سنڌ جي وڪيل برادريءَ جون پهرين نومبر 2025 ع بروز ڇنڇر تي پوري سنڌ جي اندر سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن جي حوالي سان جوش خروش سان تياريون آخري مرحلي ۾ پهچي ويون آهن، هن معزز وڪيل برادري جي چونڊ اليڪشن ۾ هرهڪ جي ووٽ جي وڏي اهميت آهي، پوري سنڌ جي اندر ايڊووڪيٽ وڪيل دوست پنهنجي پنهنجي گروپ حلقي محبتي اميدوارن کي ووٽ ڪرڻ ۽ ڪرائڻ لاءِ نه صرف اليڪشن مهم سرگرمين ۾ اڳرا پهرين صف ۾ بيٺل آهن بلڪ هو معزز وڪيل پنهنجي محب وطن سنڌ دوست ايڊووڪيٽ اميدوارن کي گهڻي کان گهڻا ووٽ ڪرائڻ لاءِ ڪورٽ ته ڪورٽ پر هو انفرادي ۽ ڪٿي ڪٿي اجتماعي طور وڏا ٽولا گروپ ٺاهي شهرن ٻهراڙين علائقن ۾ وڃي اليڪشن چونڊ مهم ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ پهچڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي حقن جي حاصلات لاء جهڙوڪ بحريا ٽائون جي ذريعي سنڌ جي زمينن جي ولار خلاف نڪتل پرامن قافلن کي روڪي عتاب جو نشانو بڻايو ويو ۽ پرامن شهرين تي هڪ ئي وقت غير قانوني طور تي 33, 33 ڪوڙيون ايف آء آرون ، من گهڙت ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا جتي ڪراچي جي معزز وڪيل ايڊووڪيٽ برادري تن، من ۽ ڌن جون قربانيون ڏيئي سوين نوجوانن جي زندگين کي بچايو نه ته ڪيترائي نوجوان ۽ انهن جا والدين دماغي توازن وڃائي ويٺا ۽ مفلوج زندگيءَ ۾ هليا ويا، اهڙي ڪرب ڏکائيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ جي معتبر مانائتي وڪيل برادري ۾ نمايان نانء معزز ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ صاحب جو وساري نٿو سگهجي، هو سنڌ ڌرتيءَ جي ڪاز مقصد تان قربان ٿيندڙ عاشقن جو ڀرجھلو بڻجي سپھ سالار جو ڪردار ادا ڪري ڏيکاريو. جهڙي طرح گذريل ڪجهه سالن کان ۽ خاص ڪري سنڌ جي پاڻيءَ جي چوري ٿيڻ خلاف اسان جي معزز وڪيل برادري پاڻ ملھائي ٻٻرلو باء پاس وٽ تاريخي ڌرڻو لڳايو انهيءَ جو پهريان مثال نٿو ملي سگهي، سنڌ جي شعور جو نالو وڪيل برادري کي نه چوان ته ڇا چوان ،جنهن پنهنجي قومي ورثي، قومي غيرت ۽ پنهنجي جياپي جي جنگ لڙهي ڪيترن ڪم ظرف گروهن ٽولن کي نه صرف پوئتي ڦٽو ڪري پڌري پٽ ڪيو پر سرعام ننگو ڪري ڌرتي سان لازوال نينهن نڀائي ڏيکاريو، وڪيل برادري اها معزز شاندار ۽ مانائتي برادري آهي جيڪڏهن سچائي سان ميدان تي اچي ٿي ته دنيا جي ڪا به طاقت انھي فولادي ديوار سامهون اڳيان اچڻ کان هڪ نه بلڪ هڪ هزار لک بار سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي، ايڊووڪيٽ وڪلاء برداري جي سچائي نيڪ نيتي مخلصانہ ڪردار جو سنڌ ته پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جهان پوري عالم کي پتو پئجي ويو ته ٻيلي هي ڪاري ڪوٽ وارا سهڻا سبتا معتبر مڙس جڏهن ڌرتيءَ جي ڪاز مقصد ۽ سنڌ جي جياپي وجود لاءِ ميدان عمل ۾ اچي بيهن ٿا ته پوءِ ڪنهن ڪائنر بزدل ڊنل کي ڪا مجال ناهي جو اهو سنڌ جي غيرت مند قومي ڪاز مقصد لاءِ پاڻ ارپيندڙن جي آڏو اچي سگهي، بحريه ٽائون جي ملڪ رياض مافياء جي ڪراچي کان حيدرآباد تائين غير قانوني ولار خلاف نڪتل سنڌ جي سورمن جي ڪوڙن ڪيسن تي قانوني طرح ساٿ ڏيڻ لاءِ ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ ۽ انهن جي ساٿين ۽ وري سنڌ جي پاڻيءَ چوري ٿيڻ خلاف ٻٻرلو وٽ پرامن ڌرڻي لڳائڻ ۾ ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ ، ڪي بي لغاري، اطهر عباس سولنگي ۽ انهن جي ساٿين ڪيئن ميدان ملهائي ڏيکاريو. هاڻي پوري سنڌ ۾ وڪلاء برادري جون پهرين نومبر ڇنڇر ڏهاڙي تي ڊويزن سطح تي چونڊون ٿي رهيون آهن، جنهن لاءِ سڄي سنڌ ۾ وڪيل برادري پنهنجي برادري کان در در ۽ گهر گهر فردا فردا ووٽ وٺڻ ايلاز منٿون به ڪري رهيا آهن ته وري ڪيترائي وڪيل دوست پنهنجي ڪارڪردگي ،ڪمن جي نوعيت، دوستي ڀائري ، سنگت جي واسطا وڙي سان ووٽ وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪري چڪا آهن، سنڌ بار ڪائونسل جي ڪراچي لاءِ 16 سيٽون، حيدرآباد لاءِ 3، سکر لاءِ 3, لاڙڪاڻو لاءِ 2، دادو لاء هڪ ۽ ڪراچي کان علاوه ٻين سنڌ جي شهرن لاءِ 17سيٽن تي چونڊون ٿينديون. جنهن ۾ ڪراچي جي لاءِ 16 ۽ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ، نوابشاهه، ميرپور خاص ڊويزنن لاءِ 17 سيٽون تي اليڪشن ٿيندي. اهڙي طرح پهرين نومبر 2025ع ڇنڇر ڏهاڙي تي 50 هزار کان وڌيڪ وڪيل برادري پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪندا. ان لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، هن ايڊووڪيٽ برداري جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي مان ايڊووڪيٽ حق نواز ٽالپر، ايڊووڪيٽ اصغر ناريجو ، ايڊووڪيٽ رشيد راڄڙ، ايڊووڪيٽ جهانگير راهوجو ، ايڊووڪيٽ جان محمد نائچ ، سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد مان بهادر انسان، جرئتمند قيادتون سڀ خوبيون رکندڙ عاشق رسول ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو، ايڊووڪيٽ مير مڱريو، سکر مان ايڊووڪيٽ سيد جعفر علي شاهه، لاڙڪاڻو مان مانجھي مڙس ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي، پنو عاقل مان ايڊووڪيٽ جمال ناصر بلو ۽ ٻيا سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن، هنن معتبر وڪلاء برداري کي هر جاء تي وڌ کان وڌ پروٽو ڪول عزت احترام ان لاءِ ملي رهيو آهي جو هو پنهنجي انساني همدردي تحت جتي ڪٿي ڪيترائي وڪيل بنا ڪنهن وڏين فيس جي به انسانيت ناتي، انساني تعلق تحت پنھنجي ڪوششن سان غريبن، مسڪينن، لاوارثن، بي پهچن، بي يارو مددگار ماڻهن جا ڪيس لڙهي انهن جي پوئواري ڪري رهيا آهن، خدا تعالي جي مخلوق ۾ اڃان تائين انسانيت باقي زندهه ۽ قائم آهي، هي سڄو سنسار رب العالمين عزوجل جي حڪم سان جاري و ساري آهي. هونئن به جيڪو ٻئي سان چڱائي ڪندو رب ڪريم انھي جي به غيبي طرح قدرتي طرح مدد ڪري رهيو آهي، ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنهنجو تنهنجو، ڀلائيء جا ڀاڙا ڌڻي توکي ڏيندو، الله مالڪ ڪل آهي جيڪو پوري جهان جو ذري ذري جو مالڪ آهي، اهو جهڙي طرح سڀني کي پالي نپائي رهيو آهي ۽ زنده رکي زندگي بخشي رهيو آهي، انهيءَ جو ڪو مثال نٿو ملي سگهي، رڳو پئسا ڪمائڻ جي لاءِ وڪيل برادري ئي ناهي بلڪ معزز وڪيل برادري ۾ به ڪيترائي فرشته صفت انسان اڃان تائين موجود آهن، جيڪي زندگيءَ جي رونقين ۾ انسانيت جي معراج اڳتي وڌائي رهيا آهن، هي زندگي ته فنا ٿيڻي آهي بقاء واري زندگي ۾ زندهه رهڻ لاءِ انسانيت جي خدمت لازمي سمجهي وڃي ٿي، سڀاڻي پهرين نومبر 2025ع بروز ڇنڇر تي ٿيندڙ وڪيل برادري ۾ اهڙن شاندار معتبر سنڌ دوست ايڊووڪيٽ وڪيل ڀائرن کي ووٽ ڪيو وڃي، جنهن تي فخر ڪري سر اونچو ڪندي گهمي سگهجي ته اسان اهڙي ارڏي ، مڙس ماڻهو، جرئتمند، بهادر ، شينهن ببر شير جاکوڙي کي ووٽ ڪري آيا آهيون جيڪو قول ۽ فعل ۾ تضاد نٿو رکي، جيڪو حق سچ جو پرچارڪ آهي، جيڪو سنڌ جي دردن، اهنجن ، مسئلن تي ازخود اٿي کڙو ٿئي ٿو، هر پنجين سال چونڊون اليڪشنون ته ٻين ادارن ڊپارٽمينٽن، يونين م به ٿينديون آهن پر هي چونڊون انهي ڪري به وڏي اهميت جوڳيون آهن ته هي هڪ باشعور طبقي وڪيلن جون چونڊون آهن انهن م گهٽ م گهٽ ڪي معيار، ڪي بهتر انتخاب چونڊون هجن گهرجن، زنده ضمير وارا دوست هميشه حق سچ جو ساٿ ڏيندا آهن، دوستي، ڀاري سنگت، مٽي مائٽي سڀ پنهنجي جڳهه تي پر اصل حقيقي عملي جدوجهد، جاکوڙيندڙ ڪردارن کي ووٽ ڪيو وڃي. جنهن سان انقلابي سگهاري ۽ مثبت موٽ اداري کي ملڻ لڳندي آهي، باقي رسمي طور تي فارملٽي طرح هڪڙا بدلائي ٻيا رکڻ ڪا معني ۽ حيثيت اهميت نٿا رکن، اداري جي بهتري ڀلائي لاءِ سٺو سوچيندڙ، بهتر خدمتون ڪندڙن خدمت گذار جذبن جي اميدوارن عهديدارن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ ڪهي وڃجي، اليڪشن جي ڏينهن م ڪجهه ماڻهو سستائپ، مڙيئي سڙيئي ننڍن ڪمن ڪارن سبب ووٽ نه ڏيڻ لاءِ بهانا ڳوليندا آهن پر ائين نه ڪرن گهرجي ڇاڪاڻ ته هر هڪ جو قيمتي ووٽ ٿئي ٿو ۽ هرهڪ ووٽ جي پنهنجي اهميت افاديت آهي. انهي هڪڙي ووٽ تي ڪو ڪامياب ٿي سگهي ٿو ڪو ناڪام ٿي سگهي ٿو، ڪوشش ڪري سڀ جو سڀ دوست پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي به پنهنجي سچي کري مخلص بهترين اميدوار کي ووٽ ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي نمايان تبديلي آڻي سگهجي ٿي. توهان جو ووٽ ئي حقيقي تبديلي جو اهڃاڻ ۽ سبب آهي. حقيقت پڇو ته وڪيل برادري جو قيمتي ووٽ سنڌ جي تقدير جا فاصلا ڪرڻ وڃي پيو. جنهن لاءِ مخلص، نيڪ نيت، بهادر، دلير ۽ هڏڏوکي انسانيت دوست ايڊووڪيٽ اميدوارن کي دل جي اتهاهه گهيرائين سان خوشي پاٻوهه وچان ووٽ ڪري اطمينان ڪري ڇڏيو ته اسان پنهنجو قيمتي ووت جنهن کي ڪيو آهي اهو اسان جي ملڪ پاڪستان جي خوشحالي، ترقي ، اسان جي سنڌ ڌرتي جي حفاظت جياپي وجود جي بقاء جو ڪارڻ بڻبو. وسيع تر سوچ رکندڙ قومون ئي پنهنجي عظيم هستين، اثاثن جو بهتر دفاع ڪري سگهن ٿيون.
0 تبصرے