قرباني، فخر ۽ فرض جو ڏينهن خالقِ ڪائنات انسان کي پيدا ڪري اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هيءَ فاني دنيا انسان جي هميشه لاءِ رهڻ جي جاءِ نه آهي، آخرڪار کيس واپس وڃڻو آهي.موت جو مطلب آهي هجرت – يعني فاني دنيا ڇڏڻ ۽ حقيقي دنيا ڏانهن روانو ٿيڻ، پوءِ ڀلي اها هجرت انسان پنهنجي پسند سان ڪري يا ناپسنديدگيءَ سان، پر موت کي هر حال ۾ قبول ڪرڻو ئي پوندو.الله پاڪ خوشخبري به ڏني آهي ته نيڪ انسانن لاءِ جنت آهي ۽ گنهگارن لاءِ دوزخ. نیڪيءَ جو سڀ کان اعليٰ ۽ افضل درجو شهادت کي قرار ڏنو ويو آهي. شهادت عربي لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي گواهي ڏيڻ.
قرآن پاڪ شهيد جي موت جي وڏي خوبصورتيءَ سان تشريح ڪئي آهي:۽ جيڪي الله جي راهه ۾ شهيد ٿيا آهن، تن کي مردو نه چئو، بلڪه هو زندهه آهن، پر توهان کي شعور ناهي." الله جي راهه ڪهڙي آهي؟ اها راهه، جنهن ۾ انسان پنهنجي جان قربان ڪري، شهادت جو درجو حاصل ڪري، ته جيئن خالقِ ڪائنات جي انعامن جو حقدار بڻجي.الله جي دين، ايمان جي حفاظت، ملڪ، قوم ۽ عوام جي خدمت جي راهه ۾ پنهنجي جان قربان ڪندڙ کي شهيد سڏجي ٿو.پوليس جا آفيسر ۽ جوان به حب الوطني جذبي هيٺ، قوم جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ پنهنجون قيمتي جانيون قربان ڪري، شهادت جو اعليٰ درجو حاصل ڪن ٿا. اهڙا ماڻهو قومي هيرو آهن، قوم جي سِر جو تاج آهن.قومي فرضن جي ادا ڪرڻ دوران شهادت فقط ذاتي قرباني نه پر سموري قوم لاءِ فخر جو سبب ۽ هميشه جي لاءِ زنده رهڻ واري جذبي جو نالو شهادت آهي.قانون جي عملداري، امن امان جي قيام، شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ، خلوص ۽ ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏيندي، دهشتگردن، ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين سان وڙهندي، جيڪي جوان پنهنجي جان قربان ڪن ٿا، سي شهيد سڏجن ٿا.شهادت جي اهميت انهيءَ مان به واضح آهي ته هي رتبو صرف دنيا ۾ عزت جو باعث ناهي، پر آخرت ۾ جنت جو وعدو به رکي ٿو. شهيد جي رت جو هڪ ڦڙو به سموري قوم لاءِ بيداري، قرباني، حوصلي ۽ اتحاد جو سبب بڻجي ٿو.سڄي قوم 4 آگسٽ تي يومِ شهداء پوليس عقيدت ۽ احترام سان ملهائی ٿي، ان ڏينهن انهن بهادر جوانن کي ياد ڪيو وڃي ٿو، جن ملڪ جي سلامتي، امن امان ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پنهنجي حياتي قربان ڪئي.ان ڏينهن جي مناسبت سان ملڪ جي ٻين حصن وانگر سنڌ پوليس به پنهنجن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هر ضلعي ۽ ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۾ تقريبون منعقد ڪري ٿي.
پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن پاران شهيدن جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهيون وڃن ٿيون، انهن جي قبرن تي حاضري ڏئي سلامی ڏين ٿا ء دعائون گھرن ٿا.شهيدن جي خاندانن جي قرباني به وسارڻ جي قابل نه آهي. ان ڏينهن تي شهيدن جي وارثن کي به خراجِ تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو.يومِ شهداء پوليس ملهائڻ جو مقصد صرف انهن قربانين کي ياد رکڻ نه آهي، پر سڄي قوم کي اهو پيغام ڏيڻ به آهي ته،امن، تحفظ ۽ خوشحالي انهن شهيدن جي ئی بدولت آهي. اسان کي سندن جي مشن کي جاري رکڻو آهي، قانون جو احترام ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي معاشري کي پرامن بڻائڻو آهي.
0 تبصرے