ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل خانه جات حاجي علي حسن زرداري پنھنجي تڪ پي ايس 76 ميرپور ساڪرو ڪيٽي بندر پھچي مختلف اسڪيمن تحت نئين سرتعمير ٿيل روڊن جو افتتاح ڪيو ۽ مانجهاندي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي۔ليٽ اسٽاپ ساڪرو کان غلام الله تائين مختلف ڳوٺن جا 30 ڪروڙ رُپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل 17 ڪلوميٽر جي روڊن جو افتتاح ڪيو۔صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روڊ رستا، پاڻي، تعليم ۽ صحت جهڙا منصوبا عوام جون بنيادي سھولتون آھن، جن کي حل ڪرائڻ پنھنجو فرض سمجھان ٿو۔صوبائي وزير چيو ته پ پ قيادت اعتماد ڪري ٺٽي ضلعي لاءِ اسڪيمون ڏئي رھي آھي جنھن تي قيادت جو ٿورائتو آھيان، پنهنجي تڪ جي عوام سان ڏک سک ۾ گڏ ھوندس۔ ٺٽي جي ماڻھن ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ٺٽو پ پ جو قلعو آھي، ٺٽي واسين جو تھ دل سان ٿورائتو آھيان۔عوام سان مخاطب ٿيندي صوبائي وزير چيو ته اوھان جا ڪم اوھان جو حق ھو، ڪو بہ احسان نہ ڪيو آهي۔ وڌيڪ ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي تنقيد بہ ٿيندي آھي، جائز تنقيد ٿيڻ گھرجي پر بغض جي بنياد تي تنقيد قبول ناھي۔مون ڪنھن سان زيادتي ڪئي ھوندي تہ ذميوار رھندس، پ پ قيادت وزارت ڏني جنھن تي پڻ قيادت جو شڪر گذار آھيان۔ ٺٽي جي ترقي جو رستو نہ روڪيو، ٽڪيٽ پ پ جي امانت آھي، ميراث ناھي۔ پارٽي ذميواري ڏني تہ وري نڀائيندس۔ ٺٽي کي پنھنجو گھر سمجھندو آھيان، گھر جي ڀاتي جيان ھتي جي ماڻھن جي خدمت ڪيان پيو۔ منھنجو ڪنھن سان جھيڙو ناھي، ٺٽي کي فتح ڪرڻ ناھيان آيو، سڀ کان پھرين پنهنجي تڪ سميت ٺٽي ضلعي جي ماڻهن جي خدمت ترجيح آھي۔صوبائي وزير ٻگهاڻ جي ڳوٺ ڪرمي سمون ۾ مانجهاندي واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ ضلعي ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنھور، وائيس چيئرمين ممتاز جلباڻي، وڏيرو احمد سمون، ترجمان محسن ھائوس شاھنواز لوھار، يو سي چيئرمين غلام نبي شيخ، پير سڪندر شاھ، ملڪ سليم شورو، عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون، جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي، سينيئر صحافي اي بي شورو سميت پليز پارٽي جي اڳواڻن، ميمبرن ۽ معزز شخصيتن شرڪت ڪئي۔
1 تبصرے
2 weeks ago
علي اصغر جت
محترم حاجي علي حسن زرداري صاحب
وزير جيل خانه جات، سنڌ
السلام عليڪم ورحمة الله وبركاته،
عرضدار: اصغر جت، رهواسي ديھ پٽ مڙهو، يونين ڪائونسل کڳاڻ، تعلقو ميرپور ساڪرو، ضلعو ٺٽو
موضوع: ديھ پٽ مڙهو ۽ جت قوم جي محروميءَ بابت فرياد
ڳوٺ محمد عارب جت
جناب والا!
اسان جا اڱڻ ويران، ٻار علم کان محروم، نياڻيون پاڻي لاءِ تڪليفن ڀريو سفر ڪنديون رهن، ۽ اسان جا مريض رستن تي ئي ساهه وڃائين—اهو سڀ ڏسندي به جيڪر قلم خاموش رهي، ته ضمير به شرمسار ٿئي.
جنابِ محترم، هي خط ڪنهن سياست يا شهرت لاءِ ناهي، هي تڏهن لکي رهيو آهيان جڏهن ديھ پٽ مڙهو جي وڏي جت آباديءَ ۾ ڪنهن به سرڪاري سهولت جو نشان ناهي. نه اسڪول، نه اسپتال، نه روڊ، نه باقاعده پاڻيءَ جو بندوبست!
اڄ به نياڻيون 3 ڪلوميٽر پنڌ ڪري پاڻي ڀرين ٿيون،
بوڙها پنهنجي بيمارين سان بي يار و مددگار پيا تڙفن، ۽ جوان نسل اڻ پڙهيل رهجي مستقبل جي اونداهين ۾ گم ٿي رهيو آهي.
جنابِ اعلي، جت قوم هميشه امن، خدمت، حب الوطنيءَ لاءِ سڃاتي وئي آهي، پر افسوس! اسان اڄ تائين محرومي جو ئي ورثو ماڻينداسين. ڪنهن به سرڪاري منصوبي ۾ اسان جو نالو ناهي، نه ڪنهن اهلڪار پير پاتو، نه ئي ڪو وزير مشڪل گهڙيءَ ۾ پُڇاڻو آيو۔
مان اوهان کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اوھان اسان جا چونڊيل نمائندا آهيو،
اسان جا ووٽ پ پ جي نالي ڪيان آهن اڄ .پر
اوهان جو ڪو پير به اسان جي ويرانن ۾ نه پيو۔
تنهنڪري ادب سان، درد سان، فرياد سان عرض ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري هن بي وسيءَ جي صورتحال تي نوٽيس وٺو:
هڪ اليمينٽري مڊل اسڪول قائم ڪيو وڃي
بنيادي صحت مرڪز يا ڊسپينسري ڏني وڃي
روڊن رستن جي مرمت ڪئي وڃي
صاف پاڻيءَ لاءِ هٿ پمپ يا فلٽر پلانٽ ڏنا وڃن
اها التجا صرف عرض ناهي، پر هڪ پڪار آهي... جت قوم جي پُڪار، جيڪا اوهان تائين پهچي، ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان غريبن لاءِ به سهاري جو هٿ وڌايو وڃي۔
اوهان جي مهربانيءَ جا منتظر
عرضدار:
اصغر جت
ديھ پٽ مڙهو، يوسي کڳاڻ، تعلقو ميرپور ساڪرو
ضلعو ٺٽو
Ali1988.Asghar@gmail.com
03213808506
03188132472
1 تبصرے
علي اصغر جت