ملير ۾ پوليس جي سخت حفاظتي اپائن هيٺ پوليو مهم جو شروعات

ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق اسپتالن، يوسيز ۽ حساس هنڌن جو دورو ڪيو

ملير ۾ پوليس جي سخت حفاظتي اپائن هيٺ پوليو مهم جو شروعات

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پوليو مهم جي شروعات تي اسپتالن، يوسيز ۽ حساس هنڌن جو دورو ڪيو ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو۔ايس ايس پي ملير فيلڊ ۾ موجود پوليس آفيسرن، ليڊيز اهلڪارن ۽ انٽيليجنس عملي کي سيڪيورٽي حوالي سان بريفنگ ڏني۔ ان موقعي تي هن نه صرف انتظامن جو معائنو ڪيو پر پاڻ ٻارن کي پوليو جا قطرا به پياريا۔ترجمان پوليس موجب ضلعي ملير ۾ مهم دوران 750 کان وڌيڪ پوليس آفيسر، ليڊيز پوليس ۽ انٽيليجنس عملي کي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي گڏيل رابطي هيٺ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن۔پوليس طرفان موبائل ۽ موٽرسائيڪل گشت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن⁠ ته اهم هنڌن تي اسٽينڊنگ گارڊ مقرر ڪيا ويا آهن ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم وسيلي نگراني جاري آهي۔ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجن ٻارن کي پوليو جا قطرا ضرور پيارين ۽ ٽيم سان خوش اخلاقي سان پيش اچن۔ هن چيو ته پوليو خلاف جنگ قومي ذميواري آهي ۽ پوليس هن مهم ۾ سيڪيورٽي سان گڏ عملي ڪردار به ادا ڪري رهي آهي۔