ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سھيل افضل خان ۽ گورننگ باڊي جي ميمبر پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ ڪابينا ڪراچي پريس ڪلب جي 639 ميمبرن لاءِ پلاٽن جي منظوري ڏئي ڇڏي، پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سھيل افضل خان ۽ گورننگ باڊي جي ميمبر پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو، سنڌ ڪابينا پاران ڪراچي پريس ڪلب جي 639 ميمبرن لاءِ پلاٽن جي منظوري ۽ ايم ڊي اي ۾ درپيش 80/20 جو مسئلو حل ڪرڻ جي فيصلي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سھيل افضل خان ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو خصوصي شڪريو ادا ڪندي چيو آھي تھ ان جي دلچسپي ۽ رھنمائي بنا اھا اڳڀرائي ممڪن نھ ھئي. ڪراچي پريس ڪلب پاران جاري بيان ۾ پريس ڪلب جي عھديدارن چيو تھ چيئرمين بلاول ڀٽو ھر فورم تي پريس ڪلب جي فلاحي منصوبن جي حمايت ڪئي ۽ ميمبر کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ ڪابينا نھ صرف 639 نون پلاٽن جي منظوري ڏني بلڪو ايم ڊي اي جو ڊگھي عرصي کان التوا جو شڪار 80/20مسئلو بھ حل ڪيو. پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سھيل افضل خان ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن ھن اھم فيصلي تي وڏي وزير مراد علي شاھھ جو بھ خصوصي شڪريو ادا ڪيو، جنھن معاملي کي سنجيدگي سان وٺندي عملي قدم کنيا، ھنن چيو تھ وڏي وزير ھميشھ پريس ڪلب جي فلاحي ڪمن کي ترجيح ڏني آھي ۽ ھن ڀيري بھ ذاتي دلچسپي وٺندي اھو پراڻو مسئلو حل ڪرايو، ڪراچي پريس ڪلب جي عھديدارن سينيئر وزير شرجيل ميمڻ، مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاھھ، پورھئي واري صوبائيوزير سعيد غني بھ شڪريو اداڪيو، جنھن ڪابينا ۾ معاملي کي موثر طريقي سان پيش ڪيو ۽ ٽيڪنيڪي ۽ انتظامي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، ھنن چيو تھ سنڌ حڪومت جي ھن فيصلي سان ڪراچي پريس ڪلب جي 639 کان وڌيڪ خاندانن کي رھائشي تحفظ حاصل ٿيندو جڏھن تھ ايم ڊي اي جو مسئلو حل ٿيڻ سان پريس ڪلب جي ميمبرن کي وڏي سھولت ملندي، ڪراچي پريس ڪلب اميد ڪئي تھ پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت مستقبل ۾ بھ پريس ڪلب جي فلاحي منصوبن ۾ ساڳئي جذبي سان تعاون جاري رکندي.
0 تبصرے