دعوتِ اسلامي جي شعبي ايف جي آر ايف جي اهتمام هيٺ عمرڪوٽ ۾ وڻڪاري مهم جي شروعات

وڻڪاري مهم سڄو مهينو جاري رهندي، جنهن دوران مختلف هنڌن تي وڻ لڳايا ويندا: نظام الدين عطاري

دعوتِ اسلامي جي شعبي ايف جي آر ايف جي اهتمام هيٺ عمرڪوٽ ۾ وڻڪاري مهم جي شروعات

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) دعوتِ اسلامي جي شعبي فيضان گلوبل رليف فائونڊيشن (ايف جي آر ايف) جي طرفان 1 آگسٽ 2025ع کان عمرڪوٽ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ شجرڪاري مهم جو باقاعدي آغاز ڪيو ويو، هيءَ مهم سڄي مهيني جاري رهندي، جنهن دوران مختلف هنڌن تي وڻ لڳايا ويندا، هن مهم جي قيادت ايف جي آر ايف ڊسٽرڪٽ ذميوار نظام الدين عطاري، عمرڪوٽ جي نگران نظام عطاري، حاجي عمرالدين عطاري، جمشيد عطاري ۽ ايف جي آر ايف عمرڪوٽ جي ٽيم ڪئي، ان سان گڏ مدرستہ المدينه جي استادن ۽ شاگردن به ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجي هٿن سان وڻ لڳايا، ياد رهي ته دعوتِ اسلامي جي باني، اميرِ اهلِ سنت حضرت مولانا محمد الياس عطار قادري دامت برڪاتهُم العالِيَه هن مهم لاءِ خاص پيغام ڏيندي چيو هو ته ٻوٽو لڳائڻو آهي، وڻ ٺاهڻو آهي، ان نيڪ مقصد سان دعوتِ اسلامي جا وابسته ۽ رضاڪار سرگرم عمل آهن، ايف جي آر ايف نه فقط پاڪستان پر پوري دنيا جي مختلف حصن ۾ انسانيت جي خدمت جي جذبي سان ڪم ڪري رهيو آهي، هي ادارو غزه، فلسطين سميت ڪيترن ئي متاثر علائقن ۾ رليف سرگرمين، في سبيل الله مسجدن جي تعمير، پاڻي جا ثمر پمپ لڳائڻ ۽ ٻين فلاحي ڪمن ۾ به اڳڀرو آهي، عمرڪوٽ ۾ هر سال وانگر هن سال به شجرڪاري مهم جو شاندار آغاز ڪيو ويو، جنهن جو مقصد ماحول کي سر سبز بڻائڻ، موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ ماڻهن ۾ شجرڪاريءَ جو شعور پيدا ڪرڻ آهي، ذميوارن جو چوڻ هو ته ان شاءَ الله هيءَ مهم سڄي مهيني جاري رهندي، ۽ هزارين وڻ لڳايا ويندا ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ بهتر ماحول مهيا ڪري سگهجي.