ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس جي صدارت ڪئي، لاڳاپيل عملدارن جي شرڪت
عمرڪوٽ (رپور:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ريڊينيس سروائيڪل ڪينسر جي ويڪسين مھم جي حوالي سان ھڪ اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار ھال ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد ضلعي ۾ سروائيڪل ڪينسر جي ويڪسين مهم کي مؤثر ۽ ڪامياب بڻائڻ هو، ان موقعي تي اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل عمرڪوٽ جي چيئرمين حاجي محمد بقا پلي، ايس ايس پي عمرڪوٽ ڊاڪٽر عذير احمد ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاهري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو ۽ پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد علي، سروائيڪل ڪينسر مهم جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شير مھر، پوليو جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجي ڪمار، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، ڊي ايم پي پي ايڇ آئي عمرڪوٽ شريف الدين ميمڻ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محمد اسلم ڀٽي، ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منگريو، ڊاڪٽر مونيڪا، تعلقن جا هيلٿ آفيسرز، تعليم کاتي جي فوڪل پرسن راڻو مل مالهي، سماجي تنظيم ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشيا جي پروجيڪٽ مينيجر ميڊم ڪرن بشير، سول سوسائٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته سروائيڪل ڪينسر هڪ علاج لائق بيماري آهي ۽ ويڪسين ذريعي ڇوڪرين کي مستقبل ۾ هن خطرناڪ مرض کان محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، هن هدايت ڪئي ته 15 سيپٽمبر 2025ع کان 27 سيپٽمبر 2025ع تائين هلندڙ ھن مهم جي ڪاميابي لاءِ سڀئي لاڳاپيل ادارا پاڻ ۾ سهڪار ۽ رابطي کي يقيني بڻائين، ان موقعي تي صحت کاتي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شير مھر مهم جي طريقيڪار، ٽارگيٽ عمر (9 کان 14 سال) ۽ ويڪسين جي حفاظت بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، جڏھن ته اجلاس کان پوءِ گرلس هاءِ اسڪول عمرڪوٽ ۾ سروائيڪل ڪينسر جي ويڪسين مهم جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي مهم جو باقاعده افتتاح ڪيو ويو، ان موقعي تي اسڪول جي ڇوڪرين، استادن، والدين ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ، چيئرمين حاجي محمد بقا پلي، ايس ايس پي ڊاڪٽر عذير احمد ميمڻ، ڊي ايچ او ڊاڪٽر محمد علي ۽ صحت کاتي جي ٽيم جي نگرانيءَ ۾ 9 کان 14 سالن جي عمر جي ڇوڪرين کي پهرين ويڪسين لڳائي مهم جو افتتاح ڪيو ويو ۽ ڇوڪرين جي حوصلا افزائي پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي ڌيئرن کي اسڪول موڪلين ته جيئن هو وقت سر ويڪسين حاصل ڪري سگهن ۽ پنهنجي صحت کي محفوظ بڻائين، ان موقعي تي تقريب دوران ڊاڪٽر سلمہ آريسر، ڊاڪٽر مونيڪا ۽ ٻين صحت کاتي جي آفيسرن پاران ويڪسين جي محفوظ هجڻ، امڪاني سائیڊ ايفيڪٽس ۽ بيماري کان بچاءَ جي افاديت بابت ڄاڻ پڻ فراهم ڪئي وئي، ان موقعي تي ڊي ايچ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي خطاب ڪندي چيو ته مهم جو مقصد عمرڪوٽ ضلعي جي 9 کان 14 سالن جي ڇوڪرين کي سروائيڪل ڪينسر کان بچاءَ واري ويڪسين ڏيڻ، والدين، استادن ۽ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي، آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ سڀني ادارن ۽ والدين کان اپيل ڪئي ته هو هن قومي صحت مهم ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ته جيئن مستقبل جون مائرون صحتمند هجن ۽ اسان جو سماج مضبوط بڻجي.
0 تبصرے