English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير امن ٿو گهري..!!
views
|
28th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سامي ميمڻ
ڪراچي جو ملير ضلعو جيڪو ڪڏهن امن، پيار، ۽ گڏيل هم آهنگيءَ جي علامت هوندو هو اڄ ڏوهارين، قبضا مافيا، ۽ سرڪاري بي حسيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي۔ ملير امن ٿو گهري رڳو نعرو نه پر هزارين شهرين جي دلين جو آواز آهي، جيڪي هر روز خوف، ناانصافي، ۽ بي يقيني ۾ گذاري رهيا آهن گذريل ٻن سالن دوران ملير ۾ ڦر، قتل، اسٽريٽ ڪرائم، ۽ زمينن تي غير قانوني قبضا انتهائي وڌي ويا آهن۔ پوليس جي انگن اکرن مطابق روزانو لڳ ڀڳ درجن کن ڦرن ۽ موٽر سائيڪل چوريءَ جا واقعا پيش اچن ٿا، پر انهن مان اڪثر رپورٽون داخل ئي نٿيون ڪيون وڃن۔ ڪيترائي شهري چون ٿا ته پوليس واقعي کان پوءِ به دير سان پهچندي آهي، ۽ ڪيترين حالتن ۾ ڏوهارين سان ڳٺ جوڙ ۾ ملوث هوندي آهي۔
مثال طور، گهگهر، پپري ، گلشنن حديد، ميمڻ ڳوٺ، گڏاپ ، ۽ ملير سٽي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائم عام ڳالهه بڻجي چڪي آهي۔ملير ۾ پوليس اهلڪارن، عام شهرين، کدڙن فقيرن، ڦر دوران مزاحمت تي 20 کان وڌيڪ شهرين جو قتل ٿي چڪو آهي پر انتظاميا گهربل تحرڪ نه ورتو ۔زمين مافيا ملير جي وڏن مسئلن مان هڪ آهي۔ گڏاپ، شاه لطيف ٽائون، ۽ گلشن حديد جهڙن علائقن ۾ لکين ايڪڙ سرڪاري ۽ زرعي زمين تي قبضا ڪيا ويا آهن۔ ڪيترن هنڌن تي روينيو عملدار ۽ پوليس اهلڪار پاڻ مافيا سان ملي ڪري جعلي ڪاغذن تي زمينون وڪرو ڪن ٿا۔ ڪجهه مهينا اڳ گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ وڏي آپريشن دوران سوين غير قانوني ٺهيل دڪان ۽ گهر ڊاهيا ويا، پر مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيڪي اثرورسوخ وارا آهن، انهن جي عمارتن کي هٿ به نه لڳايو ويو
پوليس ۽ انتظاميا جي بي عملي به ملير ۾ امن جي تباهيءَ جو اهم ڪارڻ آهي۔ ڪيترائي ايس ايڇ او ۽ روينيو عملدار سالن کان هڪ ئي علائقي ۾ ويٺل آهن، جن تي رشوت، زمينن جي بندوبستن ۾ ڌانڌلي، ۽ ڏوهارين سان لاڳاپن جا الزام عام آهن۔ گهڻن ڪيسن ۾ پوليس رڳو “نمائشي ڪارروايون” ڪندي آهي، جتي ڪجهه غريب ماڻهن کي گرفتار ڪري ميڊيا آڏو پيش ڪيو ويندو آهي، پر وڏا ڏوهاري هر ڀيري بچي نڪرندا آهن۔سماجي سطح تي حالتن جو اثر انتهائي منفي آهي۔ ماڻهن ۾ ڊپ ۽ مايوسي وڌي رهي آهي، مارڪيٽون ۽ ڪاروبار شام کان اڳ بند ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن ته والدين پنهنجن ٻارن کي رات جو ٻاهر وڃڻ کان روڪين ٿا ماهرن جو خيال آهي ته ملير ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ رڳو پوليس آپريشن ڪافي ناهي۔
هتي اداري جي سڌارن، سياسي اثر ختم ڪرڻ، ۽ عدالتي احتساب جي ضرورت آهي۔ ساڳئي وقت، مقامي برادرين کي گڏ ي سماجي اتحاد ۽ شهري ذميواريءَ جا پروگرام شروع ڪرڻ گهرجن ملير جا ماڻهو اڄ به اميد رکن ٿا ته جيڪڏهن ايماندار قيادت، آزاد ميڊيا، ۽ سچن آفيسرن کي موقعو ڏنو ويو، ته اهو علائقو ٻيهر پنهنجي پراڻي شان، ڀائچاري ۽ امن ڏانهن موٽي سگهي ٿو۔ملير امن ٿو گهري، پر امن تڏهن ايندو جڏهن پوليس، روينيو، ۽ سياست جي ملي ڀڳت ٽوڙي انصاف ۽ برابريءَ جو نظام بحال ڪيو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Oct 2025
•
تازہ ترین
توشہ خانہ ٹو کیس کی اڈیالہ جیل میں سماعت منسوخ
28th Oct 2025
•
تازہ ترین
نوجوانوں کے لیے چیس، تائیکوانڈو اور سیلف ڈفینس کلاسز کا آغاز — کراچی میں یوتھ ڈویلپمنٹ سینٹر ساؤتھ کا افتتاح
28th Oct 2025
•
تازہ ترین
نوجوانوں کے لیے جاب پورٹل کا افتتاح — اب روزگار میرٹ پر فراہم ہوگا..وزیراعلیٰ سندھ
28th Oct 2025
•
تازہ ترین
سندھ کے مختلف شہروں میں خواتین و طالبات کے لیے اسکوٹی ٹریننگ پروگرام کا آغاز...شرجیل میمن
28th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور جي ڪچي ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ نينگر قتل، هڪ ڄڻو زخمي
28th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: پوليو جي آڪٽوبر راؤنڊ جي پوسٽ ڪيمپين جو جائزه اجلاس
28th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ ڀٽارو ۾ پ پ جي ضلعي عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو
28th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ پاڻي کوٽ خلاف بک هڙتالي ڪيمپ ٻئي ڏينهن به جاري، اڀ ڏاريندڙ نعرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير امن ٿو گهري
سامي ميمڻ
0 تبصرے