ڪراچي: آءِ بي اي سکر يونيورسٽي ۽ SZABIST وچ ۾ پي آءِ ٽي پي فيز 2 بابت معاهدي تي صحيحون، جديد آئي ٽي تربيتون ۽ عالمي سطح جا موقعا سنڌ جي نوجوانن لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (SZABIST) يونيورسٽي ۽ آءِ بي اي سکر يونيورسٽي وچ ۾ People Information Technology Program (PITP) Phase-II تحت مفاهمت نامي (MoU) جي تجديد ڪرڻ جي تقريب وڏي شان سان SZABIST جي بورڊ روم ۾ جمعي، 19 سيپٽمبر 2025 تي منعقد ڪئي وئي. هي معاهدو خاص طور تي لاڙڪاڻو جي شاگردن لاءِ نئين سکيا جا در کوليندو ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ انهن جي صلاحيتن کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪندو.تقريب جي اهميت ۽ مقصد هن MoU جو بنيادي مقصد سنڌ جي نوجوانن کي تسليم ٿيل آئي ٽي سرٽيفڪيشنز ذريعي عالمي سطح جي مهارتن سان ليس ڪرڻ، ڊجيٽل خواندگي کي وڌائڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ آهي. جديد آئي ٽي ٽريننگ جي ذريعي شاگردن کي نه رڳو مقامي پر عالمي مارڪيٽ ۾ به مقابلي جوڳو بڻائڻ لاءِ مڪمل سهڪار ڏنو ويندو. معاهدي تحت پيش ڪيل پروگرام ۾ مختلف عالمي اهميت رکندڙ آئي ٽي ڪورسز شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ جاوا ۽ پائيٿن ڊولپر، ڊيٽابيس ايڊمنسٽريشن، گرافڪ ڊيزائن ۽ UI/UX، ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ SEO، ويب ۽ موبائيل ايپليڪيشن ڊولپمينٽ، ڊيٽا سائنس، سائبر سيڪيورٽي ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ،سوشل ميڊيا مينيجمينٽ ، انهن ڪورسز جو مقصد آهي ته شاگردن کي مستقبل جي روزگار جي ضرورتن سان مطابقت رکندڙ مهارتون ڏنيون وڃن ۽ انهن کي عالمي آئي ٽي انڊسٽري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي. معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي تقريب ۾ ٻنهي ادارن جي اڳواڻن، فئڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. تقريب جي ميڊيا ڪوريج ۽ فوٽوگرافي پڻ ڪئي وئي. سکر يونيورسٽي جي وچ ۾ ٿيل هي تعاون سنڌ جي شاگردن لاءِ هڪ سنهري موقعو آهي. نه صرف تعليم ۽ تربيت جي نون دورن کي کوليندو پر سنڌ جي نوجوانن کي عالمي سطح تي پنهنجو مقام ٺاهڻ لاءِ به مضبوط بنياد فراهم ڪندو
0 تبصرے