروائي دوران 5 گٽڪا فروش جوابدارن غلام فريد ولد پنھون خاصخيلي، صدام ولد خدا بخش جوکيو، شوڪت ولد منظور جوکيو، اڪرم ولد جمعون جوکيو ۽ فريد ولد اڪرم جوکيو کي 815 گٽڪن ۽ مائي جي پڙين سميت گرفتار ڪيو ويو، جن خلاف مڪلي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن وڌيڪ ڪارروائي ڪندي مسمات ڀاڳي گندرو جي شڪايت تي سليم بروهي کان ڪيش رقم ۽ وطن ڪارڊ برآمد ڪري شڪايت ڪندڙ مسمات ڀاڳي حوالي ڪيا ويا، جنهن تي شڪايت ڪندڙ مسمات ڀاڳي ايس ايس پي ٺٽو ۽ ايس ايڇ او مڪلي جو شڪريو ادا ڪيو.ان کان علاوه ٻه مهينا اڳ مڪلي مان عرفان علي مگسي جي چوري ٿيل يونيڪ موٽر سائيڪل برآمد ڪري، ڪاغذن جي تصديق بعد اصل مالڪ عرفان علي مگسي حوالي ڪئي وئي.وڌيڪ ڪارروائي دوران هڪ موٽر سائيڪل کي تحويل ۾ وٺي 550 Cr.P.C تحت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي.