پوري دنيا ۾ الله پاڪ جي قدرت سان ڪک پن جيت جڻيا هر شيء هلي رهي آهي ۽ رب العالمين سڄي سنسار کي آزاد فضاء ۾ پيدا ڪري موڪليو ويو آهي پر بدقسمتي سان آرٽيفيشل مصنوعي ۽ هٿ ٺوڪيا سپر پاور سڏائيندڙ آمريڪا ۽ غير مهذب پڻي جو شڪار اسرائيل سامراج وک وک تي مسلم ملڪن کي سياهه ڀيانڪ نانگ جيان سنگي ختم ڪرڻ جي ريهرسل ۾ رڌل ۽ مصروف عمل آهن، اهو اسرائيل ئي آهي جنهن فلسطين جي مقدس سرزمين کي هڪ وڏي عرصي کان رت ۾ وهنجاريو آهي نه صرف اسرائيل فلسطينن جي هزارين لکين ماڻهن، عورتن معصوم ٻارڙن کي شهيد ڪيو آهي ۽ لکين ماڻهن کي زخمي ڪري معذور بڻائي ڇڏيو آهي اهو ئي نه پر سامراج اسرائيل پنهنجي جارحيت، درندگي ،سفاڪي ۽ ظلم زيادتين جي نئين انسانيت دشمن تاريخ ورجائيندي پوري مسلم امه ڪروڙين اربين مسلم ۽ غير مسلم ماڻهن جي جذبات سان کيڏيو ويو آهي. مسلسل فلسطين جي معصوم نياڻين ٻچن، ٻارڙن پيرسن ضعيف العمر انساني خونن سان رنڱيل هٿ اسرائيل جا رهيا آهن، اسرائيل هڪ اهڙو وحشي درندو آهي جيڪو هر ايندڙ ڏينهن تي بغير ڪنهن او آء سي اقوام متحده جي ڪانفرنس، ان جي عالمي پڌر نامي جي پرواهه ڪندي پنهنجي لٺ سردار حرامي جي اشاري تي جنهن جو وڻيس پٽڪو لاهيو ويٺو آهي، تازو قطر تي اسرائيلي دهشتگردي تي لازمي طرح پوري دنيا جي امن پسند ماڻهن جي آزاري ٿي آهي ڇاڪاڻ ته اسرائيلي حملن سان يقينن انسانيت جو ڪيس ٿيو ۽ آهري طرح پهريان جيڪو اسلام جي قبل اول بيت المقدس تي ولار هلان ڏاڍ جبر اسرائيلي برداشت کان ٻاهر آهي، غزه فلسطين ۽ انهيءَ سميت قطر توڙي ٻين ملڪن تي هروڀرو جي هلان ڪرڻ رڳو مذمتي بيان ڏيڻ يا رسمي ڳالهه ٻولهه ۽ ايندڙ اجلاس ۾ اسرائيل خلاف رٿ پيش ڪرڻ جي مڙيئي سڙيئي ڳالهين بجاء مستقل مزاجي ثابت قدمي سان ۽ هڪ هڪاڻي کان سواء مسئلو حل نٿو ٿي سگھي، ان لاءِ پوري دنيا جي سمورن ملڪن جي سمورن مذهبن جي قائدين، سربراهن ،صدر، وزير اعظم ،مندوبين کي گهرجي ته جيڪو اقوام متحده ۾ اجلاس ڪانفرنس گڏجاڻي ٿئي اتي پنهنجو چٽو ۽ واضع موقف هڪ ئي رکيو وڃي ته غزه فلسطين جي مظلوم مسلمانن جي قتل ۾ ٻڏل هٿن کي سزا ملڻ گهرجي ۽ روز جي داداگيري، دهشتگردي ، جارحيت، ظلم زيادتي جي ڀيانڪ شڪل کي ٻنجو ڏنو وڃي نه ته حالتن جي ذميواري واشنگٽن ۽ انهيءَ جي نام نهاد آشيرواد ۾ رهڻ وارا هوندا. خدارا غزه فلسطين جي مظلومن جي داد فرياد تي ڪئي وڃي. آخر ڪار ڪهڙي وڏي مجبوري آهي جو سڄي دنيا بدذوق اسرائيل جي پرواهه ڪري پوري دنيا جي اندر خوف، ڊپ، هراسمينٽ واري فضاء قائم ڪري نه صرف مسلمانن لاءِ ڏکائيندڙ ڪيفيت آهي بلڪ پوري دنيا جي نقشي ۾ هر مذهب، هر قوم ۽ هر ملڪ سميت بين الاقوامي طور تي اسرائيل جي جارحيت هاڻي حد کان وڌيڪ دهشتگردي جو مثال سامهون اچي ويو آهي. ڪو سوچي به نٿو سگهي ته غزه فلسطين مٿان ڪيترو ظلم ستم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا ويا آهن. جيڪڏهن روز جي حساب چيو وڃي ته سالن کان هر روز قتل درندگي جي نئين کان نئين ڀيانڪ بدشڪل صورت ۾ جديد ٽيڪنالوجي جي اسلحي هٿيارن سان ليس بم بارود ڪيا وڃن ٿا ۽ خونخوار اسرائيل پنهنجي هٺ ڌرمي کان نه مڙي رهيو آهي. موجوده حالتن ۾ جيڪو غزه فلسطين جي ڪيس بعد قطر تي بوڇاڙ ڪئي وئي آهي ۽ ان بعد دنيا جي ٻين ملڪن جيان پاڪستان جي ترجمان ۽ وزير اعظم شهباز شريف به اها ڳالهه واضع ڪندي قطر جي مٿان حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان اسرائيل جي اهڙي جارحيت تي قطر ،فلسطينن سميت هر مظلوم ملڪ سان گڏ آهيون، جڏهن ته اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته هيءَ ڌرتي اسان جي آهي ۽ هتي ڪا به فلسطيني رياست نه ٺهندي ، ٻئي پاسي غزه ۾ اسرائيلي فوجي ظلم جاري آهي جتي شديد بمباري سبب وڌيڪ 72 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته بک وگهي وڌيڪ پنج فلسطينين دم ڏيئي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح ڪاري رات اسرائيلي دهشت گردن جي هر روز جاري پوري عالم لاءِ وڏي تڪليف ده ڳالهه بڻيل آهي جنهن نام نهاد اسرائيل ۽ انهي جي آشيرواد ڪرڻ وارن جو الله پاڪ مڪمل خاتمو ڪري آمين ثم آمين يا رب العالمين.
0 تبصرے