English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
تعليمي ڪانفرنس، ملير ضلعي ۾ تعليمي بحران، هڪ تحقيقي جائزو
231 views
|
02nd Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سامي ميمڻ
ملير ڪراچي جو سڀ کان وڏو ۽ گهڻ آبادي وارو ضلعو آهي پر هن ضلعي ۾ گذريل 78 سالن کان تعليم شعبي ۾ شديد بحران جو شڪار رهيو آهي هتي اسڪولن جي کوٽ، زبون حال عمارتون، بنيادي سهولتن جي غير موجودگي، ٻارن جو اسڪول ڇڏڻ ۽ ٻارن جي پورهئي جهڙا مسئلا عام آهن اڄ سنڌ سماجي سٿ طرفان زيبسٽ آفيس هال م تعليمي ڪانفرنس ڪئي پئي وڃي ان موقعي ضروري آهي ته تعليمي مسئلن جو جائزو وٺي ڪي تجويزون پيش ڪريان .تعليم ڪنهن به معاشري جي ترقيءَ جو بنياد آهي پر ملير ضلعي ۾ اهو بنياد ڪمزور رهيو آهي پاڪستان جي وجود کان وٺي حڪومتن طرفان مختلف اعلانن باوجود، ملير ۾ تعليم هڪ حل نه ٿيندڙ بحران بڻجي ويئي آهي.ملير ۾ ڪيترائي اسڪول خطرناڪ عمارتن ۾ هلن ٿا جتي فرنيچر، بجلي، پاڻي ۽ غسل خانو موجود ئي نه آهي 2022 جي هڪ رپورٽ مطابق، ضلعي ۾ 235 اسڪول بجلي کان، 45 اسڪول واش روم کان ۽ 288 اسڪول صاف پاڻي کان محروم آهن 2016 ۾ رپورٽ ٿيو ته ملير ۾ تعليم کاتي جا 113 منصوبا اڌورا ڇڏي ڏنا ويا، جيتوڻيڪ انهن تي اربين روپيا خرچ ٿي چڪا هئا 2017 ۾ ضلعي ملير جا 592 اسڪول رپورٽ ٿيا، جن مان ڪيترائي سالن کان بند هئا 2025 جي انگن اکرن موجب، 663 اسڪولن مان 73 اسڪولن ۾ هڪ به شاگرد داخل نه آهي، پر انهن ۾ 38 استاد مقرر ٿيل آهن 2024 جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته شاگردن جي تعليم ڇڏي وڃڻ جا وڏا سبب آهن: گهر جي معاشي مشڪلاتون، ڪمائي ڪرڻ جي مجبوري، اسڪولن جو خراب ماحول، ۽ استاد جو منفي رويو هڪ سوشل اسٽڊي ٻڌائي ٿي ته ملير ۾ ڪيترائي ٻار پڙهڻ بدران پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، ڇو ته سندن خاندان غربت ۽ وسيلن جي کوٽ جو شڪار آهن2023 جي آدم شماري موجب، ملير ۾ شرح خواندگي 63.14٪ رهي، جيڪا 2017 جي مقابلي ۾ گهٽجي وئي آهي هي سڀ انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ضلعي ملير ۾ تعليم کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي. حڪومتن طرفان اعلانن باوجود اڌورا منصوبا، اسڪولن جي غير فعالي ۽ سهولتن جي کوٽ تعليم کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. نتيجي طور، ٻار تعليم ڇڏي ڪم ڪرڻ لڳا، جيڪو غربت جي چڪر کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو. اڌورا تعليمي منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ شفاف نظام ۽ وقت بندي لازمي آهي. اسڪولن ۾ بجلي، پاڻي ۽ غسل خانا فراهم ڪيا وڃن. بند اسڪول کولي انرولمينٽ وڌائڻ لاءِ ڪميونٽي پارٽنرشپ قائم ڪئي وڃي. شاگردن جي مالي سهائتا لاءِ وظيفا ۽ فري اسڪول فيڊنگ پروگرام شروع ڪيا وڃن. ٻارن جي محنت کي گهٽائڻ لاءِ سماجي تحفظ جون اسڪيمون وڌايون وڃن ملير جو تعليمي بحران رڳو هڪ ضلعي جو مسئلو نه پر قومي سطح جو الميو آهي. جيڪڏهن هاڻي به سنجيده قدم نه کنيا ويا، ته ايندڙ نسل تعليم کان محروم رهندو ۽ ملير جي پوئتي پيل حيثيت وڌيڪ سنگين ٿيندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
تعليمي ڪانفرنس
ملير ضلعي ۾ تعليمي بحران
سامي ميمڻ
0 تبصرے