مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج

ڄاڻايل زمين منهنجي مامي بابو شورو، جان محمد شورو وارن بااثر کي وڪڻي ڇڏي آهي: الزام

مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج

ٺٽو( شفيق ڀٽي)مڪلي ڳوٺ صديق شورو جي رهائشي نوجوان سلطان شورو عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ دانهندي چيو آهي سندس مرحوم والد پير محمد شورو سندس چاچي محمد حسن شورو گڏيل طور اٺ ايڪڙ ديھ مڪلي ۾ شوراموري وٽ باراني کڻت ڪيل زمين آهي جنهن زمين کي سندس مامون نالي بابو شورو جان محمد شورو وارن قبضو ڪري هڪ بااثر شخصيت سان زمين ڪئي آهي بااثر شخصيت کي مون پڻ منع ڪئي زمين نه خريد ڪري پر ان زمين جو قبضو ڪندڙ ڌر وارن سان ملي گذريل ڏينهن زمين تي ٽريڪٽر ڪاهي رهيا هئا جنهن دوران مون کين منع ڪئي ته سندس مامي بابو شورو جان محمد شورو رمضان عرف رمون شورو بااثر جي بڇ تي کيس سخت مارڪٽ ڪئي هن ايس ايس پي ٺٽو ڊي سي ٺٽو کان فوري نوٽيس وٺڻ انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي