محبوب گل ٽوٽاڻي جو وڇوڙو: بي حسي، نظراندازي ۽ ادارتي ناڪامي جو المناڪ انجام

لالا برڪت بلوچ

محبوب گل ٽوٽاڻي جو وڇوڙو: بي حسي، نظراندازي ۽ ادارتي ناڪامي جو المناڪ انجام

آخرڪار سنڌ جي فن، مزاح ۽ اسٽيج ڊرامن جو هڪ روشن ستارو، قمبر واسي مشهور مزاحيه اداڪار ۽ آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر محبوب گل ٽوٽاڻي بي وسي، لاچاري ۽ مسلسل نظراندازي خلاف جنگ هارائي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. محبوب گل جو وڇوڙو رڳو هڪ فنڪار جي موت تائين محدود ناهي، پر اهو سنڌ جي فن، ثقافت ۽ انساني قدرن لاءِ هڪ وڏو ۽ دردناڪ سانحو آهي. مرحوم محبوب گل ٽوٽاڻي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ٽي وي، اسٽيج ۽ ڊرامن وسيلي ماڻهن جي چهرن تي مرڪون وکيريون، پر افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته جڏهن هو پاڻ سخت گردن جي بيماري ۾ مبتلا ٿي بستري تائين محدود ٿي ويو، تڏهن اهي سڀ ادارا ۽ اختيار ڌڻي، جيڪي فنڪارن جي سار سنڀال جا وڏا دعويدار آهن، مڪمل بي حسي ۽ خاموشي جو مظاهرو ڪندا رهيا. محبوب گل ٽوٽاڻي علاج لاءِ بار بار پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي سنڌ سرڪار، ثقافت کاتي، صحت کاتي، آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي ۽ علائقي جي چونڊيل نمائندن کي اپيلون ڪندو رهيو ته کيس سرڪاري خرچ تي علاج فراهم ڪيو وڃي، پر سندس دردناڪ التجائون ڪنهن به ذميوار ڪن تائين نه پهتيون، يا شايد ٻڌي به نظرانداز ڪيون ويون. اها بي حسي ايتري حد تائين وڌي وئي جو ڪجهه ادارا ڄڻ رڳو سندس موت جو انتظار ڪندا رهيا، ته جيئن بعد ۾ رسمي تعزيتي بيان جاري ڪري پنهنجي ذميوارين کان جان ڇڏائي سگهجي. هي رويو اسان جي مرده پرست معاشري جو کليل ثبوت آهي، جتي جيئري انسان جي ڪا به قيمت ناهي، پر موت کان پوءِ “انا لله وانا اليه راجعون” ۽ تعزيتي پوسٽن ذريعي پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون. وڌيڪ افسوسناڪ پهلو اهو به آهي ته جڏهن محبوب گل حيات هو ۽ علاج لاءِ مدد جو منتظر هو، تڏهن سوشل ميڊيا تي سندس حق ۾ ڪا به مضبوط تحريڪ يا منظم آواز بلند نه ٿيو، پر هاڻي سندس تصويرن سان تعزيتي پيغام شيئر ڪري ضمير کي مطمئن ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن وقت سر ثقافت کاتي سنڌ، صحت کاتي يا آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي ذميواري جو مظاهرو ڪيو هجي ها، ته شايد محبوب گل اڄ به زنده هجي ها ۽ پنهنجي فن سان هن بي حس معاشري جي چهري تي مرڪون وکيري رهيو هجي ها. اسين پوري ذميواري سان اهو چوڻ چاهيون ٿا ته محبوب گل ٽوٽاڻي جي موت جا ذميوار سڌي يا اڻ سڌي طرح صحت کاتو سنڌ، ثقافت کاتو سنڌ ۽ نام نهاد آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي آهن، جن فنڪارن جي فلاح لاءِ رڳو ڪاغذي دعوائن تائين پاڻ کي محدود رکيو ۽ عملي طور مڪمل ناڪامي جو مظاهرو ڪيو. آخر ۾ اسين مرحوم محبوب گل ٽوٽاڻي جي روح جي ايصالِ ثواب لاءِ دعاگو آهيون ته الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس وارثن کي صبرِ جميل نصيب ڪري. ساڳئي وقت اها پُرزور اپيل به ڪيون ٿا ته فنڪارن جي زندگين سان رانديون بند ڪيون وڃن، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن ٻئي محبوب گل کي اهڙي بي حسي سبب پنهنجي زندگي وڃائڻي نه پوي.