English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ خانگي ڪمپني ورهين کان ڊيوٽي ڪندڙ 19 پڪن ملازمن کي ڪڍي ڇڏيو
views
|
09th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
برطرف ملازمن ڪمپني انتظاميه خلاف رزاق آباد ۾ قومي شاهراهه کان عوامي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)خانگي ڪمپني ۾ پندرهن سالن کان ڪم ڪندڙ 19پڪا ملازمن بنا جواز نوڪرين مان خارج،ملازمن جو ڪمپني انتظاميا خلاف رزاق آباد ۾ قومي شاهراھ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين احتجاجي ريلي،مظاهرو ۽ ڌرڻُو،روزگار تي بحال ڪرڻ جو مطالبو ،ڪمپني مالڪ مداخلت ڪري غيرقانوني بيدخلي ختم ڪرائي جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر ملازمت تي بحال نه ڪيو ويو ته ڪمپني گيٽ اڳيان سوين ملازمن سان گڏجي ڌرڻو هڻنداسين اڳواڻن طرفان اعلان تفصيل موجب بن قاسم صنعتي علائقي ۾ موجود خانگي ڪمپني ۾ پندرهن سالن کان ڪم ڪندڙ 19پڪن ملازمن کي انتظاميا بنا ڪنهن جواز جي نوڪرين مان خارج ڪري سندن لاءِ گيٽ بند ڪري ڇڏيو آهي اهڙي عمل خلاف ملازمن صدرالدين سولنگي،برڪت علي سولنگي،ممتاز مستوئي،عبدالحڪيم،بخت ولي جي اڳواڻي ۾ نيشنل فوڊ ڪمپني انتظاميا خلاف رزاق آباد ۾ قومي شاهراھ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻُو هنيو احتجاج ڪندڙ ملازمن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا ۽ هو نيشنل فوڊ ڪمپني ۾ روزگار تي بحال ڪريو،ملازمن جون بي دخليون بند ڪريو جا نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي ملازمن جو چوڻ هو ته نيشنل فوڊ ڪمپني مالڪ ڪجھ آفيسرن جي ظلم خلاف مادخلت ڪري اسان پندرهن سالن کان ڪم ڪندڙ پڪن ملازمن جي غيرقانوني بيدخلي ختم ڪرائي هنن چيو ته ٻه مهينا اڳ تعصبي ۽ ملازم دشمن آفيسرن اوچتو اسان کي هيڊ آفيس موڪليو جتي اسان اڳيان استعفائن جا ڪاغز رکي زوري صحيحون وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن کان اسان ناڪر ڪيو ۽ پنهنجو ڏوھ پڇيو اسان جون پگهارونروڪي گيٽ کان بند ڪيو ويو آهي اسان مسلسل احٽجاج ڪري در بدر ٿي رهيا آهيون بيروزگاري ۽ پگهارن جي بندش ڪري گهرن ۾ فاڪاشي جهڙِ صورتحال آهي هنن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر ملازمت تي بحال نه ڪيو ويو ته نيشنل فوڊ ڪمپني گيٽ اڳيان سوين ملازمن سان گڏجي ڌرڻو هڻندا سين یگ
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نيشنل فوڊ ڪمپني
ملير
0 تبصرے