ڊي سي ملير سميت سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي 13 نومبر تي روبرو پيش ٿيڻ جو حڪم
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي بينچ ملير ضلعي جي ديھ جوريجي جي ناڪلاس نمبر 315، 316 ۽ 317 ۾ مقامي ماڻهن جي گهرن، کيٽن، زمينن، قبرستانن ۽ گرين بيلٽ ڊاهڻ واري معاملي ۾ روينيو عملدارن کي توهينِ عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت ڊي سي ملير ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر بن قاسم سميت سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي سختي سان حڪم ڏنو آهي ته هو 13 نومبر 2025ع تي روبرو پيش ٿي پنهنجو جواب داخل ڪن. واضح رهي ته ڪيس نمبر D-3344/2019 ۾ عدالت اڳ ئي ڳوٺاڻن جي حق ۾ اسٽي آرڊر جاري ڪري چڪي آهي، پر ان جي باوجود روينيو کاتي جا عملدار، تپيدار، ملير انڊسٽريل پارڪ ۽ DHA جا آفيسر پوليس ۽ هيوي مشينري سان گڏ بار بار ڳوٺاڻن کي هراسان ڪري رهيا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته کين ڪوڙا ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون به ڪوششون ڪيون پيون وڃن ان سلسلي ۾ مقامي ماڻهن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته تڪ جو چونڊيل نمائندو MPA ساجد جوکيو پڻ ڳوٺاڻن خلاف عملدارن کي هدايتون ڏئي رهيو آهي ۽ مبينا طور DHA جي حاضر سروس ڪرنل کي چيو آهي ته ڳوٺاڻن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن سماجي ۽ سياسي حلقن چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي بي حرمتي ڳوٺاڻن سان وڏي ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت عدالت جي حڪم تي مڪمل عمل ڪرائي ۽ ڌرتيءَ جي اصل وارثن جا پنهنجا وسيلا ۽ زمينون بچايون وڃن
0 تبصرے