سنڌ ۽ بلوچستان مان هزارين عقيدتمندن جي عرس جي تقريبن ۾ شرڪت
ملير( رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پورٽ قاسم لڳ سمنڊ ڪناري بزرگ هستي حضرت سيد شاهه حسن تقوي رحمت الله عليه جو 782هون ساليانو عرس مبارڪ وڏي عقيدت ۽ احترام سان شروع ٿي ويو افتتاحي تقريب ۾ سجاده نشين سيد خداڏنو شاهه، گادي نشين سيد افضل شاهه، سيد امام شاهه، سيد هارون شاهه، سيد شاهه محمد شاهه سيد الھبچايو شاهه سميت هوت خان ڀوو، جمشيد هديو ۽ غلام عباس ڪلمتي واحد گلڙي شرڪت ڪري درگاهه تي چادر چاڙهي دعائون گهري رسم ادا ڪئي عرس جي موقع تي خاص دعا ۽ وڏي پيماني تي لنگر جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين مريدن ۽ عقيدتمند شرڪت ڪئي جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان زائرين جي درگاهه تي آمد ۽ دعائن جو سلسلو جاري آھي ميلي ۾ کادي پيتي سميت مختلف شين جا اسٽال لڳايا ويا آهن، صوفي موسيقي ۽ روحاني محفلون منعقد ٿي رهيون آهن، جڏهن ته درگاهه ۽ ڀرپاسي ۾ چراغان ڪري روحانيت ۽ روشني جو خاص منظر پيدا ڪيو ويو آهي انتظاميا طرفان ميلو ۾ ايندڙ زائرين لاءِ سيڪيورٽي ۽ ٻين سهولتن جا خاص انتظام به ڪيا ويا آهن ميلو اڄ شام تائين جاري رهندو..
0 تبصرے