ريلي جي اڳواڻي مختيار سومري، مرتضي جوڻيجو، مشتاق زھراڻي ، وهاب گبول، چاڪر خان شر ۽ ٻين ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 27هين آئيني ترميم خلاف ملير ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي قومي شاهراھ رزاق آباد کان شروع ٿي مختلف رستن تان ٿيندي عوامي پريس ڪلب ملير پهتي جتي شرڪت ڪندڙن ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ريلي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي سان لاڳاپيل سياسي، سماجي ۽ شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي 27هين ترميم نامنظور، سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو بند ڪيو، ۽ صوبائي خودمختياري تي حملا قبول نه آهن جهڙا نعرا لکيل هئا ۽ هو سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا ريلي جي اڳواڻي جسقم ملير جي اڳواڻ مختيار سومري، مرتضي جوڻيجو، مشتاق زھراڻي ،جساف بشير قريشي گروپ جي اڳواڻ وهاب گبول، جسقم بشير جو چاڪر خان شر عزادار چانڊيو امجد سومرو ۽ ٻين ڪئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن عوامي پريس ڪلب ملير آڏو ڌرڻي دوران خطاب ڪندي چيو ته 27هين آئيني ترميم سنڌ جي سڃاڻپ، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياريءَ تي حملو آهي اڳواڻن چيو ته وفاقي سطح تي ٺهندڙ هي ترميمي مسودو سنڌ جي مفادن خلاف سازش آهي، جنهن جو مقصد سنڌ جي وسيلن، بندرگاهن ۽ قدرتي دولت تي وفاقي ڪنٽرول وڌائڻ آهي۔ هنن چيو ته سنڌ جي سياسي ڌرين ۽ عوام کي هڪ آواز ٿي ان ترميم خلاف مزاحمت ڪرڻي پوندي وهاب گبول چيو ته سنڌ کي وسيلن جي مالڪيءَ کان محروم ڪرڻ لاءِ هي ترميم آندي پئي وڃي، پر سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجن حقن تان هٿ نه کڻندا۔ھن چيو ته جيڪڏهن صوبن کي اختيار نه ڏنا ويا ته بحران وڌندا۔مختيار سومري چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جلد صوبي ۾ وڌيڪ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا ڏيندي، جيستائين 27هين ترميم واپس نه ورتي ويندي آخر ۾ اڳواڻن 27هين ترميم کي فوري طور رد ڪرڻ، سنڌ جي وسيلن تي صوبائي اختيار بحال ڪرڻ ۽ فوري طور آئيني ترميم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو۔
0 تبصرے