انساني حقن واري کاتي جي تعاون سان جستجُوءِ ۽ سيونگ لائيوز پاران پينڪٽوبر ڪينسر آگاهي سيمنار منعقد
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) انساني حقن واري کاتي جي تعاون سان جستجُوءِ ۽ سيونگ لائيوز اين جي او پاران پينڪٽوبر ڪينسر آگاهي سيمنار هُوٽل پي سي ڪراچي ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي خاص معاون براءِ انساني حقن، معزز راجوير سنگھ سوڍو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، سيمنار ۾ راجوير سنگھ صاحب هڪ حوصلہ افزا ۽ جذباتي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن ڪينسر جي بيماري بابت آگاهي، وقتائتو جائزو ۽ علاج جي اهميت تي زور ڏنو، هن چيو ته صحت جي سهولتن تائين رسائي هر شهري جو بنيادي انساني حق آهي، ۽ حڪومت سنڌ هن حق جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، سيمنار ۾ سيڪريٽري انساني حقن خالد چاچڙ، ڊائريڪٽر آغا فخر حسين، FPCCI جا نمائندا، ماهر ڊاڪٽر، ڪينسر مان صحتياب مريض، آفيسر ۽ عملي جا ميمبر وڏي تعداد ۾ موجود هئا، مقررين زور ڏنو ته سماجي سطح تي آگاهي وڌائڻ سان ڪيترن ئي زندگين کي بچائي سگهجي ٿو، آخر ۾، انساني حقن کاتي ۽ شريڪ تنظيمن پاران ڪينسر جي روڪٿام ۽ علاج بابت گڏيل حڪمت عملي تي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو ويو.
0 تبصرے