تعليم جي وڌاري لاء سڄاڻ ڌرين طرفان گڏيل طور تي جھدوجھد ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم ايم ڊي ايف طرفان تعليم جي واڌاري، سرڪاري عملدارن ۽ شهري سماج جي نمائندن لاءِ رويو جي تبديلي ۽ صنفي بنيادن تي تشدد جي روڪٿام بابت آگاهي سيشنز جو اهتمام – (PPAF) جي سهڪار سان هلندڙ “سماجي سهولتن جي بحالي ۽ موسمي تبديلي جي مدافعت واري منصوبي” تحت عمرڪوٽ ميئنيجمينٽ ڊولپمينٽ فائونڊيشن (MDF) پاران پاڪستان پوورٽي اليويئيشن فنڊ (PPAF) جي سهڪار سان هلندڙ “سماجي سهولتن جي بحالي ۽ موسمي تبديلي جي مدافعت واري منصوبي” تحت عمرڪوٽ ضلعي ۾ رويو جي تبديلي ۽ صنفي بنيادن تي تشدد (GBV) جي روڪٿام بابت هڪ اثرائتو آگاهي جي حوالي سان سيمينار، سياسي سماجي حلقن، سول سوسائيٽي ۽ گورنمينٽ جي نمائندن، ڳوٺاڻن جي شرڪت، تعليم جي وڌاري لاء سڄاڻ ڌرين طرفان گڏيل طور تي جھدوجھد ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو. خبر موجب عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم طرفان سھڪار سان سيمينار ڪوٺايو ويو جنھن ۾ مھمان خاص طور تعليم جي حوالي سان مقرر ٿيل ڊسٽرڪٽ فوڪل آفيسر ۽ عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل جي وائس چيئرمين ميان خالد ولھاري پڻ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪندي ميان خالد ولھاري چيو ته اھڙا پروگرام ڪرائڻ ھن چيو ته انسانيت کان مٿان ڪابه شئه ناھي انھي ڪري سڀني کي پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گُھرجي انسان ۾ سڀ خوڀيون ھجڻ گُھرجن ۽ ٻي جي درد کي پنھنجو درد سمجھي ڊي او سيڪنڊري مير حسن آريسر چيو ته تعليم جي واڌاري لاء سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ گُھرجي عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيمن جا جيڪي به اسڪول ھلن پيا ۽ ڪارڪردگي رپورٽ جيڪا آھي انھي کي واضع ڪرڻ گُھرجي سماجي تنظيم ايم ڊي ايف جي پروجيڪٽ مئنيجر عالمگير ٻلال چيو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ سماجي تنظيم ايم ڊي ايف ڪافي عرصي کان سماجي ڀلائي جا ڪم ڪري پئي 2022 جي ٻوڏ دوران متاثر ٿيل خاندانن جي مدد ڪئي ويئي آھي اسان صحت جي سھولتن، تعليم جي واڌاري، وڻن جي پوکي، ڳوٺاڻي علائقن ۾ سيمينار ۽ مختلف ڳوٺاڻي عورتن کي مختلف مسئلن کي حل ڪرائڻ جي حوالي سان جاگرتا مھم ھلائي ڪردار ادا ڪيو ويو آھي ۽ اسان جي اڳتي به اھا ڪوشش ھوندي ته اسان ھر ماڻھو کي تڪليفن مان ٻاھر ڪڍي انھن جي مسئلي جي حل ڪرڻ لاء ڪوششون وٺون سماجي اڳواڻن محمد بخش ڪنڀر ۽ عبدالله کوسو چيو ته تعليم جي واڌاري لاء اسان سڀني کي پنھنجو فرض سمجھي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جيڪي به اين جي اوز ڪم ڪن پيون تعليمي سرگرمين بابت انھن کي انتظاميه سان سھڪار ڪري پنھنجي پروگريس رپورٽ پيش ڪرڻ کپي ان موقعي تي سماجي تنظيم اسپارڪ جي مئنيجر سورج مالھي پنھنجي سماجي اداري بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان وٽ بٺن تي ڪم ڪندڙن جي ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ جي حوالي سان 10 سينٽر ھلندڙ آھن جنھن جي پڙھائي ھلي پئي سيمينار جي موقعي تي حيدرآباد کان آيل ٽرينر جينڊر اسپيشلٽ ميڊم سونيا آرسين، عالمگير ٻلال طرفان سيشن جي اڳواڻي ڪندي صنفي بنيادن تي تشدد جي آگاهي، آئيني حقن، مؤثر ريفرل ميڪنزم، ۽ رويو تبديليءَ بابت رابطي جي حڪمتِ عملين تي تفصيلي روشني وڌي سيمينار دوران سماجي حلقن انجنئير گووندا موھن لال رتناڻي، دسرت ڏيپاڙ، عابد، روشن بھراڻي، امام بخش خاصخيلي سميت ٻين شرڪت ڪندي مختلف مامرن تي ڳالھايو
0 تبصرے