شڪارپور پوليس پنج ڏوهاري گرفتار ڪري ورتا آهن: پارس بکراڻي

گرفتار ڏوهارين جو بروهي گينگ سان تعلق آهي جيڪي ڦر جي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن: ڊي ايس پي سٽي

شڪارپور پوليس پنج ڏوهاري گرفتار ڪري ورتا آهن: پارس بکراڻي

شڪارپور(احسان ابڙو) ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي جي ايس ايس پي آفيس ۾ اھم پريس ڪانفرنس ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي چيو تہ شڪارپور پوليس کي وڏي ڪامياب ملي آھي,ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ جي ھدايتن تي ڏوھارين خلاف ڪاروايون جاري آھن اھي سلسلي ۾. پوليس ڪاروائي ڪندي بروھي گينگ جا پنج ڏوھاري گرفتار ورتا آھن,گرفتار ڏوھارين کان موٽرسائيڪلون ۽ ڦر ٿيل روڪ رقم ھٿ ڪري ورتي آھي,ڪجھ ڏينھن شڪارپور باء پاس کان واپاري راشد جيھو کان ڦر ڪندڙ گينگ کي گرفتار ڪري انھن کان پنج لک روپيہ ريڪور ڪرايا آھن,گرفتار ڏوھاري مختلف قسمن جي سنگين ڏوھن قتل,ڦر,چورين,پوليس مقابلن ۾ ملوث آھن,گرفتار ڏوھاري بروھي گينگ ۾ شامل ھئا جيڪي شھر اندر ڏوھي وارداتون ڪندا ھئا, گرفتار ڏوھارين ۾ خيربخش بروھي,اسلم بروھي,عبدالنبي بروھي,عبدالمجيد بروھي ۽ نثار قريشي شامل آھن,جن کان 12 موٽرسائيڪلون ۽ ھڪ ڪار ھٿ ڪئي وئي آھي, جيڪي شھرين کان ڦر ڪيون ويون ھيون,پوليس کي وڏي ڪاميابي ملي آھي شھرين کان ڦرون ڪندڙ بروھي گينگ جو خاتمو ڪندي انھن جا ڪجھ ساٿي گرفتار ڪيا آھن ٻين ڏوھارين خلاف ڪاروايون جاري آھن,جلد انھن کي بہ گرفتار ڪيو ويندو,سياري جي موسم آھي انڪري پوليس کي ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو پر ان باوجود بہ ڏوھارين خلاف ڪاروائيون جاري آھن,اناج منڊي ۽ مال پڙي ۾ 20 پوليس اھلڪار مقرر ڪيا آھن جيڪي اتي ڊيوٽي ڪري رھيا آھن,شھر اندر پوليس جو گشت وڌايو آھي,جيئن ڏوھن تي ڪنٽرول ڪري سگھجي,قانون سڀ لاء برابر آھي جيڪو قانون کي ھٿ ۾ کڻندو ان کي سزا ضرور ملندي.