پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون تيز، 7 ڄڻا گرفتار

7ڄڻن خلاف ڪارروائي ڪري منشيات هٿ ڪئي وئي: پوليس

پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون تيز، 7 ڄڻا گرفتار

ٺٽو (ڊ ر)ٺٽو پوليس جون ڪامياب ڪاروائيون.1 منشيات فروش، 6 گٽڪو مٽيريل سپلائر/ فروشن سميت 7 ملزم گرفتار، 1050 گرام چرس، 50 ڪلو گٽڪو مٽيريل، 1104 پُڙيون گٽڪو ماوا، 1 ڪرولا ڪار ۽ 1 آلٽو ڪار برآمد، ڪيس داخل..تفصيل موجب آءِ جي پي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌااريجو جي هدايتن جي روشني ۾ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تي ٺٽو پوليس جو منشيات، ڏوهارين، عادي مجرمن، گٽڪو، مين پڙي سپلائي ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون تيزي سان جاري آهي۔ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تي ايس ايڇ او ٿاڻو ٺٽو انسپيڪٽر ماجد علي ڪورائي ۽ انچارج پوليس پوسٽ ٺٽو سب انسپيڪٽر راجا ظفر راجپوت بمعه اسٽاف فاضل بيگ محلي ٺٽو ۾ ڪامياب ڪاروائي ڪندي منشيات فروش ملزم علي رضا شاهه ولد غلام نبي شاهه کي گرفتار ڪري ورتو۔ان کان علاوه ٿاڻو گهارو، جهرڪ ۽ جهمپير پوليس مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪاروائيون ڪندي 6 گٽڪو مٽيريل سپلائر/ فروش ملزمن عزيز ولد سليم قادري ميمڻ، محمد شعيب ولد حاجي ابوبڪر ميمڻ، سهيل ولد عبدالجبار ميمڻ، محمد اڪرم ولد اسلم خاصخيلي، فيض محمد ولد محمود کوسو ۽ اسد علي ولد غلام رسول خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو۔گرفتار ٿيل ملزمن جي قبضي مان 1050 گرام چرس، 50 ڪلو گٽڪو مٽيريل، 1104 پُڙيون گٽڪو ماوا، 1 ڪرولا ڪار ۽ 1 آلٽو ڪار برآمد ڪري، ملزمن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي گٽڪو ايڪٽ ۽ نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت الڳ الڳ مقدما داخل ڪيا ويا آهن۔