English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي يونيورسٽي پاران ميمڻ ڳوٺ لاءِ پوائنٽ سروس بند، شاگرد سخت پريشان
62 views
|
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شاگردياڻيون توڙي شاگرد ٽي ٽي بسون بدلائي يونيورسٽي پهچڻ تي مجبور، سروس جي فوري بحالي جو مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا طرفان ميمڻ ڳوٺ لاءِ پوائنٽ (بس) سروس بنا ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي بند ڪرڻ تي علائقي واسين ۽ شاگردن ۾ شخت مايوسي ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي۔ شاگردن موجب يونيورسٽي اچڻ وڃڻ لاءِ هر اڪيلو سواري جو ذريعو هو جنهن جي بند ٿيڻ سبب تعليمي سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن شاگردن ٻڌايو ته پوائنٽ سروس بند ٿيڻ بعد هاڻ کين ڪراچي يونيورسٽي پهچڻ لاءِ ٽن ٽن بسين ۾ سفر ڪرڻو پوي ٿو۔ ڪيترن شاگردن شڪايت ڪئي ته صبح سوير نڪرڻ باوجود به هو اڪثر ڪلاسن ۾ دير سان پهچن ٿا جڏهن تہ واپسي تي ٽرانسپورٽ نه ملڻ سبب شام دير تائين روڊن تي خوار ٿيڻ تي مجبور ٿين ٿا۔ هن صورتحال سان نه صرف وقت جو ضايع ٿي رهيو آهي پر خرچن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي ميمڻ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا درجنين شاگردن ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته پوائنٽ سروس کي فوري طور بحال ڪيو وڃي، جيئن شاگردن کي تعليمي نقصان کان بچائي سگهجي۔ انهن جو چوڻ آهي ته يونيورسٽيءَ جي ٽرانسپورٽ سهولت صرف محدود علائقن تائين مهيا ڪئي پئي وڃي، جڏهنتہ پري پري رهندڙ شاگرد مڪمل طور نظرانداز ٿي رهيا آهن۔متاثر شاگردن صوبائي تعليم کاتي ۽ عوامي نمائندن کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته هو هن معاملي تي فوري نوٽيس وٺي يونيورسٽي انتظاميا سان ڳالهه ٻولهه ڪري سروس بحال ڪرائن۔ شاگردن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سهولت بحال نه ٿي ته هو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا شاگردن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جهڙي وڏي تعليمي اداري ۾ داخلا ملڻ باوجود ٽرانسپورٽ جي بنيادي سهولت نه هجڻ افسوسناڪ ڳالهه آهي۔ انهن جو چوڻ هو ته پوائنٽ سروس رڳو سواري جو ذريعو نه آهي، پر ڪيترن غريب شاگردن لاءِ تعليم جاري رکڻ جو واحد سهارو آهي تنهنڪري ان کي بند ڪرڻ سندن تعليمي مستقبل سان کيڏڻ جي برابر آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي يونيورسٽي پاران ميمڻ
0 تبصرے