English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير امن ٿو گهري..!!
230 views
|
28th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سامي ميمڻ
ڪراچي جو ملير ضلعو جيڪو ڪڏهن امن، پيار، ۽ گڏيل هم آهنگيءَ جي علامت هوندو هو اڄ ڏوهارين، قبضا مافيا، ۽ سرڪاري بي حسيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي۔ ملير امن ٿو گهري رڳو نعرو نه پر هزارين شهرين جي دلين جو آواز آهي، جيڪي هر روز خوف، ناانصافي، ۽ بي يقيني ۾ گذاري رهيا آهن گذريل ٻن سالن دوران ملير ۾ ڦر، قتل، اسٽريٽ ڪرائم، ۽ زمينن تي غير قانوني قبضا انتهائي وڌي ويا آهن۔ پوليس جي انگن اکرن مطابق روزانو لڳ ڀڳ درجن کن ڦرن ۽ موٽر سائيڪل چوريءَ جا واقعا پيش اچن ٿا، پر انهن مان اڪثر رپورٽون داخل ئي نٿيون ڪيون وڃن۔ ڪيترائي شهري چون ٿا ته پوليس واقعي کان پوءِ به دير سان پهچندي آهي، ۽ ڪيترين حالتن ۾ ڏوهارين سان ڳٺ جوڙ ۾ ملوث هوندي آهي۔
مثال طور، گهگهر، پپري ، گلشنن حديد، ميمڻ ڳوٺ، گڏاپ ، ۽ ملير سٽي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائم عام ڳالهه بڻجي چڪي آهي۔ملير ۾ پوليس اهلڪارن، عام شهرين، کدڙن فقيرن، ڦر دوران مزاحمت تي 20 کان وڌيڪ شهرين جو قتل ٿي چڪو آهي پر انتظاميا گهربل تحرڪ نه ورتو ۔زمين مافيا ملير جي وڏن مسئلن مان هڪ آهي۔ گڏاپ، شاه لطيف ٽائون، ۽ گلشن حديد جهڙن علائقن ۾ لکين ايڪڙ سرڪاري ۽ زرعي زمين تي قبضا ڪيا ويا آهن۔ ڪيترن هنڌن تي روينيو عملدار ۽ پوليس اهلڪار پاڻ مافيا سان ملي ڪري جعلي ڪاغذن تي زمينون وڪرو ڪن ٿا۔ ڪجهه مهينا اڳ گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ وڏي آپريشن دوران سوين غير قانوني ٺهيل دڪان ۽ گهر ڊاهيا ويا، پر مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيڪي اثرورسوخ وارا آهن، انهن جي عمارتن کي هٿ به نه لڳايو ويو
پوليس ۽ انتظاميا جي بي عملي به ملير ۾ امن جي تباهيءَ جو اهم ڪارڻ آهي۔ ڪيترائي ايس ايڇ او ۽ روينيو عملدار سالن کان هڪ ئي علائقي ۾ ويٺل آهن، جن تي رشوت، زمينن جي بندوبستن ۾ ڌانڌلي، ۽ ڏوهارين سان لاڳاپن جا الزام عام آهن۔ گهڻن ڪيسن ۾ پوليس رڳو “نمائشي ڪارروايون” ڪندي آهي، جتي ڪجهه غريب ماڻهن کي گرفتار ڪري ميڊيا آڏو پيش ڪيو ويندو آهي، پر وڏا ڏوهاري هر ڀيري بچي نڪرندا آهن۔سماجي سطح تي حالتن جو اثر انتهائي منفي آهي۔ ماڻهن ۾ ڊپ ۽ مايوسي وڌي رهي آهي، مارڪيٽون ۽ ڪاروبار شام کان اڳ بند ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن ته والدين پنهنجن ٻارن کي رات جو ٻاهر وڃڻ کان روڪين ٿا ماهرن جو خيال آهي ته ملير ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ رڳو پوليس آپريشن ڪافي ناهي۔
هتي اداري جي سڌارن، سياسي اثر ختم ڪرڻ، ۽ عدالتي احتساب جي ضرورت آهي۔ ساڳئي وقت، مقامي برادرين کي گڏ ي سماجي اتحاد ۽ شهري ذميواريءَ جا پروگرام شروع ڪرڻ گهرجن ملير جا ماڻهو اڄ به اميد رکن ٿا ته جيڪڏهن ايماندار قيادت، آزاد ميڊيا، ۽ سچن آفيسرن کي موقعو ڏنو ويو، ته اهو علائقو ٻيهر پنهنجي پراڻي شان، ڀائچاري ۽ امن ڏانهن موٽي سگهي ٿو۔ملير امن ٿو گهري، پر امن تڏهن ايندو جڏهن پوليس، روينيو، ۽ سياست جي ملي ڀڳت ٽوڙي انصاف ۽ برابريءَ جو نظام بحال ڪيو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير امن ٿو گهري
سامي ميمڻ
0 تبصرے