سال 2025ع اسان کان موڪلائي ويو آهي ۽ نئين سال 2026ع جي آمد ٿي وئي آهي ، پراڻي سال ۾ اسان کان ڪيترائي محسن ، پرين پيارا هليا ويا ۽ نئين سال ۾ اسان نئين اميد ساڻ اڳتي قدم وڌائيندي پير رکون ٿا، سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ، ڏينهن ، هفتا، مهينا ۽ سال ائين زندگيءَ جا تيز وهڪري برف جيان ڳري رهيا آهن، اهڙن قيمتي لمحاتن جو قدر شال اسان کي ٿيڻ لڳي ته ڪامياب ٿي وڃون، نه ته هتي هن ملڪ ۾ ته نئين ۽ پراڻي سال ۾ جيڪا عوام سان وک وک تي مهانگائيءَ جي حوالي سان جٺ ٿيندي رهي ٿي انهي جو ڪو حساب ڪتاب ئي ڪونهي، ڏاهن سياڻن جو چوڻ آهي ته جيءُ خوش ته جهان خوش، جيڪڏهن جيءُ آهي ته جهان به آهي، اهڙي طرح دنيا ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏي نعمت انسان کي جيڪا مليل آهي اها آهي انساني زندگي، صحت، تندرستي، جنهن جو ڪو به نعم البدل نٿو ٿي سگهي، هيءَ زندگي صرف هڪ دفعو ماڻهوءَ کي ملي ٿي ۽ وري اهو جيڪي هيءُ جهان ڇڏي ٿو وڃي، اهو وڃڻ بعد سالن جا سال ۽ صدين تائين بلڪ عمر ڀر ويندي قيامت تائين واپس نٿو اچي سگهي، ڄڻ ته اهو پيدا ئي نه ٿيو هجي يا وري آيو گهڙي پل لاءِ پر وڇوڙو صدين جو ڪري وڃي ٿو. تنهن ڪري هرهڪ ماڻهو کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي هن مختصر زندگيءَ ۾ اهو ڪرڻ کپي ته ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي، ڪنهن کي به اسانجي زبان، هٿ، پير ۽ عمل سان تڪليف نه پهچي سگهي، جيڪڏهن ڪنهن به حوالي سان ڪنهن به ماڻهوءَ کي اسانجي ڪنهن به فعل منجهان تڪليف رسي ٿي ته اهو پڪو مومن مسلمان ڪيئن ٿي سگهي ٿو ؟، اسان ۾ اڪثر ماڻهو ظاهري ڏيکاءُ ته خوب ڪندا آهن پر باطني پنهنجي نفس امارهه جي خواهشن کي لغام ڏيڻ لاءِ ايترو نه سوچيندا آهن جيترو ظاهر لاءِ ڪندا رهن ٿا. اهڙي طرح هن جهان ۾ زندگيءَ جا هڪڙا سال اچن ٿا ۽ انهيءَ پٺيان ٻيا ويندي ٻار، نوجوان، پيرسن ضعيف العمر ٿي پنهنجي زندگي پياري ٿي وڃي. هاڻي بدقسمتي آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي هن قيمتي ۽ انمول زندگيءَ کي کيل ۽ تماشو بڻائي نمائشي انداز ۾ پاڻ سان گڏ ٻين جي زندگين ۾ زهر وجهي وڃن ٿا. اهو ائين ته جڏهن هر سال جنوريءَ جو مهينو ۽ پهرين تاريخ ٿئي ٿي ۽ نئون سال اچي ٿو ته پوءِ اوباش ، ڇڙواڳ، بي راهه روي جي رستي تي هلندڙ برگر فيمليز جا نوجوان ( Happy New Year) هيپي نيو ايئر جي شوق ۾ نه ڄاڻ ڪهڙيون خرافات جون ڳالهيون سوچون ۽ فنڪاريون سوچي سمجهي مکيه مرڪزي روڊن رستن تي گروپن ٽولن جي صورت ۾ رڳو ( ون ويلنگ ) هڪ ڦيٿي تي موٽرسائيڪل هلائڻ جي موتمار ريهرسل نٿا ڪري ڏيکارين پر انهي سان گڏوگڏ ئي اهي مرڪزي رستي ويندڙ سوين هزارين ماڻهن جي زندگين سان به کيڏن ٿا. هڪ دفعي ڪراچيءَ جي ايئر پورٽ روڊ تي ڪنهن دوست کي ايئر پورٽ تائين رسيو ڪرڻ بعد واپسي ٿي رهي هئي ته 20 يا 25 نوجوان جن ۾ اڪثر نوجوانن جي عمر 15 کان 20 هئي، اهي ون ويلنگ ذريعي ۽ موٽر سائيڪلن تي هڪڙا سمهي، هڪڙا بيهي ۽ ٻيا وري ٽنگهون اڀيون ڪري ڄڻ ته ڪنهن موت جي کوهه وانگر ڪرتب ڪري رهيا هيا ۽ ٿوري ئي دير ۾ انهن مان هڪ بدنصيب نوجوان جي ون ويلنگ جي سبب موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي صورت ۾ ڪري ٿي پوءِ ته جيڪي انهيءَ جي ڀرسان وارا موٽر سائيڪلن وارا هيا اهي به ڪرندا پئي ويا ۽ مرڪزي روڊ سو به ڪراچي ايئر پورٽ وارو روڊ هرهڪ پاڻ سمجهي سگهي ٿو ته ڪيڏي نه انهي مرڪزي روڊ تي هر وقت رش هوندي آهي پوءِ انهن ون ويلنگ وارن جي موٽرسائيڪلن جي هڪ مٿان ٻئي ۽ اهڙي طرح 8، 10 موٽر سائيڪلون ڪرڻ سبب روڊ رت ۾ ڳاڙهو لال بڻجي ويو ۽ انهن جي پويان ڪارون، سوزوڪيون ۽ ٻيون سواريون وڏيون حادثاتي عمل سبب ڪيترن ماڻهن جو شديد نقصان ٿيندو رهيو ۽ ڪيترن جون انساني جانيون موڪلائي ويون،پوءِ ته روڄ ۽ راڙو شروع ٿي ويو ۽ ٻيا ون ويلنگ وارا رت ۾ ٻڏل زخمين ۽ لاشن کي اسپتال پهچائڻ ۾ لڳي ويا، ٻيا وري نئين سال هيپي نيو ايئر جي شوق ۾ بدمست بڻجي شهر جي شراب جي دڪانن تان بغير ڪنهن رنڊ روڪ جي شراب جون بوتلون وٺي سر عام روڊن رستن ۽ هوٽلن تي واپرائين لڳن ٿا ۽ پوءِ جيڪا نئين سال جي نالي تي غير قانوني لتاڙ ڪندي جديد ترين هٿيارن سان هٿيارن جي نمائش ڪندي فائرنگ ڪئي وڃي ٿي.انهيءَ تي ڪورٽن ۾ ويٺل قانون جي جج صاحبان، رينجرس، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن کي گذارش آهي ته خدارا نئين سال جي اچڻ کان اڳ ۾ قانوني طرح ڪي سخت ترين ۽ عملي طرح جا قدم کڻندي بي لغام شراب جي بدمست ماڻهن کي ڇڙواڳ ڇڏڻ بجاءِ انهن کي لغام وجهندي ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ون ويلنگ، شراب جي وڪرو ۽ هٿيارن جي نمائش ڪرڻ وارن ۽ هٿيار هلائڻ تي حد جي ايس ايڇ او کي پابند ڪندي انهن خرافات ۾ ملوث جوابدارن ڏوهارين کي هٿ ڪري سگهجي ٿو ۽ انهي سلسلي ۾ ڪنهن به طرح قانون کان ڪو به بالاتر مٿانهون نه سمجهو وڃي ۽ سڀ جوابدار ڏوهاري قانون جي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪري هڪ تاريخ جوڙي وڃي باقي نه ته هرسال اهڙي طرح انهن شراب جي نشي ۾ الوٽ بگڙيل والدين جي بگڙيل اولاد اوباش نوجوانن جي غلط عمل جي ڪري ڪيترن کلندڙ مسڪرائيندڙ گهرن ۾ خوشين بجاءِ نئين سال ۾ ماتم برپا ٿي وڃي ٿو، هڪڙا قدرتي طور تي ماڻهو پنهنجي مالڪ حقيقي ڏانهن وڃن ٿا اها هڪ الڳ ڳالهه آهي، اهي مالڪ جي رضاءَ موجب وڃن ٿا، پر ٻيا وري بدمست، بدحواس ۽ ڇڙواڳ ماڻهن جي بندوقن، ڪلاشنڪوف، پسٽل وغيره جي گولين سبب واقعات رونما ٿيندا رهن ٿا جنهن جا اهي جوابدار آهن ۽ انهن ماڻهن کي ضرور سزا جي عمل مان گذاريو وڃي ائين نه ٿئي ته اهي خان، نواب، رئيس، ڀوتار ۽ وڏيري، ڪاموري وڏي عملدار جي اولاد سبب اهي ملوث حقيقي جوابدار هجڻ باوجود لسٽ مان آجها سمجها ڪرايا وڃن ٿا ، قانون سڀني لاءِ برابر آهي جيڪو به غلط ڪم ڪار، نامناسب سرگرمين ۾ ملوث هجي، هٿيارن جي نمائش ڪندڙ هجي، شراب جي نشي ۾ مست بڻجي پنهنجي گاڏي سان ماڻهن کي حادثاتي عمل جو سبب بڻجي قانون جي لتاڙ ڪندڙ، نئين سال جي خوشيءَ ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ هجي يا وري معاشري، ملڪ جي پرامن شهرين جي وچ ۾ هوائي فائرنگ ڪندي تاءُ پکيڙيندي، خوف ۽ هراس وارو ماحول برپا ڪندڙ هجي ته انهيءَ کي لغام ڏيڻ لاءِ انهيءَ عمل کي روڪڻ لاءِ قانون حرڪت ۾ نه ايندو ته پوءِ باقي ڪڏهن ايندو؟، شايد انهن شراب جي نشي ۾ بدمست ۽ ڇڙواڳ ماڻهن کي خبر ناهي ته انهن جي نئين سال جي يا ڪن ٻين موقعن تي ٿيندڙ هوائي فائرنگ سان مسجد ۾ نمازين جي عبادت ڪندي عبادت جي ذوق شوق ۽ تسلسل ۾ رخنو ۽ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿو، اسپتالن ميڊيڪل سينٽرن ۾ داخل بيمار مريضن کي شديد تڪليف سان منهن ڏيڻوپئي ٿو ۽ پوري سماج ۾ اها ڳالهه واضع ٿيڻ لڳي ٿي ته پنهنجي ملڪ ۾ جيئن هٿيارن جي نمائش ڪندي هوائي فائرنگ جي نالي ۾ خوف، هراس ۽ پريشانيءَ جي فضاءَ قائم ڪئي پئي وڃي انهيءَ سان ته جهنگل جو قانون نمايان ٿيڻ لڳي ٿو. ڪنهن به آباديءَ ۾ ڪنهن جي اجازت کان بغير ڪو لائوڊ اسپيڪر به نٿو هلائي سگهي جيستائين انهيءَ کي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي پرميشن اجازت نامو نه مليل هجي، پر هتي ته قانون جي کليل لتاڙ ڪندڙ وحشي، درندا ۽ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندڙ ماڻهو وک وک تي قانون جو مذاق اڏائي رهيا آهن ۽ اهي حقيقت ۾ جمهوريت ۽ آزاديءَ جي آڙ ۾ جيڪي وڏين وڏين پراڊو، پيجارو، لينڊ ڪروزر، سفاري ۽ ٻين گاڏين ۾ مست بڻجي پنهنجين سياسي پارٽين ۽ اقتداري نشي ۾ پنهنجن شهرن ۾ هٿيارن جي ڇانوءَ ۾ ٽولن جي صورت ۾ ڪاهي پون ٿا ۽ جديد ترين هٿيار کڻي گهمائين ٿا ۽ اهڙي طرح ملڪ جي پرامن اڪثريتي شهرين مٿان پنهنجو نام نهاد روب تاب ويهارڻ لاءِ جيڪو عمل ڪندا رهن ٿا انهيءَ جي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ نه صرف منع ٿيل آهي پر اهڙن هٿيارن جي ڇانوءَ ۾ هلندڙ ماڻهن کي ٻئي نالي سان سڏيو ويندو آهي. پاڪستان ته صوفين، درويشن، الله لوڪ مست ملنگن جو ملڪ آهي،هن ملڪ ۾ حضرت محمد عثمان مروندي المعروف قلندر لعل شهباز رحمت الله تعاليٰ عليه، شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت سچل سرمست رحمت اله تعاليٰ عليه، حضرت داتا علي هجويري رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت بابا بلهي شاهه رح ، حضرت سخي سرور رح ، سيد عبدالله غازي رح ، حضرت محمد هاشم ٺٽوي رح، حضرت عبدالله شاهه اصحابي رحمت الله تعاليٰ عليه سميت هرطرف ۽ هر پاسي اولياءَ الله جو فيضان آهي جن ته هميشه پيار، محبت، ڀائيچاري،اخوت جي پرچار ڪئي ۽ انهن ته ڪڏهن به هٿيارن جي ڳالهه کي پسند به نه ڪيو، رب تعاليٰ جي رضاءَ لاءِ پنهنجون زندگيون گذاري ويا ۽ اسان کي به انهن للهيت جي مشيت الاهيءَ واري واٽ تي هلڻ جي تلقين ڪندا ويا پوءِ ڪامياب ۽ ڪامران آهن اهي شخص جيڪي پنهنجي رب جي رضاءَ واري رستي تي قائم رهيا ۽ بدنصيب ۽ بد بخت آهن اهي ماڻهو جيڪي شيطان جي رستي تي هلندي انسانيت جي نقصان جي راهه ورتائون.جنهن لاءِ عالم اسلام جي مايه ناز روحاني شخصيت ۽ دعوت اسلاميءَ جي باني و امير امير اهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دامت برڪاتهم العاليه جن فرمايو ته نئين سال جي اچڻ سان نيو ايئر نائٽ جي موقع تي ٿيندڙ خرابين خرافات کان پاڻ ۽ اولاد کي بچايو ۽ انهي جو بهترين حل هيءُ آهي ته توهان انهيءَ رات دعوت اسلاميءَ جي مدني مرڪز فيضان مدينه هليا اچو ۽ هتي نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ وقت گذاريو، اهڙي طرح نيو نائٽ ۽ هيپي نيو ايئر جي نالي ۾ ٿيندڙ هلا گلا کان پاڻ کي بچايو، جنهن لاءِ الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو ته ترجمو؛ ( الله جا ٻانها اهي آهن) جيڪي ڪوڙ ۽ باطل ڪمن ۾ شريڪ نٿا ٿين ۽ جڏهن بيحودا ڪمن وٽان گذرندا آهن ته (دامن بچائيندي) نهايت وقار ۽ استقامت سان گڏ گذري ويندا آهن. سياڻن جي ڳالهه حق سچ تي مبني هوندي آهي جنهن ۾ انهن چيو آهي ته “ اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني”، اها خوشي ئي گهوري جيڪا ٻين جي لاءِ وبال جان بڻجي پوي ۽ پيرسن والدين جا واحد سهارا نوجوان اولاد خرافات سبب اجل جو شڪار بڻجي پون انهيءَ لاءِ اهڙي بري فعل (شراب، عيش عشرت، ون ويلنگ، هوائي فائرنگ هٿيارن جي نمائش سميت ٻين خرافات ) کان پرهيز پاسو ڪندي انهيءَ نئين سال جي اچڻ تي پهرين جنوري تي الله جي رضا جا ڪم ڪيا وڃن سردي جي موسم آهي ته سيءَ کان بچڻ لاءِ غريب مسڪين ماڻهن جي جاني، مالي مدد ڪندي انهن کي بلاڪينٽ ڪمبل،سوئيٽر، ڪوٽ وغيره گرم ڪپڙا وٺي ڏياريا وڃن ۽ انهن ۾ لنگر شريف ٻه ويلا ماني ڏيڻ جو بندوبست ڪري ثواب حاصل ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي محبت جي پنڌ ۾ جيترو ٿي سگهي اوترو ٻين انسانيت جي خير خواهيءَ ۾ حصو وٺي ٻين کي خوشيون ڏيڻ سان پاڻ خوش رهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. جنهن ۾ ئي رب العاليمن جي رضاءَ شامل آهي ۽ انهيءَ سان ئي دنيا آخرت جون ڀلايون نصيب ٿينديون رهن ٿيون. ڇاڪاڻ ته ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنهنجو ٿيندو، ڀلائيءَ جا ڀاڙا ڌڻي توکي ڏيندو.
0 تبصرے