نوشهروفيروز ۾ ڊي سي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر علي شان اعواڻ پاران امدادي ڪيمپ جو دورو

ڪئمپ ۾ متاثرين لاءِ صفائي، پاڻي ۽ رهائش جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو

نوشهروفيروز ۾ ڊي سي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر علي شان اعواڻ پاران امدادي ڪيمپ جو دورو

نوشهروفيروز (ڊ ر)اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهروفيروز علي شان اعواڻ اڄ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي هدايتن تي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مٺیاڻي ۾ قائم ٻوڏ متاثرین جي امدادي ڪئمپ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي مختيارڪار نوشهروفيروز وزير علي بیھڻ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر ساڻس گڏ هئا. هن امدادي ڪئمپ جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو. هن ڪئمپ ۾ متاثرين لاءِ صفائي، پيئڻ جي پاڻي ۽ رهائش جي انتظامن جو جائزو ورتو. هن ڪئمپ ۾ قائم طبي ڪئمپ ۽ ويٽرنري ميڊيڪل ڪئمپ جو جائزو ورتو ۽ اتي ايندڙ مريضن ۽ موجود دوائن جو جائزو ورتو.