English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڍورو نارو واسين جو پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاج
36 views
|
31st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڀائٽي آسن ڀيل منهنجي پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: محرم ڀيل
عمرڪوٽ ( ڊ ، ر ) عمرڪوٽ جي علائقي ڍورونارو جي ڳوٺ کڻهار جي رهواسي محرم پٽ منجي ڀيل پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس ڀائيٽو آسن ڀيل سندس ذاتي پلاٽ تي ناجائز قبضي جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون، متاثر شخص دانهيندي چيو ته لڳاتار ڌمڪين سبب هو مجبور ٿي پنهنجي پلاٽ ٻي ڌر کي وڪڻي صرف ٻن ڪپڙن ۾ پنهنجي فيملي سميت ٻي هنڌ شفٽ ٿيو، پر الزام موجب آسن ڀيل اتي به پهچي ساڳئي پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته جوابدار پنهنجي دوستن سان گڏجي کيس ۽ سندس گهر واري کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب هو ۽ سندس خاندان خوف ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهن، محرم ڀيل آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ، سيشن جج عمرڪوٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مٿس ٿيندڙ مبينا زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي ۽ الزام هيٺ آيل شخص خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي، متاثر شخص جو چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس ۽ سندس خاندان کي تحفظ نه ڏنو ويو ته ڪو به وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو، جنهن جي ذميواري لاڳاپيل ادارن تي عائد ٿيندي، هن مطالبو ڪيو ته غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي، ان موقعي تي لڇمڻ ڀيل، سوڍو، ھرلال، بالم ڀيل ۽ ٻيا موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
31st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وقت جي آئيني ۾: وڃندڙ سال، ايندڙ سال ۽ نئين شروعات
31st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايران تي آمريڪي ڌمڪيون: ٽرمپ جي خارجي پاليسي جو آزمائشي لمحو..؟؟
31st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نئين سال 2026ع جي آمد ..!!
31st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وڇڙيل سال 2025 ۽ نئي سال 2026 مان اميدون
31st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وقت جي آئيني ۾: وڃندڙ سال، ايندڙ سال ۽ نئين شروعات
31st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايران تي آمريڪي ڌمڪيون: ٽرمپ جي خارجي پاليسي جو آزمائشي لمحو..؟؟
31st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نئين سال 2026ع جي آمد ..!!
31st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وڇڙيل سال 2025 ۽ نئي سال 2026 مان اميدون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڍورو نارو واسين جو پلاٽ
0 تبصرے