English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ اسڪارپ ٽيوب ويل ڊويزن ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن جي پيهه لڳل
92 views
|
24th May 2023
•
سنڌي خبرون
سخت گرمي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهڻ سبب 10 کان وڌيڪ اميدوار بيهوش، اسپتال منتقل
نوشهروفيروز (ڊ ر) اسڪارپ ٽيوب ويل ڊويزن نوشهروفيروز ۾ گريڊ 1 کان گريڊ 4 تائين جي نوڪرين جا انٽرويو مذاق بڻجي ويا. انٽرويو لاءِ آيل اميدوار سخت گرميءَ ۾ سڄو ڏينهن اس تی ويٺا رهيا ۽ پيئڻ جو پاڻي به نه هو، جڏهن ته حڪومت پاران جوڙيل ڪميٽيءَ کانسواءِ ايڪسائيز انجنيئر رڳو من پسند ۽ سفارشي ماڻهن جا انٽرويو ڪندو رهيو۔ ڪرپٽ انجنيئر زرغام راڄپر جي ڪرپشن ۽ سياسي ڀرتين خلاف اسڪارپ ايمپلائيز يونين ۽ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن پاران آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن اقبال احمد لاڙڪ. ساگر يوسف منگي. خادم حسين مری۔ عبدالخالق. علي نواز سولنگي. طارق ملڪ ۽ ٻين چيو ته انجنيئر اسڪارپ زرغام راڄپر ڪرپشن جو ماهر آهي ھر مھینی 3 ڪروڙ جي بجيٽ ھوندی انٽرويو لاءِ آيل اميدوارن لاءِ ڪو به انتظام نه ڪيو. گرميءَ ۾ ماڻهو بيهوش ٿي ويا 10 کان وڌيڪ اميدوار گرميءَ سبب بيهوش ٿي ويا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪرپٽ انجنيئر زرغام راڄپر بنا ڪنهن ڪميٽيءَ جي پنهنجي پسند جي ماڻهن جا انٽرويو ڪیا جڏهن ته حڪومت پاران جوڙيل ڪميٽي غير حاضر رھی۔ ملازمن وڌيڪ چيو ته اسڪارپ انجنيئر زرغام راڄپر ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز شاهزيب شيخ سياسي پنڊتن جا ونگارو بڻجي ميرٽ بدران سياسي ڀرتيون ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ملازمن سڀاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪرپٽ انجنيئر زرغام راڄپر کي فوري طور بدلي ڪري ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن. ٻئي طرف اسڪارپ ٽيوب ويل ڊويزن ۾ پهرئين کان چوٿين درجي تائين نوڪريءَ جي انٽرويو دوران عورت اميدوار اسڪارپ جي ايڪسٸن انجنيئر زرغام راڄپر کي سوڑھو کندی چيو ته مان ھر موضوع تی انثرویو لاءِ تيار آهيان توهان مون کان انٽرويو وٺو، غريبن جا ٻار دربدر آهن، پر توهان رشوت جو بازار گرم ڪري ڇڏي آهي. اهي پئسا بغير نوڪري نٿی ملی۔ اسان غريب عوام اڄ به غربت ۾ پسي رهيا آهيون، ميرٽ جو قتل عام ڪيو پيو وڃي. نه پيئڻ جو پاڻي آهي ۽ نه ئي ڪو بندوبست آهي. اسان صبح کان انتظار ڪري رهيا آهيون، پر سفارشي ۽ من پسند اميدوارن جا انٽرويو ٿي رهيا آهن، اسان غريبن کي نوڪريون ڇو نٿا ڏيو؟
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
اسڪارپ ٽيوب ويل ڊويزن
گرمي
0 تبصرے