پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو ۽ ايڇ او ڊي فاروق احمد کوسو ڪيمپ جو معائنو ڪيو
نوشهروفيروز (ڊر) رت جو عطيو ڏيڻ قومي ضرورت آھي انڪري ان ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي ڇوته جنهن هڪ انسان جي جان بچائي ان پوري انسانيت کي بچايو اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس نوشهروفيروز جي پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو ۽ ايڇ او ڊي فاروق احمد کوسو ڪئمپس اندر ٿيليسميا ۽ ڊائلاسز سميت ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن لاء رت جي عطئي جي ڪئمپ جي دوري دوران وزٽ ڪندي ڪيو۔ اڳواڻن چيو ته ٿيليسيما جو ٻيو نالو فطرت جي سونهن جو موت آهي. حياتي ۽ موت جي انهيءَ سرحد تي اداس بيٺل لکين گلن جهڙا معصوم ٻارڙا زندگيءَ لاءِ واجھائين ٿا۔ رت جو عطيو افضل ترين صدقو آهي انڪري ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا ٻارڙن لاءِ رت جو عطيو ڏئي سندن زندگي بچايو. اڳواڻن چيو ته رت جو صدقو جتي اوهان کي روحاني سڪون ۽ آخرت جو اجر ڏيندو آهي اتي اوهان جو پنهنجن پيارن سان بي انتها محبت جو ثبوت به ڏيندو آهي.ان موقعي سماجي اڳواڻ اعجاز ممنائي،ريجنل ڊائريڪٽر غلام اڪبر ناريجو پيپلز اسڪول جي اڪشي ڪمار پڻ هن نيڪ ڪم ۾ حصو ورتو ۽ چيو ته سول اسپتال ۾ اگر ڪنهن به مريض کي رت جي ضرورت هوندي آهي ته ان کي مفت رت فراهم ڪيو ويندو آهي۔انڪري صحتمند باضمير ۽ همدردن جي سهڪار جي ضرورت آهي ته جيئن مسڪين ماروئڙن جي مدد ڪري سگهون۔ ڪئمپ ۾ بلڊ ڏيندڙ ڊونرن کي يادگار سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا
0 تبصرے