دعوت اسلامي جون 44 سالا بهارون

تحرير: عبدالفتاح عباسي

دعوت اسلامي جون 44 سالا بهارون

الله رب العالمين عزوجل جي مهرباني خاص سان اڄ دعوت اسلامي هي 44 هين يوم دعوت اسلامي پوري پاڪستان سميت دنيا جي اندر ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، اسان جي معاشري ۾ جتي بدقسمتيءَ سان هر طرف ڇڙواڳي ۽ بي راهه روي جي دوڙ هلندڙ آهي اتي ئي اسان جي لاءِ نيڪيء، ڀلائيء ۽ چڱائيء جو بي مثال ذهن سازي ڪندڙ انمول ۽ ناياب ميڊيا جي ميدان ۾ ( مدني چئنل ) پڻ خالص ديني اسلامي تعليمات سان ڀرپور چئنل سامهون آهي، مدني چئنل جي شروعات 2008ع ۾ ٿي. هيءَ دنيا جو واحد خالص ديني اسلامي تعليمات جو مظهر چئنل آهي جيڪو مڪمل طور تي ناچ، گانن، فلمن، ڊرامن، سازن، دهل ڌهمانن، راڳ رنگن کان مڪمل طور تي پاڪ چئنل آهي، هن مدني چئنل جي وڏي ۾ وڏي اها خوبي ڪوالٽي آهي ته هيءَ چئنل پوري دنيا جي هر فرد خاص ڪري پاڪستان جي بگڙيل معاشري جي ماڻهن جي عقائد عقيدن کي گائيڊ لائن طور سبق آميز درستگي ڏيندي حقيقي مالڪ و مولا ﷲ پاڪ رب العالمين جي وحدانيت جو واضع ۽ چٽو ڏس ڏيندي ٻڌايو وڃي ٿو ته ﷲ رب العالمين جي حمد و ثناء جو قلب ۾ ورد پچائڻ قلبي قرار جو حاصل ڪرڻ لاءِ پهريان پهريان پنهنجي دل ۾ خوف خدا عزوجل ۽ عشق مصطفي صلي الله عليه وسلم آڻي دل باغ و بهار ڪري سگهون ٿا. هي مدني چئنل اسان کي وک وک تي نيڪي جي دعوت ڏيندو رهي ٿو، هي چئنل اسان کي احڪام الاهي ۽ شريعت مصطفي صلي الله عليه وسلم جي عملي زندگيءَ تي عمل جي پريڪٽيڪلي عملي دعوت ڏيئي رهيو آهي. هن مدني چئنل جي ذريعي اسان جي گهرن ۾ آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي پاڪيزه سنتن ڀري بهارن جون نعمتون نڇاور ٿين ٿيون. شايد بلڪ يقينن دنيا جو هي واحد ميڊيا جو مدني چينل آهي ڪجهه جيڪو گهر جي هر فرد ابي، امڙ، ڀينر، نياڻين، نوجوانن، پيرسن هر هڪ لاءِ هڪ جهڙو دلچسپي جو باعث بڻيل آهي. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي خالص ديني اسلامي چئنل ۾ اسان جي دين و دنيا جي بهتري جا دڳ رستا هموار ٿيندي ٻڌايا وڃن ٿا، جيئن هاڻي رمضان شريف جي وقت خاص ڪري سحري افطاري ٽرانسميشن پروگرامن ۾ امير اهلسنت حضرت علامہ مولانا محمد الیاس عطار قادري دامت برڪاتهم العالیہ جي پرسوز دعائون رقت انگيز منظر ۽ قلبي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. نه صرف اهو بلڪ سحري افطاري جي ٽائيم روزانو هڪ نئين موضوع عنوان ٽاپڪ سان جهڙوڪ صحت، صفائي، صبر و شڪر، ﷲ جي ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي، زندگيءَ کي خوشگوار ڪيئن بڻايو وڃي، اسان جون نمازون درست ڪيئن ٿي سگهن ٿيون، قرآن پاڪ پڙهڻ جا فضائل، غريب رشتيدارن، مٽن مائٽن سان حسن سلوڪ ۽ مسڪينن، محتاجن جي خير خواهي ڪرڻ جو جذبو، دعوت اسلامي جي فلاحي، ڀلائي واري شعبي فيضان گلوبل ريليف فائونڊيشن، ايف جي آر ايف جي ملڪ گير خدمت هڪ شاندار، اهڙي طرح مدني چئنل ۾ معاشري جي ماڻهن جي مسئلن، ذهني الجهنن، مختلف ڪيفيتن، ڊپريشن، روزمره جي وڌندڙ مهانگائي ۾ پريشان حال ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ، بک بيروزگاري، تنگدستي، افلاس، غربت، بيمارين ۾ هاء بلڊ پريشر، دل، شگر سميت کوڙ سارن مسئلن جي حل لاءِ مدني چئنل ۾ روحاني علاج، قرآن پاڪ مان انهن مسئلن جي حل لاءِ جيد عالم، مفتي سڳورا مفت علاج حل ٻڌائين ٿا، نه صرف ايترو پر پنهنجو مدني چئنل معاشري جي هر موڙ تي هر فرد مرد توڙي عورت، جوان توڙي پيرسن لاءِ رضاڪارانه طور تي هر وقت اسان سان گڏ بيٺل آهي. يقينن هن مدني چئنل جي هلڻ لاءِ پهريان شروعاتي دور ۾ ڪافي دشواريون مشڪلات آيون هونديون پر مرد قلندر هستي امير اهلسنت حضرت علامہ مولانا محمد الیاس عطار قادري جي استقامت جذبہ انسانیت جي خير خواهي سبب هن لازوال ۽ بيمثال مشن ڪاز ۾ اعلي سوچن ۽ ڪردارن جي مالڪ نگران شوري حاجي محمد عمران عطاري، حاجي محمد شاهد عطاري، حاجي عبدالحبيب عطاري، حاجي محمد اطهر عطاري، حاجي محمد يعفور عطاري، حاجي محمد امين عطاري، حاجي محمد علي عطاري، حاجي برڪت علي عطاري، حاجي اياز علي عطاري ۽ انهن جي ساٿين مرڪزي مجلس شوري جي ميمبرن تن، من، ڌن جون ڄڻ ته قربانيون ڏيئي ڏينهن رات هڪ ڪري خالص ﷲ پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي لاءِ پاڻ پتوڙي هن خوشبودار مدني چئنل جي آبياريء ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. اها ڳالهه واضح آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو مونجهارو ذهني پريشاني آهي ۽ اهو مدني چئنل جي صرف هڪ ڏينهن جي مڪمل نشريات ڏسي ٻڌي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ته مان ڪامل يقين سان چوان ٿو ته انهيءَ جي دل باغ بهار ٿيڻ سان گڏ ذهني مسئلن جا حل آٽوميٽڪ حل ملندي نظر اچڻ لڳندا. ڇاڪاڻ ته هن ۾ هر مرض، هر تڪليف، هر مصائب، هر درد جي دوا ان شاء ﷲ ملندي نظر ايندي. ڪي ڪي ماڻهو تڪڙا جلد بازي وارا هن خوبصورت من موهيندڙ روحاني مدني چئنل کي سمجهڻ ۾ گهيرائي ۾ نه ويا آهن ته هيءَ روح جي راحت ۽ غذا وارو چئنل حقيقت ۾ اسان جي دنيا و آخرت جي نجات بهتري ڀلائي جو سرمايو اثاثو آهي. ﷲ پاڪ اهڙي لازوال بيمثال سوچن وارن مدني چينل جي قائد باني سربراهه امير اهلسنت حضرت علامہ مولانا محمد الیاس عطار قادري ، دعوت اسلامي جي مرڪزي مجلس شوري جي نگران حاجي محمد عمران عطاري ۽ سندن جي رڪن شوري هر هڪ سميت پوري مدني چئنل جي سٿ ٽيم کي شاد آباد رکي جنهن اسان جي هر فرد لاءِ معاشري جي حالتن کي پٽائيندڙ حالات سان گڏوگڏ پوري انسانيت جي خير خواهي ۾ ڪردار ادا ڪري ڏيکاريو آهي. يقينن جنهن به هي مدني چئنل هن وقت تائين غور توجهه سان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي اهو ضرور ڏسي هي اردو، انگلش، بنگالي، عربي سميت پاڪستان جي علائقائي زبانن سنڌي، بلوچي، پنجابي، پشتو، سرائيڪي زبانن ۾ به پروگرام مختلف وقتن تي نشر ٿيندا رهن ٿا. هي دلسوز پر سوز خاص طور تي هن مدني چئنل ۾ اها به هڪ وڏي عظيم خوبي آهي ته هن خالص اسلامي ديني چئنل مدنيءَ ۾ هر مهيني بلڪ هر اهم ترين ڏهاڙن جهڙوڪ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي ڏهاڙن 12 ربيع الاول، 25 صفر اعلي حضرت امام احمد رضا خان فاضل بريلوي رحمت الله عليه جي عرس ، 26 رمضان شريف امير اهلسنت حضرت علامہ مولانا محمد الیاس عطار قادري جي ولادت باسعادت ، محرم الحرام جي پاڪيزه مقدس ڏهاڙن جي حوالي سان سان پروگرام نشر ٿيڻ ۽ ڪورونا جي دوران لاڪ ڊائون ۾ ٿيليسيميا جي مريضن جي خير خواهي ڪندي بلد رت جا عطيات ڏيڻ، ٻوڏ جي دوران غريب ماڻهن جي کاڌي پيتي جا انتظامات ڪرڻ انهن مان ڪيترن کي گهر ٺاهي ڏيڻ، ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ نلڪا واٽر پمپ لڳائي ڏيڻ، زلزلي دوران شام، فلسطيني مظلوم مسلمانن جي دعوت اسلامي جي فلاحي اداري ايف جي آر ايف شعبي پاران خدمت سرانجام ڏيڻ اهي سڀ منظر پڻ پنهنجي مدني چئنل تي لائيو براه راست به ڏيکاريا ويا آهن. هي چئنل وقت جي تقاضا آهي هن دور جي اهم ترين ضرروت پڻ آهي. هن چئنل کي ضرور ڏسي پوءِ کوڙ ساريون ڀلايون حاصل ڪريو باقي زندگي ته فنا ٿيڻ واري شيء آهي. باقي ﷲ پاڪ جي ذات بقا باقي رهندڙ آهي. مدني چئنل ذريعي سوين هزارين غير مسلم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيا آهن ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مدني چينل جي هاڪ آهي الحمدلله پاڻ ته مديني شريف جي دعوت اسلامي جي مرڪز فيضان مدينه ۾ پڻ لائيو براهه راست مدني چئنل جون بھارون پڻ ڏٺوسين. ڇا ته آقا و مولا حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جي بارگاه بيڪس پناهه ۾ التجا سڏڙا درد ڀري آواز ۾ هيا محتاج نظر هي حال ميرا سرڪار صلي الله عليه وسلم توجهه فرمائين، سونهري جاليان هون، آپ هون اور مجھ سا عاصي هو، ملي سيني سي سينا جان جانان يا رسول الله صلي الله عليه وسلم. هن مدني چئنل ڏسڻ سان وسيع تر ديني اسلامي معلومات ۽ مفتي عالم سڳورن جي صحبت مدني ماحول گهر ويٺي نصيب ٿي رهيو آهي. ڪمال جي اها ڳالهه آهي ته هن پوري سسٽم نظام کي هلائڻ برقرار رکڻ لاءِ آخر ڪار اسان مان هرهڪ جي تعاون جي ضرورت پڻ پوي ٿي اها ڪيئن ڪري سگهون ٿا اها به ڄاڻ معلومات اسان کي هن مدني چئنل مان ملي سگهي ٿي. مان ته چوان ٿو ته هر گهر جي ضرورت ۽ اهم ضرورت مدني چئنل آهي. جنهن سان نت نوان هروڀرو جا خيال بند ٿيڻ لڳن ٿا ۽ هڪ راهه هڪ منزل متعين ٿيڻ لڳي ٿي، مدني چئنل جي وڏي م وڏي اها خوبصورتي آهي ته هن چئنل کي هر عمر وارو ڏسي پنهنجي دل جي ڪيفيت، پنهنجي جذبات جي عڪاسي چوڻ لڳي ٿو. دعا آهي ته ﷲ رب العالمين مدني چئنل کي حاسدن جي حسد کان محفوظ فرمائي، مدني چئنل ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪوششون ڪندڙ ڪاوشون ڪندڙ پوري سٿ ٽيم جي غيب کان مدد فرمائي ۽ ﷲ پاڪ اسان نيڪ پرهيزگار متقي سچو پڪو عاشق رسول ڪري جيئاري ۽ اسان جو ايمان ۽ عافت سان آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي صدقي مهابي واسطي سندن جي شهر مديني ۾ موت فرمائي. ايمان پہ دي موت مديني ڪي گلي مين، مدفن ميرا محبوب ﷺ ڪي قدمون مين بنا دي آمين ثم آمين. ﷲ پاڪ جي خصوصي عطا ۽ سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم جي نظر ڪرم سان دعوت اسلامي جي امير اهلسنت حضرت علامہ مولانا محمد الیاس عطار قادري ۽ مرڪزي مجلس شوري جي 28 ميمبرن جي اخلاص نيڪ نيتي سچائي للهيت تي مبني نيڪيء جي ڪم ڪار لاءِ پاڻ ارپڻ نهايت قابل قدر عمل آهي ﷲ پاڪ دعوت اسلامي جي هن گلدستي کي شرير حاسدن جي حسد، بد نظر جي بري نظر کان محفوظ فرمائي ۽ امير اهلسنت حضرت علامہ مولانا محمد الیاس عطار قادري دامت برڪاتهم العالیہ ۽ انهن جي مريدن عقيدتمندن سميت تمام عاشقان رسول صلي الله عليه وسلم کي پنهنجي حفظ امان ۾ رکي آمين ثم آمين.