پاڪستان ۾ هر سال هڪ لک 60 هزار ماڻهو تماڪ ڇڪڻ ڪري فوت ٿين ٿا:مير ذولفقار علي

تماڪ ڇڪڻ جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين ۽ فوتگين جي نتيجي ۾ھر سال ملڪ کي 615 ارب رپين جو نقصان پھچي ٿو

پاڪستان ۾ هر سال هڪ لک 60 هزار ماڻهو تماڪ ڇڪڻ ڪري فوت ٿين ٿا:مير ذولفقار علي

ڪراچي(رپورٽر)ورڪرز ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ آرگنائيزيشن جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر مير ذوالفقار علي چيو آھي تھ پاڪستان ۾ ھر سال ھڪ لک سٺ ھزار ماڻھو تماڪ ڇڪڻ جي ڪري فوت ٿين ٿا، جڏھن تھ تماڪ ڇڪڻ جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين ۽ فوتگين جي نتيجي ۾ھر سال ملڪ کي 615 ارب رپين جو نقصان پھچي ٿو، تماڪ واپرائيندڙ ۽ سگريٽ ڇڪيندڙن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قانون تي عملدرآمد ڪيو وڃي . پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ ھن چيو تھ پاڪستان ۾ تقريبن ٽي ڪروڙ ڏھھ لک ماڻھو تماڪ واپرائن ٿا جن ۾ اڪثريت سگريٽ ڇڪڻ وارن جي آھي . پاڪستان ۾ تماڪ جي استعمال تي ضابطو آڻڻ لاءِ تعليمي ادارن، آفيسن ۽ عوامي ماڳن تي سگريٽ ڇڪڻ تي پابندي سميت اھم قدم کنيا ويا آھن، ان جي باوجود تماڪ جي استعمال ۾مسلسل اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آھي، نوجوانن ۾ تماڪ استعمال ڪرڻ جي شرح ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي چڪي آھي. مير ذوالفقار علي چيو تھ تماڪ جو استعمال صرف پاڪستان جو ئي نھ پر دنيا جي اڪثر ملڪن جو مسئلو آھي، برطانيھ ۽ سويڊن سميت ڪيترن ئي ملڪن سگريٽ جي متبادل گھٽ نقصان ڏيندڙ شين جي استعمال سان تماڪ جي استعمال جي شرح ۾خاطر خواھھ گھٽتائي آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آھي، انھن شين ۾اي سگريٽ، سنوس ۽ ھيٽ ناٽ برن شامل آھن، پبلڪ ھيلٿ انگلينڊ جي مطابق اي سگريٽ، تماڪ واري سگريٽ جي مقابلي ۾95 سيڪڙو گھٽ نقصان ڏيندڙ ۽ تماڪ جو استعمال نھ ڪرڻ ۾ مددگار ھوندا آھن. پر ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ ملڪ ۾تماڪ چڪڻ تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان قانون تي عملدرآمد ڪيو وڃي تھ جئين تماڪ کان پاڪ پاڪستان وارو مقصد ماڻي سگھجي.