وفد جي اڳواڻي پريس ڪلب جو صدر بلاول سمون ڪري رهيو هو، محمد عمر سرائي، شبير مانجهند ۽ ٻيا به شامل هئا
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي وفد صدر بلاول سمون جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي ڊي ايس پي سٽي وحيد لاڙڪ سان سندن آفيس ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران ضلعي ٺٽي ۾ امن امان جي صورتحال، وڌندڙ چوري ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ لاء بندوبست جوڳا اپاءَ وٺڻ سميت منشيات خلاف پوليس پاران هلندڙ مهم جي ساراه ڪئي ۽ صحافين جي وفد ايس ايس پي ٺٽو جي ڪارڪردگيءَ جي ساراه ڪئي ۽ ٺٽو پوليس کي سماجي براين جي خاتمي لا۽ هر سطح تي سهڪار جي يقين دياني ڪرائي جڏهن تهايس ايس پي ٺٽو به عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي پروفيشنل صحافتي وفد طرفان پوليس کاتي سان سهڪار، مثبت ۽ مؤثر ميڊيا ڪوريج تي سندن ٿورو مڃيو ۽ صحافت جي ذميوار رويي کي ساراهيو.وفد ۾ پريس ڪلب جي جنرل سڪريٽري محمد عمر سرائي، شبير مانجهند، پريس نائب صدر عبيد جماري، سنئير ميمبر اي بي شورو، نقاش مسيح، ڪامريڊ زاھد، راجا ميمڻ، ريحان مانجهند، سجاد خشڪ سميت ٻيا شامل هئا.
0 تبصرے