سجاول (رپورٽر) سجاول شھر جي حق آباد ڪالوني جي جماري محلا جي رهواسي عورتن رضيه پنهنجي ماءُ فاطمه سان گڏ سورج سجاولي پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي ھنن برادري جي پوليس جمعدار جاويد جماري تي الزام ھڻندي چيو ته جاويد جماري ڪافي عرصي کان مون کي غلط واسطو رکڻ لاءِ تنگ ڪندو رھي ٿو چوي ٿو مون سان ڳالهائيندي ڪر نہ تہ توتي ڪڙا ڪيس داخل ڪرائيندس ھن جي اھڙي روز روز جي تنگ ڪرڻ بيزار ٿي اسان برادري جي ماڻهن کي دانھون پڻ ڏنيون پر نٿو مڙي رات پڻ ھو پسٽل ساڻ ڪري اسان جي گھر جو در ٽوڙي گھر ۾ داخل ٿيو چيائين مون اگر نہ ڳالھائيندين ته توکي جان سان ماري ڇڏيندس مزڪورا عورتن چيو ته اسان جو جاويد جماري جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آھي اسان غريب مسڪين آھيون ھنن ايس ايس پي سجاول توڙي اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته پوليس جمعدار جاويد جماري جي اھڙي ظلم ڏاڍ کان نجات ڏيارڻ سميت اسان جو تحفظ ڪري سندس خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي
0 تبصرے