English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ اسڪارپ ٽيوب ويل ڊويزن ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن جي پيهه لڳل
views
|
24th May 2023
•
سنڌي خبرون
سخت گرمي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهڻ سبب 10 کان وڌيڪ اميدوار بيهوش، اسپتال منتقل
نوشهروفيروز (ڊ ر) اسڪارپ ٽيوب ويل ڊويزن نوشهروفيروز ۾ گريڊ 1 کان گريڊ 4 تائين جي نوڪرين جا انٽرويو مذاق بڻجي ويا. انٽرويو لاءِ آيل اميدوار سخت گرميءَ ۾ سڄو ڏينهن اس تی ويٺا رهيا ۽ پيئڻ جو پاڻي به نه هو، جڏهن ته حڪومت پاران جوڙيل ڪميٽيءَ کانسواءِ ايڪسائيز انجنيئر رڳو من پسند ۽ سفارشي ماڻهن جا انٽرويو ڪندو رهيو۔ ڪرپٽ انجنيئر زرغام راڄپر جي ڪرپشن ۽ سياسي ڀرتين خلاف اسڪارپ ايمپلائيز يونين ۽ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن پاران آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن اقبال احمد لاڙڪ. ساگر يوسف منگي. خادم حسين مری۔ عبدالخالق. علي نواز سولنگي. طارق ملڪ ۽ ٻين چيو ته انجنيئر اسڪارپ زرغام راڄپر ڪرپشن جو ماهر آهي ھر مھینی 3 ڪروڙ جي بجيٽ ھوندی انٽرويو لاءِ آيل اميدوارن لاءِ ڪو به انتظام نه ڪيو. گرميءَ ۾ ماڻهو بيهوش ٿي ويا 10 کان وڌيڪ اميدوار گرميءَ سبب بيهوش ٿي ويا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪرپٽ انجنيئر زرغام راڄپر بنا ڪنهن ڪميٽيءَ جي پنهنجي پسند جي ماڻهن جا انٽرويو ڪیا جڏهن ته حڪومت پاران جوڙيل ڪميٽي غير حاضر رھی۔ ملازمن وڌيڪ چيو ته اسڪارپ انجنيئر زرغام راڄپر ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز شاهزيب شيخ سياسي پنڊتن جا ونگارو بڻجي ميرٽ بدران سياسي ڀرتيون ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ملازمن سڀاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪرپٽ انجنيئر زرغام راڄپر کي فوري طور بدلي ڪري ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن. ٻئي طرف اسڪارپ ٽيوب ويل ڊويزن ۾ پهرئين کان چوٿين درجي تائين نوڪريءَ جي انٽرويو دوران عورت اميدوار اسڪارپ جي ايڪسٸن انجنيئر زرغام راڄپر کي سوڑھو کندی چيو ته مان ھر موضوع تی انثرویو لاءِ تيار آهيان توهان مون کان انٽرويو وٺو، غريبن جا ٻار دربدر آهن، پر توهان رشوت جو بازار گرم ڪري ڇڏي آهي. اهي پئسا بغير نوڪري نٿی ملی۔ اسان غريب عوام اڄ به غربت ۾ پسي رهيا آهيون، ميرٽ جو قتل عام ڪيو پيو وڃي. نه پيئڻ جو پاڻي آهي ۽ نه ئي ڪو بندوبست آهي. اسان صبح کان انتظار ڪري رهيا آهيون، پر سفارشي ۽ من پسند اميدوارن جا انٽرويو ٿي رهيا آهن، اسان غريبن کي نوڪريون ڇو نٿا ڏيو؟
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Oct 2025
•
سندھ
ڈی آئی جی ٹریفک پولیس پیر محمد شاہ کی جانب سے معروف اداکار اینکر و کامیڈین کاشف خان کو ٹریفک پولیس کا گڈ ول ایمبیسیڈر کا عہدہ تفویض کیا گیا
20th Oct 2025
•
کھیل
ملک میں کھیلوں کی سرگرمیوں میں اضافے کی ضرورت ہے قرۃ العین خان
20th Oct 2025
•
سندھ
حضرت قطب عالم شاہ بخاری رحمة اللہ علیہ کا مزار کراچی کے معروف مزارات میں سرفہرست ہے کفیل حسین
20th Oct 2025
•
سندھ
کراچی میں سیاسی ہلچل , پیپلز پارٹی اور جماعت اسلامی کے کونسلرز مسلم لیگ (ن) میں شامل
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جرڳائي وڏيرن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ ۾ سماجي تنظيم احساس سوشل فورم پاران مستحقن جي مدد
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين، ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان پوليس خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
اسڪارپ ٽيوب ويل ڊويزن
گرمي
0 تبصرے