سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم جي صدر کي عهدي تان هٽايو ويو

موجوده صدر غلام شبير عباسي کي عهدي تان هٽايو ويو آهي: ممتاز علي عباسي

سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم جي صدر کي عهدي تان هٽايو ويو

ڏوڪري(رپورٽر) سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم جي چيئرمين سگهڙ ممتاز علي عباسي، فقير روشن علي ڪوري، غلام رسول مڱريو ۽ منظور سوهو پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو آهي ته سنڌ جي سگهڙن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي موجوده صدر غلام شبير عباسي کي سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته لطيف سرڪار جي ميلي کان پوءِ تنظيم جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري لاءِ نيون چونڊون ڪرايون وينديون. هنن چيو ته سنڌ جا سگهڙ مختلف ضلعن ۾ پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن، جيڪي قابلِ احترام آهن، ۽ اسين انهن جا ٿورائتا آهيون. شاهنواز لائبريري جي ڊائريڪٽر شمس ڪلهوڙو سان به رابطو ٿيو آهي، جن يقين ڏياريو آهي ته مستقبل ۾ سگهڙن سان ڪا به ناانصافي نه ٿيندي، ۽ لطيف سرڪار جي ميلي ۾ انهن جي ڀرپور نمائندگي ٿيندي. هنن سنڌ جي سمورن سگهڙن کي اپيل ڪئي ته لطيف سرڪار جي ميلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. پاڻ به سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم جي پليٽ فارم تان ميلي ۾ شرڪت ڪندا. سگهڙن الزام لڳايو ته ثقافت کاتي جي ميلي لاءِ تيار ڪيل فهرست مان سينيئر سگهڙن جا نالا خارج ڪيا ويا، جن ۾ فقير روشن علي ڪوري، غلام رسول مڱريو، علي حيدر عباسي، محمد جمن ابڙو، ۽ جوئنير محمد ملوڪ عباسي شامل آهن. هنن چيو ته ان عمل جي پويان موجوده صدر غلام شبير عباسي جو هٿ آهي، جنهن سينيئر سگهڙن جا نالا خارج ڪرائي پنهنجن من پسند ماڻهن کي شامل ڪرايو. هنن چيو ته ته ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ سگهڙن کي پنج هزار روپيا سفري خرچ طور ڏنا وڃن. فقير روشن علي ڪوري کي ايوارڊ لاءِ نظرانداز ڪرڻ تي به سخت اعتراض ڪيو ويو. هن سلسلي ۾ سئسي پليجو سان ملاقات ڪري فقير روشن جو نالو ٻيهر شامل ڪرايو ويو، پر ايوارڊ ڪاميٽي پاران وري ڪٽيو ويو. هنن مطالبو ڪندي چيو ته صاحبِ ڪتاب سگهڙن کي ايوارڊ تقريب ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ايوارڊ ڪاميٽي سميت ٻين ڪاميٽين ۾ سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم جي ميمبرن کي نمائندگي ڏني وڃي.