سنڌ حڪومت طرفان مريض جي علاج لاءِ 55 لک رپيا منظور

وڏي وزير خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍو جي سفارش تي رقم جي منظوري ڏني

سنڌ حڪومت طرفان مريض جي علاج لاءِ 55 لک رپيا منظور

عمرڪوٽ/ڪراچي (ڪانجي مل رکيسر) سنڌ حڪومت آغا خان اسپتال لاءِ 55 لک رپين جي رقم جاري ڪئي آهي، جيڪا مريض مدن لال سوٽهڙ جي علاج تي خرچ ڪئي ويندي، هي رقم معزز سنڌ جي وڏي وزير جي منظوري کان پوءِ جاري ڪئي ويئي، خبر موجب، انساني حقن کاتي لاءِ وڏي وزير جي خاص مددگار راجوير سنگھ سوڍو جي سفارش ۽ خط تي وڏي وزير سنڌ پاران منظوري ڏني ويئي، سنڌ حڪومت طرفان صحت جي شعبي ۾ هي قدم مريضن لاءِ وڏي سهائتا قرار ڏنو پيو وڃي.