نوشهروفيروز ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اجلاس

ضلعي جي سرڪاري ۽ نجي اسپتالن جو دورو ڪري صحت جي صورتحال بابت رپورٽ ڏني وڃِي: محمد ارسلان سليم

نوشهروفيروز ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اجلاس

نوشهروفيروز(ڊ ر)صوبائي وزيرِ صحت ۽ پاپوليشن ويلفيئر ميڊم عذرا فضل پيچوهو جي هدايتن تي صحت جي سهولتن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ھيٺ منعقد ٿيو۔ اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو تہ ضلعي جي مڙني سرڪاري و نجي اسپتالن جو دورو ڪري صحت جي صورتحال بابت جلد جامع رپورٽ پيش ڪن۔ هن زور ڀريو ته هيلٿ ڪيئر ڪميشن، صحت کاتي جا لاڳاپيل آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز جي نگراني ۾ ضلعي جي سڀني سرڪاري و نجي اسپتالن، ليبارٽريز، بلڊ بئنڪن جي چڪاس سميت تمام عطائي ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي ڪري سندن اسپتالون سيل ڪيون وڃن. ھن چيو ته جيڪي اسپتالون، ليبارٽريز يا بلڊ بئنڪون قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪن، تن کي بہ فوري طور تي سيل ڪيو وڃي ۽ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث مالڪن خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي ۔ هن چيو ته ضلعي ۾ ايڇ آءِ وي، هيپاٽائٽس ۽ ٻين بيمارين ۾ اضافي جو وڏو سبب اهي غيرقانوني اسپتالون، بلڊ بئنڪون ۽ ليبارٽريز آهن، جيڪي بنا اجازت هلن پيون۔ ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته انساني جانين سان کيڏڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، انڪري عطائي ڊاڪٽرن، غيرقانوني ليبارٽريز، بلڊ بئنڪن ۽ ڪينولا سينٽرز خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔ هن چيو ته ايڇ آءِ وي جي روڪٿام لاءِ حجامن ۽ سونارن جي دڪانن تي صفائي ستھرائي جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ هر دفعي نئون بليڊ يا انجيڪشن (سوئي) استعمال ڪئي وڃي۔ هن صحت کاتي جي عملدارن کي ھدايت ڪندي چيو ته ضلعي اندر صحت کاتي جي عملي سميت جيل ۾ موجود تمام قيدين جي ايڇ آءِ وي ۽ هيپاٽائٽس جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي ته جيئن ان جان ليوا بيمارين جي پکڙجڻ کي روڪي سگهجي۔ ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي آفيسرن کي پڻ هدايت ڪئي ته آپريشن ٿيٽر ۾ استعمال ايندڙ اوزارن کي صحيح طريقي سان اسٽيرلائیز ڪيو وڃي، اسپتالن جو طبي فضلو ايس او پي تحت تلف ڪيو وڃي ۽ رت جي منتقلي جو عمل مڪمل ضابطن جي پيروي ڪندي سرانجام ڏنو وڃي۔ هن چيو ته ڪيمسٽ ڪنهن به پرائيويٽ شخص کي رت فروخت نٿو ڪري سگهي۔ ڊرگ انسپيڪٽر کي پڻ غير رجسٽرڊ ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ڪرڻ ۽ انھن خلاف قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ايڇ آءِ وي بابت عوامي آگاهي لاءِ صحت کاتو ۽ "نئين زندگي ٽرسٽ" گڏجي ضلعي اندر سيمينار منعقد ڪرائين، جڏهن ته ضلعي اطلاعات کاتو پڻ ڪيبل ۽ سوشل ميڊيا ذريعي عوام ۾ جاڳرتا ۽ آگاهي شعور بيدار ڪن۔ اجلاس ۾ تمام اسسٽنٽ ڪمشنرز ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو سميت ضلعي جي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.