ملير: اسٽريٽ ڪرائمز ۾ ملوث 3جوابدار گرفتار

احسن عبدالرحمان ۽ فاهد کي گرفتار ڪري ورتو آهي: پوليس

ملير: اسٽريٽ ڪرائمز ۾ ملوث 3جوابدار گرفتار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي اسٽريٽ ڪرائمز ۽ موٽرسائيڪل چوري جي وارداتن ۾ گهربل ٽن هٿياربند جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس مطابق گشت دوران مشڪوڪ موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هنن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي کين گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ احسن،عبدالرحمان ۽ فاهد طور ڪئي وئي آهي، جيڪي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هٿيارن جي زور تي ماڻهن کان موٽرسائيڪلون ۽ قيمتي سامان ڦر ڪندا هئا. پوليس موجب، جوابدارن ابتدائي جاچ دوران ڪيترين ئي وارداتن جو انڪشاف ڪيو آهي. سندن قبضي مان ٽي چوري ٿيل موٽرسائيڪلون، ٻه پسٽل، گوليون ۽ نقد رقم هٿ ڪئي وئي آهي.برآمد ٿيل موٽرسائيڪلون اسٽيل ٽائون ۽ لانڍي ٿاڻن جي حدن مان چوري ٿيل هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جو وڌيڪ ڪريمئنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي