سياست جا منظر هر دور ۾ بدلجندا رهن ٿا، پر ڪجهه حقيقتون اهڙيون آهن جيڪي نه سياست بدلائي سگهيون، نه جماعتون، نه ليڊر ۽ نه ئي اقتدار جا عروج ۽ زوال. پاڪستان جي سياسي تاريخ به اهڙي دائري ۾ ڦاٿل آهي جتي هڪ پاسي عوامي بالادستي جا نعرا بلند ٿين ٿا، ته ٻئي پاسي ساڳي قوتون وقت اچڻ تي ساڳي عمل جي ڀيٽ ۾ خاموش به رهنديون آهن، مزاحمت به ڪنديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن حمايت به ڪنديون آهن. نواز شريف جو تازو بيان، جنهن ۾ هن کليءَ لفظن ۾ اهو مطالبو ڪيو ته ”اهي وڏا مجرم“ جن پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان کي اقتدار تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، انهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، اهو دراصل هڪ اهڙي بحث جو نئون باب کولڻ جي برابر آهي جيڪو ڪيترين ئي ڏهاڪن کان هن ملڪ جي سياسي، عدالتي ساخت کي جڪڙي بيٺو آهي۔
نواز شريف ڪجهه وقت کان خاموش هو، سياست ۾ گهڻو فعال نظر نٿو آيو، پر هن جي خاموشي جيڪا ڪيترن لاءِ تجسس جو سبب هئي، اڄ ٽٽي چڪي آهي ۽ اهڙي وقت تي ٽٽي آهي جڏهن ملڪ وري هڪ نئين سياسي ڇڪتاڻ، معاشي دٻاءَ ۽ افراتفري واري فضا ۾ بيٺل آهي۔ هن جو بيان نه رڳو سياسي ردعمل پيدا ڪري چڪو آهي پر ٻيهر اهو سوال به زنده ڪري ڇڏيو آهي ته آخر احتساب جو معيار ڪهڙو آهي؟ احتساب ڪنهن لاءِ؟ ڪيستائين؟ ۽ ڪنهن جي هٿ ۾ آهي؟ انهن ڳالهين جو وزن ان ڪري به وڌي ٿو جو نواز شريف پاڻ ماضي ۾ ساڳين قوتن جي هٿان وزارت اعظميٰ وڃائي چڪو آهي، ۽ ساڳئي وقت هن جي جماعت به ڪيترن مرحلن تي اهڙي هائبرڊ ترتيب مان فائدو وٺندي رهي آهي جنهن تي هو اڄ تنقيد ڪري رهيو آهي. پر سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان ۾ حقيقت ۾ اهڙو احتساب ممڪن آهي جيڪو رڳو مخالف سياسي ڌر تائين محدود نه هجي؟ ڇا سياستدان پاڻ تي لاڳو ٿيندڙ اصول اپنائڻ لاءِ تيار آهن؟ يا احتساب جو نعرو هر دور ۾ رڳو سياسي هٿيار طور استعمال ٿيندو رهندو؟نواز شريف جي ڳالهه، جنهن ۾ هن 2017ع کان وٺي پنهنجي برطرفي تائين پس منظر رکندڙ ماڻهن جا حوالا ڏنا، دراصل ڪنهن هڪ ماڻهو، هڪ جماعت يا هڪ فيصلي جي ڳالهه ناهي، بلڪه اها سموري سياسي انجنيئرنگ، مضبوط ادارن جي مداخلت، عدالتي متنازعه فيصلا ۽ سياسي جماعتن جي مفادن لاءِ ٿيل اتحاد ۽ ٽڪراءَ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي جنهن جو هر باب ملڪ جي جمهوريت کي ڪمزور ڪيو، عوامي اعتماد کي ڌڪ رسايو ۽ ڪردار کي غير شفاف بڻايو۔هي حقيقت به لڪل ناهي ته نواز شريف جي برطرفيءَ کان پوءِ ساڳين طاقتور شخصيتن کي عمران خان جي حڪومت ڪرائڻ، پي ڊي ايم جي قيام ۾ ڪردار ۽ آخرڪار مسلم ليگ (ن) کي ٻيهر اقتدار تائين پهچائڻ واري عمل ۾ پڻ سامهون آندو ويو۔ اهو تضاد ئي پاڪستان جي سياست جو اصل درد آهي؛ اهو ئي دائرو آهي جتي حالتون هڪ طرف ڪنهن کي اقتدار ڏين ٿيون ته ٻئي طرف ساڳيون قوتون ئي ڪجهه وقت بعد انقلاب جي نالي تي، يا احتساب جي نالي تي، يا ملڪ جي مفاد جي نالي تي، انهن کي هٽائي به ڏين ٿيون۔
اهو پڻ ڏکيو سوال آهي ته ڇا سياستدان اڃا تائين اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته غير سياسي قوتن جي مداخلت جو وڏو سبب پاڻ سياستدان ئي آهن؟ جيڪڏهن ڏينهن رات ڪنهن به سياسي جماعت جي اڳواڻ جا ٻيا ادارا ذڪر ٿين،جيڪڏهن ليڊر پنهنجي مخالفن کي سياسي ميدان ۾ شڪست ڏيڻ بجاءِ ڪنهن ٻي طاقت جي مدد سان هٽائڻ چاهن، ته پوءِ اهو نظام ڪيئن مضبوط ٿي سگهي ٿو؟
هي به حقيقت آهي ته عدليه جو ڪردار به ڪيترن دورن ۾ متنازع رهيوساقب نثار کان وٺي ٻين ڪيترن ججن جي فيصلا سازيءَ ۾ سياسي مٿاهين جو اثر رهيو،اهو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ به گهري نظرثاني ضروري آهي۔ احتساب جيڪڏهن ڪرڻو آهي ته پوءِ اها نگراني به ٿيڻ گهرجي ته عدليه ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪهڙن فيصلن ۾ ضابطه ڪار کان ٻاهر نڪتي۔ اعتبار جي بحاليءَ لاءِ صرف سياستدان ڪافي ناهن، ادارن کي به هڪ اهڙي خود احتسابي جي ضرورت آهي جيڪا صرف بيانن تائين محدود نه هجي پر عملي طور تي ڏسي سگهجي۔
سياست ۾ اصل خرابي تڏهن پيدا ٿي جڏهن ميثاق جمهوریت کي هڪ زنده معاهدي طور برقرار نه رکيو ويو، جتي اهو واضح طور لکيل هو ته ڪا به جماعت، ڪابه قيادت، اقتدار ۾ اچڻ لاءِ فوج جي مدد يا غير آئيني قوتن جي طرف نه ويندي۔ بدقسمتيءَ سان هن ڳالهه جي ابتڙ ٿيو۔ جماعتون وقتي فائدي لاءِ اصول قربان ڪنديون رهيون، ڪڏهن هڪ ٻي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ جا سهارا ورتا، ته ڪڏهن ادارن کي مجبورڪيو ويو ته هو ملڪ جي سياسي بناوت ۾ پنهنجو ڪردار وڌائين۔ نتيجو ڇا ٿيو؟ جمهوريت جي گاڏي اڳتي وڌڻ بدران ساڳي هنڌ ڦاٿل رهي۔
اڄ جڏهن حالتون اهڙي موڙ تي بيٺل آهن ته نواز شريف نئين بحث جو دروازو کولي ڇڏيو آهي، ته اهو بحث رڳو هڪ دور، هڪ شخص يا هڪ اداري تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر هڪ مجموعي تجزيو هئڻ گهرجي جنهن ۾ سياستدان، عدالتون،بيوروڪريسي سڀ شامل ٿين۔ صرف ماضيءَ جي هڪ قصي جو حساب ڪرڻ سان ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، اصل ضرورت آن آهي ته هڪ جامع، غير جانبدار، ۽ مڪمل احتساب جو عمل هجي جيڪو سڀني حڪمرانن، سڀني دورن، سڀني هٿن ۽ سڀني مداخلتن تائين وڃي۔
سياست جي مستقبل لاءِ شايد هڪ نئين ميثاق جي ضرورت آهي—هڪ اهڙو معاهدو جيڪو رڳو ڪاغذن تائين نه هجي، پر اهڙو سياسي سماجي معاهدو هجي جنهن سان گڏ سياسي قيادت پاڻ کي به جوابده بڻائي۔ جيڪڏهن سياسي قيادت پاڻ کان احتساب شروع نه ڪندي ته پوءِ ڪنهن به ادارتي احتساب جو دعوو بي معنيٰ رهندو۔
پاڪستان کي هڪ اهڙو سياسي بندوبست گهرجي جيڪو نه رڳو هائبرڊ نظام کي رد ڪري، پر سياستدانن کي پنهنجو مقدر پاڻ لکڻ جي اعتماد سان نوازيندو۔ جيڪڏهن سياستدان پاڻ ئي پنهنجي طاقت جا دروازا غيرسياسي قوتن لاءِ کليل ڇڏيندا، ته پوءِ سول بالادستي رڳو نعرو ٿي رهندو۔ ۽ جيڪڏهن هر دور ۾ سياستدان مصلحتون اختيار ڪندا رهندا، ته پوءِ جمهوريت ڪڏهن به مضبوط بنيادن تي بيهڻ جي قابل نه ٿيندي۔
ملڪ هن وقت جنهن سياسي، اقتصادي ۽ اداراتي بحران مان گذري رهيو آهي، ان مان نڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم شئي شفافيت، اصولن تي بيٺل سياست ۽ بي رخ احتساب آهي۔ پر اهو سڀ صرف تڏهن ممڪن آهي جڏهن سياسي قيادت پاڻ به ان سفر ۾ ايمانداري سان شامل ٿئي۔ احتساب جو مطالبو صرف مخالفن لاءِ هجي ته اها سياسي منافقت هوندي؛ احتساب جو مطالبو پاڻ کان شروع ٿئي ته اهو سياسي بلوغت ٿيندي۔
شايد هاڻي واقعي وقت اچي چڪو آهي ته سڀ قوتون، سڀ قيادتون، سڀ ادارا هڪ ئي نقطي تي گڏ ٿين ۽ اهو اعلان ڪن ته ماضيءَ جي سياست هاڻي ختم۔ جيڪڏهن اهو اعلان سچو ۽ خالص نيت سان ڪيو وڃي ته پوءِ پاڪستان جو سياسي مستقبل روشن، پائيدار ۽ جمهوريت پسند ٿي سگهي ٿو۔
0 تبصرے