عوامي راڄ تحريڪ پاران ڪراچي ۾ 23 نومبر تي جلسي جو اعلان

عوامي راڄ تحريڪ جي اهم گڏجاڻي ڊاڪٽر ثناءُ الله مهر جي صدارت ۾ ٿي گذري

عوامي راڄ تحريڪ پاران ڪراچي ۾ 23 نومبر تي جلسي جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عوامي راڄ تحريڪ ڪراچي ۾ 23 نومبر تي جلسي جو اعلان ڪيو آهي، اڳواڻن طرفان ڌرتي ڌڻين، پنھنجن شھرن، وسيلن ۽ حقن جي مالڪي لاءِ حقيقي ۽ اثرائتو آواز اٿارڻ جو وچن ڪيو ويو، تفصيل موجب عوامي راڄ تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي اهم گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن جي صدارت ڊويزن چيف آرگنائزر ڊاڪٽر ثناء الله مهر ڪئي. گڏجاڻي ۾ پارٽي چيئرمين سيد خليل احمد شاهه، مرڪزي اڳواڻ سارنگ پيرزادو، محبوب رند سميت ٻين مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي جي ڪارروائي ضلعي ايسٽ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اختيار علي چنا ھلائي، اجلاس ٽي بنيادي ايجنڊا تي مشتمل ھو، جن ۾ تنظيم ۾ نظم و ضبط قائم ڪرڻ، بنارس واري علائقي ۾جلسي جي تاريخ جو اعلان ۽ ڪراچيءَ ۾ تنظيم کي تيزي سان ڦهلائڻ جي حڪمت عملي شامل ھئي، ڪراچي ڊويزن جي سڀني عهديدارن، مدر ونگ سميت ليبر ونگ، لائيرز ونگ ۽ اسٽوڊنٽ ونگ جي اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي، گڏجاڻي دوران اڳواڻن مٿين ايجنڊائن بابت پنهنجا اهم رايا ۽ تجويزون پيش ڪيون، جن ۾ تنظيم کي وڌيڪ منظم، فعال ۽ عوامي سطح تي اثرائتو بڻائڻ تي زور ڏنو ويو، اجلاس ۾ گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو ته بنارس ۾ وڏو عوامي جلسو 23 نومبر تي منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ مرڪزي ۽ ضلعي اڳواڻ عوامي رابطا مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو عهد ڪيو، اڳواڻن چيو تي ته پارٽي کي اڳتي وڌائڻ، منظم ڪرڻ ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، جيئن عوامي راڄ تحريڪ پنهنجي ماروئڙن، پنهنجن شهرن ۽ پنهنجن وسيلن جي مالڪي لاءِ حقيقي آواز بڻجي سگهي, اڳواڻن وڌيڪ چيو ته عوامي حقن جي جدوجهد هر حال ۾ جاري رهندي ۽ تنظيمي اتحاد سان پارٽي کي نئين اڳڀرائي ڏني ويندي....