پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جو منشور عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي آهي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) پاڪستان پيپلزپارٽي ايم پي اي علي حسن زرداري چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پنهور جنهن ساحلي پٽي جي مختلف ڳوٺن جي خراب صورتحال کي ڏسندي ۽ عوامي تڪليف کي محسوس ڪندي گذريل 25 سالن کان زبون حالي جو شڪار روڊن جي مرمت ۽ نئين سر تعمير ڪرائي ڏني جنهن جو ڪم اڄ آخري مراحل ۾ ڪارپيٽ ٿي رھيو آھي.ان سلسلي ۾ صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري چيو آھي تہ پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جو منشور عوامي ڀلائي اولين ترجهي بنيادن تي عمل پيرا ٿيندي ساحلي پٽي جي ڳوٺن ۾ روڊن جو ڄار وڇائي رھيا آھيون. ان موقعي تي ساحلي پٽي جي ڳوٺاڻن حاجي علي حسن زرداري ۽ ضلعي چيئرمن عبدالحميد پنھنور جو شڪريو ادا ڪندي چيو آھي تہ ھو پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ۽ چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پنهور جا بي حد ٿوارائتا آھيون جن ۾ ڳوٺ احمد خان ڪلمتي بلوچ، جھنگلي ميربحر، حاجي ڪانڊيرو ملاح، لاکو ميربحر، سومار ملاح، دوسو ماڇي، مصري ملاح، ھوت بلوچ، مينھن وسايو، گل محمد سولنگي، عثمان سمون، الله بخش ميراڻي، عبدالله ڪوڏڻ، ھوٿي لاشاري، مراد خاصخيلي، بابو لاشاري، ٻير خاصخيلي، حاجي ھاشم خاصخيلي، حسن لطيف خاصخيلي، صاحب خان لاشاري، تيرو خاصخيلي، تاج محمد لاشاري، محمد علي ڪوڏڻ، 24. ڳوٺ صالح محمد ڪوڏڻ، علي سمون. جي تباھ حال روڊن جو ڪم ڪرائي ھتان جي ڳوٺن کي بھترين سفري سھولتون مھيا ڪيون آھن،ھنن چيو تہ ٻين چونڊيل نمائندن کي بہ حاجي علي حسن زرداري جي نقش قدم تي ھلي عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ گھرجن
0 تبصرے