اسان جو قومي اتحاد سڀني ماڻهن جي خدمت لاءِ آهي: عبدالرئوف کوسو ۽ ٻيا
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)کوسا قومي اتحاد پاڪستان چيئرمين عبالرئوف کوسي کي جوهر ڪامپليڪس ۾ آجياڻو پيش ڪيو ويو ان موقعي تي عابد علي کوسو ، ايڊووڪيٽ وقار احمد کوسو ،شيرجان کوسو ، محمد اسلم کوسو ، امين کوسو ، ماجد علي کوسو ، محبوب علي کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي عبدالرؤف، عابد ۽ شير جان ۽ محبوب علي کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو قومي اتحاد سڀني ماڻهن جي خدمت لاءِ آهي اسين پنهنجي برادري سميت سڀني برادرين منجهان جهيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين ڇاڪاڻ ته قبائلي جهيڙن سبب سنڌ جو تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته تعليم ئي واحد رستو آهي جنهن سان ملڪ ۽ قوم ترقي ڪري سگهي ٿي ان ڪري اسين کوسا برداري سميت سڀني سنڌ واسين کي اپيل ڪنداسين ته پنهنجي ٻارن خاص طور تي نياڻين کي تعليم جي زيور سان سينگارين هڪ پڙهيل لکيل ماءُ پڙهيل قوم پيدا ڪري سگهي ٿي، آخر ۾ آيل ماڻهن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪون پارايا ويا،
0 تبصرے