English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
تعليمي ڪانفرنس، ملير ضلعي ۾ تعليمي بحران، هڪ تحقيقي جائزو
views
|
02nd Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سامي ميمڻ
ملير ڪراچي جو سڀ کان وڏو ۽ گهڻ آبادي وارو ضلعو آهي پر هن ضلعي ۾ گذريل 78 سالن کان تعليم شعبي ۾ شديد بحران جو شڪار رهيو آهي هتي اسڪولن جي کوٽ، زبون حال عمارتون، بنيادي سهولتن جي غير موجودگي، ٻارن جو اسڪول ڇڏڻ ۽ ٻارن جي پورهئي جهڙا مسئلا عام آهن اڄ سنڌ سماجي سٿ طرفان زيبسٽ آفيس هال م تعليمي ڪانفرنس ڪئي پئي وڃي ان موقعي ضروري آهي ته تعليمي مسئلن جو جائزو وٺي ڪي تجويزون پيش ڪريان .تعليم ڪنهن به معاشري جي ترقيءَ جو بنياد آهي پر ملير ضلعي ۾ اهو بنياد ڪمزور رهيو آهي پاڪستان جي وجود کان وٺي حڪومتن طرفان مختلف اعلانن باوجود، ملير ۾ تعليم هڪ حل نه ٿيندڙ بحران بڻجي ويئي آهي.ملير ۾ ڪيترائي اسڪول خطرناڪ عمارتن ۾ هلن ٿا جتي فرنيچر، بجلي، پاڻي ۽ غسل خانو موجود ئي نه آهي 2022 جي هڪ رپورٽ مطابق، ضلعي ۾ 235 اسڪول بجلي کان، 45 اسڪول واش روم کان ۽ 288 اسڪول صاف پاڻي کان محروم آهن 2016 ۾ رپورٽ ٿيو ته ملير ۾ تعليم کاتي جا 113 منصوبا اڌورا ڇڏي ڏنا ويا، جيتوڻيڪ انهن تي اربين روپيا خرچ ٿي چڪا هئا 2017 ۾ ضلعي ملير جا 592 اسڪول رپورٽ ٿيا، جن مان ڪيترائي سالن کان بند هئا 2025 جي انگن اکرن موجب، 663 اسڪولن مان 73 اسڪولن ۾ هڪ به شاگرد داخل نه آهي، پر انهن ۾ 38 استاد مقرر ٿيل آهن 2024 جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته شاگردن جي تعليم ڇڏي وڃڻ جا وڏا سبب آهن: گهر جي معاشي مشڪلاتون، ڪمائي ڪرڻ جي مجبوري، اسڪولن جو خراب ماحول، ۽ استاد جو منفي رويو هڪ سوشل اسٽڊي ٻڌائي ٿي ته ملير ۾ ڪيترائي ٻار پڙهڻ بدران پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، ڇو ته سندن خاندان غربت ۽ وسيلن جي کوٽ جو شڪار آهن2023 جي آدم شماري موجب، ملير ۾ شرح خواندگي 63.14٪ رهي، جيڪا 2017 جي مقابلي ۾ گهٽجي وئي آهي هي سڀ انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ضلعي ملير ۾ تعليم کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي. حڪومتن طرفان اعلانن باوجود اڌورا منصوبا، اسڪولن جي غير فعالي ۽ سهولتن جي کوٽ تعليم کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. نتيجي طور، ٻار تعليم ڇڏي ڪم ڪرڻ لڳا، جيڪو غربت جي چڪر کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو. اڌورا تعليمي منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ شفاف نظام ۽ وقت بندي لازمي آهي. اسڪولن ۾ بجلي، پاڻي ۽ غسل خانا فراهم ڪيا وڃن. بند اسڪول کولي انرولمينٽ وڌائڻ لاءِ ڪميونٽي پارٽنرشپ قائم ڪئي وڃي. شاگردن جي مالي سهائتا لاءِ وظيفا ۽ فري اسڪول فيڊنگ پروگرام شروع ڪيا وڃن. ٻارن جي محنت کي گهٽائڻ لاءِ سماجي تحفظ جون اسڪيمون وڌايون وڃن ملير جو تعليمي بحران رڳو هڪ ضلعي جو مسئلو نه پر قومي سطح جو الميو آهي. جيڪڏهن هاڻي به سنجيده قدم نه کنيا ويا، ته ايندڙ نسل تعليم کان محروم رهندو ۽ ملير جي پوئتي پيل حيثيت وڌيڪ سنگين ٿيندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
تعليمي ڪانفرنس
ملير ضلعي ۾ تعليمي بحران
سامي ميمڻ
0 تبصرے