ڪارروائين دوران شهزادو آمڙو، عبدالمجيد آمڙو، منظور سسيو ۽ مير محمد چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو: پوليس
سجاول.(رپورٽر.)ضلع سجاول پوليس جا ڏوهارين گھٽڪو/منشيات فروشن خلاف ڪاروايون جاري. لسٽيڊ a ڪيٽيگري منشيات فروش سميت 4 ڏوهاري گرفتار 1255 گرام چرس 3000 پاڪيٽ مائو. هڪ ڊبل بيرل بندوق ۽ هڪ ڪارتوسي پستول ڪارتوسن سميت هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب. آئي جي پي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آئي جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي هدايتن جي روشني ۾ ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي حڪم تي ضلع جي مختلف ٿاڻن ۾ لسٽيڊ منشيات/گھٽڪا فروشن ۽ ڏوھارين خلاف ڪاروايون جو سلسلو جاري. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي جون گشت دوران ٻه جدا جدا ڪامياب ڪاروايون. 1.بٺورو روڊ گهوٽارو موري ويجھو ڏوهاري شھزاد آمڙو کي غير قانوني هڪ ڊبل بيرل بندوق 3 عدد ڪارتوسن سميت گرفتار ڪري ورتو .گرفتار ڏوهاري خلاف غير قانوني اسلحہ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. 2.چوهڙ روڊ سمان گولائي ويجھو ڏوهاري عبدالمجيد آمڙو کي غير قانوني هڪ ڪارتوسي پستول 2 ڪارتوسن سميت گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڏوهاري خلاف غير قانوني اسلحہ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او چوھڙجمالي عبدالحفيظ ڳمڀير گشت دوران کانٽو موري ويجھو ڪامياب ڪارروائي گھٽڪو مائو سپلائير ڏوهاري منظور احمد سسيو کي 3000 پاڪيٽ گھٽڪو مائو ۽ هڪ لوڊر رڪشو سميت گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته 2 فرار ٿي ويا. گرفتار ڏوهاري خلاف گھٽڪو ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.ايس ايڇ او بٺورو بشير احمد چانڊيو مخفي اطلاع تي درگاھ شيخ لڌو ڪاروائي لسٽيڊ a.ڪيٽيگري منشيات فروش ڏوهاري مير محمد چانڊيو کي 1255 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ڏوهاري خلاف بٺوري ٿاڻي تي نارڪو ٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو
0 تبصرے