جيل سپرنٽنڊنٽ فهيم انور ميمڻ ۽ ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ عدنان جتوئي صوبائي وزير کي بريفنگ ڏني
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ ۾ جيلن جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ڊسٽرڪٽ جيل ملير جو اوچتو دورو ڪيو ان موقعي تي جيل سپرنٽنڊنٽ فهيم انور ميمڻ ۽ ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ عدنان جتوئي وزير کي جيل جي مجموعي انتظام، قيدين لاءِ سهولتن، سيڪيورٽي معاملن ۽ اصلاحاتي سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني صوبائي وزير قيدين جي ملاقاتگاهه جو به جائزو ورتو، جتي هن قيدين ۽ انهن جي ملاقاتي وارثن سان ڳالهيون ڪيون۔ بعد ۾ وزير موصوف آن لائين ڪورٽ سسٽم جو دورو ڪري قيدين جي عدالتن ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي پيشين جي عمل جو جائزو ورتو ان موقعي تي حاجي علي حسن زرداري جيل جي ڪچن جو به معائنو ڪيو ۽ قيدين لاءِ تيار ٿيندڙ کاڌي جي معيار تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔دوري جي پڄاڻي تي صوبائي وزير جيل خانہ جات حاجي علي حسن زرداري ڊسٽرڪٽ جيل ملير جي انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيندي مجموعي انتظامات تي اطمينان ظاهر ڪيو ۽ هدايت جاري ڪئي ته قيدين کي قانون مطابق سڀ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
0 تبصرے