سياسي سماجي ڌرين ۽ صحافين غلام مصطفيٰ جهتيال سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) صحافي غلام مصطفي جهتيال سان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيتن جو سلسلو هلندڙ آهي. تفصيل موجب موهن جو دڙو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري صحافي غلام مصطفي جهتيال سان سندس ڀاءُ محمد ابراهيم جهتيال جي لاڏاڻي کان پوءِ سياسي سماجي ۽ صحافين پاران تعزيتن جو سلسلو هلندڙ آهي ان ڏس ۾ ڏوڪري پريس ڪلب جي صدر فدا حسين ابڙو، زبير منگي، اطھر سنديلو، علي اصغر ميمڻ قاضي نياز حسين، قاضي فريد، قاضي سهيل، وحيد رمضان جوڻيجو، سيد جمن شاہ، اطھر ميمڻ ۽ ٻيا موهن جو دڙو ڀرسان مرحوم جي ڳوٺ عالماڻي تڏي تي پهچي صحافي غلام مصطفي جهتيال سان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
0 تبصرے