English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايس ايس پي ٺٽو پاران پوليس هيڊڪوارٽر ۾ اردلي روم قائم, 51 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف مختلف انتظامي سزائون لاڳو
333 views
|
29th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
اهلڪارن جا زيرالتوا شوڪاز نوٽيس ۽ انڪوائريون فائنل ڪيون ويون
ٺٽو (شفيق ڀٽي)ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراني پاران پوليس هيڊڪوارٽر ٺٽو ۾ اردلي روم جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن ۽ يونٽن سان لاڳاپيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي۔اردلي روم دوران ايس ايس پي ٺٽو اهلڪارن جا شڪايتون، شوڪاز نوٽيس، معطلي ۽ ٻين انتظامي مسئلن جو تفصيلي جائزو وٺي، قانوني طريقيڪار مطابق فيصلا جاري ڪيا۔ايس ايس پي ٺٽو پاران غيرحاضري، ڊيوٽي ۾ غفلت، بدتميزي، نظم و ضبط جي ڀڃڪڙي ۽ منظم ڏوهن جي سرپرستي ۾ ملوث 51 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف مختلف انتظامي سزائون لاڳو ڪيون ويون، جڏهنته ڪيترن ئي اهلڪارن جا زيرالتوا شوڪاز نوٽيس ۽ انڪوائريون فائنل ڪيون ويون۔ان موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراني چيو ته پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڊسپلن، ايمانداري ۽ ذميواري سان ڊيوٽي ڪرڻ ئي اصل سڃاڻپ آهي۔ هن چيو ته جيڪي اهلڪار پنهنجي فرضن ۾ ايماندار آهن، انهن جي سٺي ڪارڪردگي تي کين ساراهيو ويندو ۽ انعام ڏنا ويندا۔ايس ايس پي ٺٽو وڌيڪ چيو ته پوليس اهلڪارن کي ڇُٽين، تبادلن ۽ فلاح بابت مسئلن جي حل لاءِ سڌو ايس ايس پي آفيس ٺٽو سان رابطو ڪرڻ گهرجي، جيئن سندن جائز مسئلا جلد حل ٿي سگهن۔هن زور ڏنو ته پوليس اهلڪار ڊيوٽي دوران عوام سان خوش اخلاقي، محبت ۽ تعاون سان پيش اچن، ڇوته پوليس جو اصل ڪم عوام جي خدمت ۽ تحفظ آهي، نه رڳو قانون لاڳو ڪرڻ۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ايس پي ٺٽو پاران پوليس
0 تبصرے