English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ صحافي عدم تحفظ جو شڪار، فائرنگ ۽ ڦرن جي واقعن تي احتجاج جو اعلان
53 views
|
23rd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير جو هنگامي اجلاس ڪوٺايو ويو، عهديدارن ۽ صحافين جي شرڪت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي شهر صحافين خلاف ڏوهارين جون ڪارروائيون رڪجي نه سگهيون آهن مختلف علائقن ۾ مسلسل صحافين خلاف فائرنگ ۽ ڦر مار جا واقعا جاري آهن جن تي صحافتي حلقن سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي ان سلسلي ملير ۾ نجي ٽي وي جي اينڪر پرسن امتياز مير تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو پر خوش قسمتي سان سندس جان بچي ويئي جڏهن ته عوامي پريس ڪلب ملير ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي ورڪرز) جي ميمبر طارق سهتو پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ قائد پل ڀرسان وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گاڏي کي گهيري ورتو ۽ هٿيارن جي زور تي موبايل فون، نقدي ۽ قيمتي سامان ڦري فرار ٿي ويا۔ساڳي ڏينهن ڊفينس ڀرسان ٻه صحافي بشارت شاهه ۽ جاويد ابدالي به هٿياربندن جي ور چڙهي ويا جن کان هٿيارن جي زور تي موبايل ۽ ٻيا سامان ڦر ڪري ويا۔انهن واقعن بعد عوامي پريس ڪلب ملير جو هنگامي اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ عهديدارن ۽ صحافين ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي اجلاس ۾ چيو ويو ته صحافي اڳ ئي دٻاءُ ۽ خطري هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن، پر هاڻي ڏوهاري به کين نشانو بڻائي رهيا آهن۔ جيڪڏهن فوري طور تحفظاتي قدم نه کنيا ويا ته صحافتي برادري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندي عوامي پريس ڪلب ملير جي عهديدارن اعلان ڪيو آهي ته صحافين تي وڌندڙ حملن ۽ لٽ مار خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو ۽ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ملوث ڏوهارين کي فوري طور گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نقاب پر ہاتھ — آزادی، وقار اور انسانیت پر حملہ
19th Dec 2025
•
سندھ
کے وی ٹی سی کے چیمپیئنز کی نیپال میں8بین الاقوامی تمغوں کے ساتھ کامیابی
18th Dec 2025
•
تازہ ترین
سینئر صحافی مشتاق سرکی کا بھائی آفاق سرکی بازیاب ہو گیا
18th Dec 2025
•
تازہ ترین
آفاق سرکی بازیاب نہ ہوئے، مشتاق سرکی نے حکومت کو 72 گھنٹے کی مہلت دی
19th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نقاب پر ہاتھ — آزادی، وقار اور انسانیت پر حملہ
19th Dec 2025
•
سندھ
کے وی ٹی سی کے چیمپیئنز کی نیپال میں8بین الاقوامی تمغوں کے ساتھ کامیابی
18th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌي ماڻھن جي اميدن جي برخلاف ڪم ڪيو آھي: اياز لطيف پليجو
18th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ويجهو ٺٽ ڳوراهو ۾ مفت اکين جي ڪيمپ قائم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عوامي پريس ڪلب ملير
0 تبصرے